يسعياہ 2
2
1جيڪو ڪلام يسعياہ بن آموص يهوداہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو. 2۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون. 3۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو. 4۽ اهو قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ گهڻن ماڻهن کي ڇينڀيندو: ۽ اهي پنهنجون تراريون ڀڃي انهن مان هر ڦار ڪندا، ۽ پنهنجي نيزن مان انگڙا جوڙيندا: هڪڙي قوم ٻي قوم تي نہ ترار کڻندي، ۽ نہ اهي وري اڳتي جنگ سکندا.
5اي يعقوب جا گهراڻا اوهين اچو تہ پاڻ خداوند جي روشنائي ۾ هلون. 6ڇالاءِ جو تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جو گهراڻو، ڇڏي ڏنو آهي، جو اُهي اُڀرندي وارين رسمن سان ڀرجي ويا آهن، ۽ فلستين وانگر فالون وجهندڙ ٿيا آهن، ۽ ڌارين ماڻهن سان شرط لاءِ تاڙي ٿا هڻن. 7هنن جو ملڪ چاندي، ۽ سون سان ڀرپور آهي، ۽ سندن خزانن جي پڄاڻي ڪانہ آهي؛ انهن جو ملڪ گهوڙن سان ڀريل آهي ۽ سندن گاڏين جي پڄاڻي ڪانهي. 8انهن جو ملڪ بتن سان بہ ڀريل آهي، هو پنهنجن هٿن جي ڪم، جو سندن آڱرين جو جڙيل آهي، تنهن جي بندگي ٿا ڪن. 9ذليل ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ٿو، ۽ وڏو ماڻهو ذليل ٿئي ٿو: تنهن ڪري انهن کي معاف نہ ڪر. 10خداوند جي خوف کان ۽ سندس وڏائي جي جلال کان ٽڪر ۾ گِهڙ، ۽ پاڻ کي مٽيءَ ۾ لڪاءِ. 11انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو. 12ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو: 13۽ لبنان جا سڀ ديودار جي وڏا ۽ مٿانهان آهن، ۽ بسن جي سڀني شاهہ بلوطن تي: 14۽ سڀني وڏن جبلن ۽ سڀني ٽڪرين تي؛ 15۽ هر ڪنهن اوچي ٺلهہ، ۽ هر ڪنهن ڪوٽ واريءَ ڀت تي؛ 16۽ ترسيس جي سڀني جهازن ۽ سڀني سهڻين مورتن تي. 17۽ انسان جي مغروري جهڪائي ويندي، ۽ ماڻهن جو هٺ هيٺ ڪيو ويندو: ۽ رڳو خداوند ئي انهي ڏينهن مٿانهون ٿيندو. 18۽ بت اصل فنا ٿي ويندا. 19۽ ماڻهو ٽڪرن جي غارن ۾، ۽ زمين جي چرن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائيءَ جي جلال کان وڃي لڪندا، جنهن وقت هو زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو. 20انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛ 21انهيءَ لاءِ تہ جڏهن خداوند زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو، تڏهن اهو ٽڪرن جي غارن ۾ ۽ ڏونگرن جي ڦاٽن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائي جي جلال کان وڃي لڪي. 22انسان جنهن جي ناکوٽين ۾ پساهہ آهي، تنهن کان اوهين پاسو ڪريو: ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ ڪري هو ليکي ۾ ايندو؟
Currently Selected:
يسعياہ 2: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.