يسعياہ 24
24
1ڏسو، خداوند زمين خالي ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ويران ٿو ڪري، ۽ اُٿلائي اونڌو ٿو ڪريس، ۽ ان جي رهاڪن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏي ٿو. 2۽ جهڙو ماڻهن جو حال ٿيندو تهڙو ڪاهن جو؛ جهڙو نوڪر جو تهڙو ڌڻيءَ جو؛ جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سانئڻ جو؛ جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو؛ جهڙو اُڌاري ڏيندڙ جو تهڙو اُڌاري وٺندڙ جو؛ جهڙو وياج وٺندڙ جو تهڙو وياج ڏيندڙ جو. 3زمين بلڪل خالي ٿي ويندي ۽ بلڪل لٽجي ڦرجي وڃي ٿي، ڇالاءِ جو خدا اهڙو ڪلام ڪيو آهي. 4زمين ماتم ڪري ٿي ۽ ڪومائجي وڃي ٿي، دنيا ملول ٿئي ٿي ۽ ڪومائجي وڃي ٿي، ۽ زمين جا اعليٰ درجي وارا ماڻهو زبون ٿين ٿا. 5زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن. 6تنهن ڪري لعنت زمين کي ڳهي وئي آهي، ۽ جيڪي ان تي رهن ٿا سي ڏوهاري سمجهيا ويا آهن: انهيءَ ڪري زمين جا رهاڪو سڙي ويا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن. 7نئون شراب غمگين آهي، ڊاک جو منهہ ملول آهي، سڀ خوشدل ماڻهو ٿڌا ساهہ کڻن ٿا. 8ڍولڪن جي خوشي بند ٿئي ٿي، خوشي ڪندڙ جو آواز پورو ٿئي ٿو، ۽ بربط جي خوشي بند ٿئي ٿي. 9هو راڳ سان شراب نہ پيئندا؛ نشي پيئڻ وارن کي نشو ڪَڙو لڳندو. 10وڏو شهر ڀڄي ڪري پيو آهي: سڀ گهر بند ٿي ويا آهن، تہ ڪوبہ ماڻهو اندر نہ اچي. 11شراب جي ڪري گهٽين ۾ رڙ مچي وئي آهي؛ سڀ خوشي اوندهہ ٿي وئي آهي، زمين جي سرهائي گم ٿي وئي آهي. 12شهر ۾ ويراني وڃي بچي آهي، ۽ دروازو ڀڄي ناس ٿي ويو آهي. 13ڇالاءِ جو زمين جي وچ ۾ قومن جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڇنڊڻ کان پوءِ زيتون جو وڻ جو، يا جهڙو ڊاک چوندي گڏ ڪرڻ کان پوءِ منهہ جو. 14اُهي وڏو آواز ڪندا، هو رڙيون ڪندا؛ خداوند جي جلال لاءِ هو سمنڊ کان وڏي سڏ پڪاريندا. 15تنهن ڪري اوهين اُڀرندي ۾ خداوند جي، بلڪ سمنڊ جي ٻيٽن ۾ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي جي وڏائي بيان ڪريو.
16زمين جي تمام پرانهين ڀاڱي کان اسان راڳ ٻڌا آهن، سچي جي لاءِ وڏائي آهي. پر مون چيو تہ آءٌ ڳرندو وڃان، آءٌ ڳرندو وڃان، افسوس آهي منهنجي حال تي! دغابازي ڪندڙن دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، هائو، دغابازي ڪندڙن تمام دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي. 17اي زمين جا رهاڪو ڊپ ۽ پاتال ۽ ڦانڌو توتي آهن. 18۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ڊپ جي آواز کان ڀڄندو سو پاتال ۾ پوندو؛ ۽ جيڪو پاتال منجهان نڪري ٻاهر ايندو سو ڦندي ۾ ڦاسايو ويندو: ڇالاءِ جو مٿان جون دريون کليون آهن، ۽ زمين جا بنياد لڏن ٿا. 19زمين بلڪل ڀڄي پئي آهي، زمين اصل زبون ٿي وئي آهي، زمين تمام گهڻي ڏڪي وئي آهي. 20زمين نشئي ماڻهوءَ وانگي آٿڙندي، ۽ ڀُنگيءَ وانگي هيڏي هوڏي لڏندي ۽ ان جو گناهہ مٿس ڳرو ٿيندو، ۽ اها اهڙي ڪرندي جو وري نہ اُٿندي.
21۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو. 22۽ هو ائين گڏ ڪيا ويندا جيئن قيدي بهري ۾ گڏ ڪبا آهن، ۽ قيدخاني ۾ بند ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهن جي خبر لهندا. 23انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.
Currently Selected:
يسعياہ 24: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.