يسعياہ 23
23
1صور بابت ڪلام.
اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي. 2اي ٻيٽ جا رهندڙ، جنهن کي صيدا جي سوداگرن، جي سمنڊ پار لنگهي وڃن ٿا، تن ڀري ڇڏيو آهي، ماٺ ڪري ويهو. 3۽ وڏن پاڻين تي سيحور جو اَن ۽ نيل نديءَ جو فصل، اُن جي آمدني هئي؛ ۽ هو قومن جي واپار جو هنڌ هو. 4اي صيدا، تون شرمندو ٿيءُ: ڇالاءِ جو سمنڊ، يعني سمنڊ جي مضبوط قلعي، ڳالهايو آهي، ۽ چيو اٿس تہ نہ مون کي سور ٿيا نہ مون ڪي ڄڻيو، ۽ نہ مون جوان مڙس نپايا، ۽ نہ مون ڪنواريون ڇوڪريون پالي وڏيون ڪيون. 5جڏهن اها خبر مصر ۾ ايندي تڏهن صور جو احوال ٻڌي هنن کي ڏاڍو درد ٿيندو. 6اوهين لنگهي ترسيس ڏي وڃو؛ اي ٻيٽ ۾ رهندڙ، اوهين دانهون ڪريو. 7اوهان جو خوشيءَ ڀريو شهر اهو آهي ڇا، جو قديم زماني کان قائم آهي، جنهن جا پير کيس پرديس ۾ رهڻ لاءِ پري پري وٺي ويا؟ 8ڪنهن صور جي برخلاف هيءَ رٿ رٿي آهي، جو اعليٰ درجي جو شهر آهي، جنهن جا سوداگر شهزادا آهن، جنهن جا واپاري زمين جا معزز ماڻهو آهن؟ 9لشڪرن جي خداوند اها رٿ رٿي آهي، انهي لاءِ تہ ساري شان شوڪت جي مغروريءَ کي چٽ ڪري ۽ زمين جي سڀني عزت وارن کي ذليل ڪري. 10اي ترسيس جي ڌيءَ، تون نيل نديءَ وانگي پنهنجي زمين مان لنگهي وڃ، اڳتي تنهنجي چوڌاري ڪو بند ٻڌل ڪونهي. 11هن پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهيريو آهي. هن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو آهي: خداوند ڪنعان جي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي تہ انهيءَ جا مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏجن. 12۽ هن چيو تہ اي صيدا جي مظلوم ڪنواري ڌيءَ، تون وري اڳتي خوش نہ رهندينءَ: اُٿ، لنگهي ڪتيم ڏي وڃ؛ پر اتي بہ توکي آرام نہ ملندو. 13ڪسدين جي زمين ڏس هيءَ قوم نابود ٿي وئي؛ اسورين انهيءَ کي جهنگ جي مرن لاءِ مقرر ڪيو آهي: هنن پنهنجا ٺلهہ کڙا ڪيا، پر هنن محلاتون ڪيرائي وڌيون: هن انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو. 14اي ترسيس جا جهازو، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهان جو مضبوط قلعو ويران ڪيو ويو آهي. 15۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪنهن بادشاهہ جي ڏينهن جهڙن ستر سالن تائين صور وساريو ويندو: ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ صور جو اهڙو حال ٿيندو جهڙو ڪڃريءَ جي راڳ جو آهي. 16اي ڪڃري، تون جا وساري وئي آهين، سا هڪڙو بربط کڻي شهر ۾ گهم ڦر؛ مٺو آلاپ ڪڍي گهڻا راڳ ڳاءِ، تہ توکي ياد ڪن. 17۽ ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيندو تہ خداوند صور جي خبر لهڻ ايندو، ۽ هوءَ پنهنجي خرچي ڪڍڻ لاءِ موٽندي، ۽ زمين جي سطح تي جيڪي دنيا جون بادشاهتون آهن تن سڀني سان هوءَ زناڪاري ڪندي. 18۽ هن جو سوداگري مال، ۽ هن جو اُجورو خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندو: اهو ميڙي گڏ ڪري رکڻ ۾ نہ ايندو؛ ڇالاءِ جو هن جو سوداگري مال انهن جي لاءِ ٿيندو جي خداوند جي اڳيان ٿا رهن، تہ هو ڍءُ ڪري کائين، ۽ شاهاڻي پوشاڪ ڍڪين.
Currently Selected:
يسعياہ 23: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.