YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 48

48
1اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ. 2ڇالاءِ جو اهي پاڻ کي پاڪ شهر جا سڏين ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکن ٿا؛ جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي. 3مون قديم وقت کان وٺي اڳوڻيون ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؛ هائو، اهي منهنجي وات مان نڪتيون ۽ مون اهي ظاهر ڪيون: مون اوچتو اهي ڪيون ۽ اهي پوريون ٿيون. 4ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تون ضدي آهين، تنهنجي ڳچيءَ جون نسون لوهہ جون آهن، ۽ تنهنجي پيشاني پتل جي آهي. 5تنهن ڪري مون قديم وقت کان توکي اهو ٻڌايو آهي؛ انهي جي پوري ٿيڻ کان مون توکي اڳي ڏيکاريو آهي: تہ متان تون چوين تہ منهنجي معبود اُهي ڪم ڪيا آهن، ۽ منهنجي اُڪريل مورت ۽ منهنجي پلٽيل مورت جي حڪم سان اهي ڪم ٿيا آهن. 6تو اهو ٻڌو آهي؛ هاڻي اهو سڀ ڏس، هاڻي اوهين انهي جو بيان نہ ڪندا ڇا؟ هاڻي آءٌ توکي نيون ۽ پوشيدہ شيون ڏيکاريان ٿو، جن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي. 7اهي هاڻي پيدا ڪيون ويون آهن، قديم وقت کان نہ آهن، بلڪ اڄ کان اڳي تو انهن جو ذڪر بہ نہ ٻڌو هو؛ تہ متان تون چوين تہ ڏس، انهن جي مون کي اڳيئي خبر هئي. 8هائو، تو نہ ٻڌو؛ هائو تو نہ ڄاتو؛ هائو، قديم وقت کان تنهنجا ڪن کليل نہ هئا: ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تنهنجي هلت تمام دغابازيءَ جي آهي، ۽ ماءُ جي پيٽان تون گنهگار ٿو سڏجين. 9پنهنجي نالي جي خاطر آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ دير ڪندس، ۽ پنهنجي تعريف جي خاطر آءٌ توکان مڙندس، تہ توکي تباهہ نہ ڪريان. 10ڏس، مون توکي صاف ڪيو آهي، پر چانديءَ وانگي نہ؛ مون توکي مصيبت جي کوري ۾ نہ آزمايو آهي. 11پنهنجي خاطر، خود پنهنجي خاطر آءٌ ائين ڪندس؛ ڇالاءِ منهنجو نالو ناپاڪ ٿئي؟ ۽ آءٌ پنهنجو جلال ٻئي ڪنهن کي نہ ڏيندس.
12اي يعقوب، اي اسرائيل جنهن کي مون سڏيو آهي، منهنجي ڳالهہ ٻڌ: آءٌ اُهو آهيان؛ آءٌ اول آهيان ۽ آءٌ آخر بہ آهيان. 13هائو، منهنجي هٿ زمين جو بنياد وڌو آهي، ۽ منهنجي ساڄي هٿ آسمانن کي پکيڙيو آهي: جڏهن آءٌ هن کي سڏيان ٿو تڏهن اهي گڏ ٿي بيهن ٿا. 14اوهين سڀ گڏ ٿيو ۽ ٻڌو؛ انهن مان ڪنهن اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن؟ جنهن کي خداوند پيار ڪيو آهي، سو ئي بابل تي هن جي مرضي پوري ڪندو، ۽ انهي جي ٻانهن ڪسدين تي غالب پوندي. 15مون، هائو، مون ڳالهايو آهي؛ مون هن کي سڏيو آهي: مون هن کي آندو آهي، ۽ هو پنهنجو رستو سجايو ڪندو. 16اوهين منهنجي ويجهو اچو، اوهين هي ٻڌو؛ شروعات کان وٺي مون ڳجهہ ڳوهہ ۾ نہ ڳالهايو؛ جنهن وقت کان وٺي اهو هو، تنهن وقت کان آءٌ اتي آهيان: هاڻي خداوند خدا مون کي ۽ پنهنجي روح کي موڪليو آهي. 17خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي. 18شل تون منهنجا حڪم ٻڌين ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر تنهنجي سلامتي نديءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي راستبازي سمنڊ جي لهرن وانگي. 19تنهنجو اولاد واريءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي پيٽ جو اولاد ان جي ذرن جيترو: انهي جو نالو منهنجي اڳيان تباهہ نہ ٿئي ها، نڪي برباد ٿئي ها.
20اوهين بابل مان نڪرو، ڪسدين مان ڀڄي نڪرو؛ ڳائڻ جي آواز سان اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو، زمين جي ڇيڙي تائين بيان ڪري ٻڌايو: اوهين چئو تہ خداوند پنهنجي بندي يعقوب کي ڇڏايو آهي. 21جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو. 22خداوند فرمائي ٿو تہ شريرن جي لاءِ سلامتي ڪانهي.

Currently Selected:

يسعياہ 48: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in