يسعياہ 22
22
1رويا واري واديءَ بابت ڪلام.
هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟ 2اڙي تون جا رڙين سان ڀريل، ۽ گوڙ وارو شهر، ۽ خوشي ڪندڙ شهر آهين؛ تنهنجا ڪُٺل ترار سان ڪُٺل ناهن نڪي اهي جنگ ۾ مئا آهن. 3تنهنجا سڀ حاڪم ڀڄي هليا ويا ۽ انهن کي تيراندازن کڻي قيد ڪيو: تنهنجا جيڪي بہ ماڻهو لڌا سي سڀ گڏ ٻڌا ويا، اهي تمام پري ڀڄي ويا. 4تنهن ڪري مون چيو تہ مون ڏي نہ نهاريو؛ آءٌ زار زار رئندس. مون کي پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي لٽجڻ ڪري تسلي ڏيڻ لاءِ تڪليف نہ ڪريو. 5ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جي خدا وٽان رويا واريءَ وادي ۾ بي آرامي، ۽ موت، ۽ مونجهاري، ڀتين جي ڀڃڻ، ۽ جبلن تائين رڙين ڪرڻ جو هي ڏينهن آهي. 6ڇالاءِ جو عيلام جو جنگي رٿن ۽ گهوڙيسوارن سان تيرن جي بٿي کنئي؛ ۽ قير سپر جو پوش لاٿو. 7۽ هيئن ٿيو تہ تنهنجون تمام عمديون واديون جنگي گاڏين سان ڀريل هيون، ۽ گهوڙيسوار در تي قطار ٻڌي بيهي ويا. 8۽ هو يهوداہ جو ڍڪ کڻي ويو؛ ۽ انهيءَ ڏينهن تو ٻيلي واري گهر ۾ سلاح خاني تي نگاهہ ڪئي. 9۽ اوهان دائود جي شهر جا ڀڳل ڀاڱا ڏٺا، جي گهڻا هئا: اوهان هيٺئين ڍنڍ جو پاڻي گڏ ڪيو. 10۽ اوهان يروشلم جي گهرن جو شمار ڪيو، ۽ ڀت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اوهان مڪان ڀڃي ڊاهي وڌا. 11۽ پراڻي ڍنڍ جي پاڻيءَ لاءِ اوهان ٻن ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو حوض بہ بنايو: پر جنهن اهو حڪم ڪيو تنهن ڏي اوهان نہ نهاريو، نڪي جنهن گهڻا ڏينهن اڳي انهيءَ کي رٿيو هو تنهن ڏانهن اوهين ڦريا. 12۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو: 13۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين. 14۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.
15خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن خزانچيءَ وٽ وڃو، يعني شبناہ وٽ، جو گهر جي مٿان آهي ۽ چئو تہ، 16تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تو وٽ هتي ڪير آهي جو تو پنهنجي لاءِ ٽڪي قبر ٺاهي آهي؟ تون جو مٿانهينءَ تي پنهنجي لاءِ قبر ٿو ٽڪين، ۽ ٽڪريءَ تي پنهنجي لاءِ رهڻ جي جاءِ ٿو کوٽين! 17اي زبردست ڏس، خداوند توکي سختيءَ سان پري اُڇلائيندو؛ هائو، هو توکي سوڙهو ويڙهي ڇڏيندو. 18يقيناً هو توکي کينهوڙي وانگي وڏي ملڪ ۾ اُڇلائيندو تہ گول گول ڦيرائي؛ ۽ اتي تون، جو پنهنجي ڌڻيءَ جي گهر جي خواري آهين، مرندين، ۽ تنهنجي وڏائيءَ جون جنگي گاڏيون بہ اتي وينديون. 19۽ آءٌ توکي تنهنجي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيندس، ۽ هو توکي تنهنجي درجي تان ڇڪي هيٺ آڻيندو. 20۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجي ٻانهي الياقيم بن خلقياہ کي سڏيندس: 21۽ انهيءَ کي تنهنجو وڳو ڍڪائيندس، ۽ تنهنجي ڪمربند سان مضبوط ڪندس، ۽ حڪومت انهيءَ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو يروشلم جي رهاڪن جو، ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو ابو ٿيندو. 22۽ دائود جي گهراڻي جي ڪنجي آءٌ انهيءَ جي ڪلهي تي رکندس؛ ۽ هو کوليندو، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ بند ڪندو؛ ۽ هو پوريندو ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونہ کولي سگهندو. 23۽ آءٌ هن کي ڪليءَ وانگي مضبوط جاءِ تي قابو ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي لاءِ جلالي تخت ٿيندو. 24۽ اهي سندس اباڻي گهراڻي جي سڀ وڏائي، اولاد توڙي نسل، سڀ ننڍا ٿانوَ، پيالن جهڙا، ۽ قرابن جهڙا، هن تي ٽنگي ڇڏيندا. 25انهي ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڪلي مضبوط جاءِ تي قابو ڪئي وئي هئي، سا نڪري پوندي؛ ۽ اها وڍي ويندي ۽ ڪري پوندي، ۽ جيڪو بار ان تي هو سو بہ وڍجي ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.
Currently Selected:
يسعياہ 22: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.