راڳ 8
8
1اڙي شل تون منهنجي ڀاءُ وانگر هجين ها، جنهن منهنجي ماءُ جي ٿڻن جو کير پيتو هو! جڏهن ڪڏهن آءٌ توکي ٻاهر ڏسان ها تڏهن آءٌ توکي چميون ڏيان ها؛ هائو، ۽ انهي ڪري ڪوبہ مون کي ڌڪاري نہ ها.
2آءٌ توکي وٺي پنهنجي ماءُ جي گهر اچان ها، تہ تون مون کي تعليم ڏين، آءٌ توکي مصالحدار مئي پياريان ها، جا ڏاڙهن جي رس مان جڙيل آهي.
3هن جو کٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺ هجي ها، ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪر هجي ها.
4اي يروشلم جون ڌيئون، آءٌ اوهان کي قسم ٿو ڏيان، تہ اوهين محبوبہ کي نہ چوريو ۽ نہ جاڳايو جيستائين هوءَ پاڻهي پنهنجي مرضيءَ تي نہ جاڳي.
5اها ڪير آهي جو پنهنجي محبوب تي ٽيڪ ڏيو بيابان مان هلي اچي؟ صوف جي وڻ هيٺ مون توکي جاڳايو: اُتي تنهنجي ماءُ کي تنهنجي ڄڻڻ جا سور ٿيا ۽ اتي جنهن توکي ڄڻيو، تنهن کي سور ٿيا.
6مون کي مهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ، ۽ مهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک: ڇالاءِ جو محبت موت وانگر زور واري آهي: حسد قبر وانگر ظلم ڪندڙ آهي: ان جا شعلا باهہ جا شعلا آهن، اُها خود خداوند جو شعلو آهي.
7ڪيترو بہ گهڻو پاڻي محبت اُجهائي نہ سگهندو، نڪي ٻوڏيون انهي کي ٻوڙي سگهنديون: جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي گهر جو سڀ مال ۽ ملڪيت محبت جي لاءِ ڏئي ڇڏيندو، تہ هو بلڪل حقارت جوڳو ٿيندو.
8اسان جي هڪڙي ننڍڙي ڀيڻ آهي، جنهن کي اڃا ڇاتيون ڪينهن: جنهن ڏينهن اسان جي ڀيڻ بابت ذڪر هلندو تنهن ڏينهن انهي جي لاءِ اسين ڇا ڪنداسين؟
9جيڪڏهن هوءَ ڀت هجي تہ جيڪر اسين انهي تي چانديءَ جو هڪڙو ٺلهہ کڻي جوڙيون: ۽ جيڪڏهن هوءَ در هجي تہ اسين جيڪر ديودار جي تختن سان هن کي کڻي قابو ڪريون.
10آءٌ هڪڙي ڀت آهيان ۽ منهنجون ڇاتيون انهي جا ٺلهہ آهن: تڏهن آءٌ هن جي نظر ۾ اهڙي هيس جهڙي اها جنهن آرام لڌو هجي.
11سليمان تي بعل هامون ۾ هڪڙو ڊاک جو منهہ هو: هن اهو ڊاک جو منهہ سنڀاليندڙن کي ڀاڙي تي ڏئي ڇڏيو: سڀ ڪنهن کي ان جي ميوي جي عيوض چانديءَ جا هزار سڪا آڻڻا هئا.
12منهنجو ڊاک جو منهہ، جو منهنجو آهي. سو منهنجي اڳيان آهي، اي سليمان، تون اُهو هزار وٺندين، ۽ جيڪي ان جو ميوو رکندا، تن کي ٻہ سؤ ملندا.
13تون جو باغن ۾ رهين ٿو تنهن جو آواز سنگتي ٻڌن ٿا: مون کي بہ اهو ٻڌاءِ.
14اي منهنجا محبوب جلدي ڪر، ۽ هرڻ يا ٻٺڙي جهڙو ٿيءُ، جو مصالحن جي جبلن تي هجي.
Currently Selected:
راڳ 8: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.