يسعياہ 1
1
1يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.
2اي آسمان ٻڌو، ۽ اي زمين ڪن ڏي، ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي: تہ ٻارن کي مون پالي وڏو ڪيو آهي، پر اهي مون کان باغي ٿيا آهن. 3ڍڳو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ پنهنجي ڌڻيءَ جو آهر ڄاڻي ٿو: پر اسرائيل کي اها بہ خبر ڪانهي، منهنجي قوم ويچار نٿي ڪري. 4افسوس، گنهگار اُمت، خطائن ڀريل قوم، بدڪارن جو نسل، خراب ڪم ڪندڙ اولاد: هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، اسرائيل جي قدوس کي حقير ڄاتو اٿن، هو ڇڄي ڌار ٿيا آهن، ۽ پٺ تي هليا ويا آهن. 5ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي. 6پير جي تريءَ کان وٺي مٿي تائين انهي ۾ ڪابہ تندرستي ڪانهي، پر زخم ۽ گهاءَ، ۽ ڪنا ٿيندڙ ڦٽ آهن: اهي نہ بند ٿيا آهن، نہ پٽيءَ سان ٻڌل آهن ۽ نہ تيل سان نرم ڪيا ويا آهن. 7اوهان جو ملڪ ويران آهي؛ اوهان جا شهر باهہ سان سڙي ويا آهن؛ اوهان جي زمين کي ڌاريا ماڻهو اوهان جي روبرو ڳهيو ٿا وڃن، ۽ اها سڃي آهي، ۽ ڌارين ماڻهن انهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي. 8۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر. 9جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.
10اي سدوم جا حاڪم، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ اي عموراہ جي قوم، اوهين اسان جي خدا جي شريعت ڏي ڪن ڏيو. 11خداوند فرمائي ٿو تہ اوهان جون هيتريون گهڻيون قربانيون منهنجي لاءِ ڪهڙي ڪم جون آهن؟ آءٌ گهيٽن جي ساڙڻ وارين قربانين سان ۽ پاليل جانورن جي چرٻيءَ سان ڀريو پيو آهيان؛ ۽ مون کي ڍڳن يا گهيٽن يا ٻڪرن جي رت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي. 12جڏهن اوهين منهنجي اڳيان اچي پاڻ ڏيکاريو ٿا تڏهن ڪنهن اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو آهي تہ منهنجا ايوان لتاڙيو؟ 13اڳتي اجايا نذرانا نہ آڻيو؛ لوبان ساڙڻ ڪري مون کي نفرت ٿي اچي؛ نئين چنڊ ۽ سبت ۽ جماعتن جي گڏ ٿيڻ مان بہ، ڇالاءِ جو آءٌ گناهہ سان عيد جي جماعت برداشت ڪري نٿو سگهان. 14منهنجو روح اوهان جن نون چنڊن کي ۽ اوهان جن مقرر ڪيل عيدن کي ڌڪاري ٿو: اهي منهنجي لاءِ تڪليف آهن: آءٌ انهن کان بيزار آهيان ۽ اهي برداشت ڪري نٿو سگهان. 15۽ جڏهن اوهين پنهنجا هٿ پکيڙيندا تڏهن آءٌ پنهنجون اکيون اوهان کان لڪائيندس: هائو، جڏهن اوهين گهڻيون دعائون گهرندا تڏهن آءٌ اُهي نہ ٻڌندس: اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن. 16اوهين وهنجو، پاڻ کي پاڪ ڪريو؛ پنهنجا بڇڙا ڪم منهنجي اکين جي اڳيان ٽاريو؛ بڇڙائي ڪرڻ کان بس ڪريو: 17چڱا ڪم ڪرڻ سکو؛ انصاف ڳوليو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن جو انصاف ڪريو، بيوہ زالن جي حمايت ڪريو. 18خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا. 19جي اوهين راضي ۽ فرمانبردار ٿيندا تہ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اُپت کائيندا: 20پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.
21ايماندار شهر جيڪو انصاف سان ڀريل هو ڪيئن نہ زناڪار ٿي پيو آهي! انهي ۾ سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهي ۾ خوني ٿا رهن. 22تنهنجي چاندي مٺ تي پئي آهي، تنهنجو شراب پاڻيءَ سان گڏجي پيو آهي. 23تنهنجا امير فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن، سڀڪو رشوتن جو خواهان آهي، ۽ انعامن جي پٺيان پوي ٿو: هو يتيمن جو انصاف نٿا ڪن، نڪي بيوہ زال جو فرياد وٽن اچي ٿو.
24تنهن ڪري، خداوند، لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو قادر فرمائي ٿو، تہ آءٌ دشمن کان پنهنجي جند آزاد ڪندس، ۽ پنهنجن ويرين کان وير وٺندس: 25۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڦيريندس ۽ تنهنجو سمورو مٺ ڪڍي توکي صاف ڪندس، ۽ تنهنجي ساري قلعي ڪڍي ڇڏيندس: 26۽ آءٌ تنهنجا قاضي موٽائي آڻيندس، جيئن اڳي هو: ۽ تنهنجا مشير وري آڻيندس، جيئن شروعات ۾ هو، تنهن کان پوءِ تون سچائيءَ وارو ۽ ايماندار شهر سڏبين. 27صيون عدالت جي ڪري ڇڏايو ويندو ۽ جيڪي گناهہ کان ڦريا آهن سي سچائيءَ جي ڪري. 28پر بدڪار ۽ گنهگار گڏ ناس ٿي ويندا ۽ جيڪي خداوند کي ڇڏي ڏيندا سي چٽ ٿي ويندا. 29ڇالاءِ جو جيڪي شاهہ بلوط اوهان کي پسند آهن تن کان هو شرمندا ٿيندا، ۽ جيڪي باغ اوهان پسند ڪيا آهن تن جي لاءِ اوهين لڄي ٿيندا. 30بلڪ اوهين انهيءَ شاهہ بلوط وانگر ٿيندا جنهن جا پن ڪومائجي ڪرن ٿا، ۽ انهي باغ وانگر جنهن کي پاڻي ڪونہ ٿو اچي. 31۽ زور وارو اهڙو ٿيندو جهڙو مڙهہ، ۽ ان جو ڪم اهڙو جهڙي چڻنگ؛ ۽ اهي ٻئي گڏ سڙندا، ۽ ڪوبہ انهن کي اُجهائڻ وارو ڪونہ هوندو.
Currently Selected:
يسعياہ 1: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.