YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 47

47
1اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ. 2جنڊ کڻي ويهي اَن پيهہ: پنهنجو نقاب لاهي ڇڏ؛ گهاگهرو ويڙهي ٽَنگ اُگهاڙي ڪري ندين مان لنگهي وڃ. 3تنهنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي: آءٌ وير وٺندس، ۽ ڪوبہ ماڻهو قبول نہ ڪندس. 4اسان جي عيوضي ڏيندڙ جو نالو، لشڪرن جو خداوند، ۽ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي. 5اي ڪسدين جي ڌيءَ تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي بادشاهتن جي بيگم نہ سڏبينءَ. 6آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي. 7۽ تو چيو تہ آءٌ هميشہ لاءِ بيگم ٿي رهنديس: جنهن ڪري تو اهي ڳالهيون دل تي نہ رکيون ۽ نہ تو انهن جي پڇاڙي ياد ڪئي.
8تنهن ڪري هاڻي هي ٻڌ، تون جا عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ بيوہ ٿي ڪانہ ويهنديس، نڪو منهنجا ٻار مرندا: 9پر اهي ٻئي ڳالهيون يعني ٻارن جو نقصان ۽ ڏهاڳ، تو تي هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون: تنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز تعويذن هوندي بہ اهي پوري زور سان توتي اينديون. 10ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 11تنهن ڪري توتي آفت ايندي؛ ۽ توکي خبر ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي جادوءَ سان انهيءَ کي هٽايان: مصيبت توتي اچي ڪڙڪندي؛ ۽ تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگهندينءَ: ويراني اوچتو تنهنجي مٿان اچي پوندي، جنهن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي. 12هاڻي تون پنهنجي گهڻين جادوگرين ۽ بي انداز منترن سان اُٿي بيهہ، جن جي تو ننڍپڻ کان مشق پئي ڪئي آهي؛ شايد توکي فائدو رسي، شايد تون غالب پوين. 13تون پنهنجين گهڻين مصلحتن منجهہ ٿڪجي پيئي آهين: ڀلي تہ هاڻي نجومي، تارا ڏسندڙ، ۽ ماهواري فالون ويجهندڙ اُٿي بيهن، ۽ جيڪي ڳالهيون توتي اچڻيون آهن، تن کان توکي بچائين. 14ڏس، اهي بُهہ جهڙا ٿيندا؛ باهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندي؛ اهي باهہ جي زور کان پاڻ کي ڇڏائي نہ سگهندا: اهي اهڙا ٽانڊا نہ هوندا، جن تي پاڻ کي سيڪجي، نڪي اهڙي باهہ هوندين جنهن جي اڳيان ويهجي. 15جن ڳالهين لاءِ تو محنت ڪئي آهي سي تنهنجي لاءِ اهڙيون ٿينديون: جن سان تو ننڍپڻ کان واپار پئي ڪيو آهي تن مان هرڪو پنهنجي جاءِ تي هليو ويندو؛ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.

Currently Selected:

يسعياہ 47: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in