YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 3

3
1ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند، لشڪرن جو خداوند، يروشلم ۽ يهوداهہ مان سهارو ۽ ٽيڪ، ۽ مانيءَ جي ۽ پاڻيءَ جي اميد کڻي وٺندو؛ 2يعني پهلوان ۽ جنگي مرد؛ قاضي ۽ نبي، فال وجهڻ وارو ۽ ڪهن سال؛ 3پنجاهہ جو سردار، ۽ عزت وارو ماڻهو، ۽ مشير ۽ استاد ڪاريگر، ۽ جادوگر. 4۽ آءٌ ٻارن کي انهن جا سردار ڪندس، ۽ ننڍڙا ٻار انهن تي حڪومت ڪندا. 5۽ ماڻهن مان هڪڙو ٻئي تي ظلم ڪندو، يعني هڪڙو پاڙيسري ٻئي تي: ٻار ٻڍي سان مغروري جي هلت ڪندو ۽ ڪميڻو شريف سان. 6جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي گهر ۾ پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ توکي ڪپڙا آهن، تون اچي اسان جو حاڪم ٿيءُ؛ ڀلي تہ هي اُجاڙ ملڪ تنهنجي هٿ هيٺ اچي: 7انهي ڏينهن هو وڏي سڏ چوندو تہ آءٌ مشير ٿيڻ نہ ٿو گهران، ڇالاءِ جو منهنجي گهر ۾ نڪا ماني آهي نڪو ڪپڙو: اوهين مون کي قوم جو حاڪم نہ ڪريو. 8ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا. 9هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي. 10اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو. 11ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو. 12باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين. 13خداوند قومن جي پاران حجت دليل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ بيهي ٿو. 14خداوند پنهنجي قوم جي بزرگن جي، ۽ انهن جي اميرن جي عدالت ڪندو. خداوند، لشڪرن جو خداوند، فرمائي ٿو تہ اهي اوهين آهيو جن ڊاک جو منهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي؛ غريبن جو لٽ جو مال اوهان جن گهرن ۾ آهي: 15اوهين ڇو منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن جي منهن کي پيهو ٿا؟
16هيترو بہ وڌيڪ خداوند فرمايو، ڇالاءِ تہ صيون جون ڌيئرون مغرور آهن، ۽ ڳچيون ڊگهيون ڪري شوخ چشم ٿي هلن ٿيون، ۽ هلندي ناز نخرا ٿيون ڪن ۽ پيرن سان گهنگهرو ٿيون وڄائن: 17تنهن ڪري خداوند صيون جي ڌيئن جا مٿا گنجا ۽ سندن بدن اُگهاڙا ڪندو. 18انهي ڏينهن خداوند انهن جي نورن ۽ ڄارين ۽ نئين چنڊ جهڙن زيورن جي بي حيائي ڪڍي ڇڏيندو؛ 19يعني پنڙا ۽ ڪنگڻ ۽ روبند،
20تاج ۽ توڙا، ڪمر بند ۽ عطر دانيون ۽ تعويذ؛ 21منڊيون ۽ نٿون؛ 22عيد جون پوشاڪون ۽ پهراڻ، شالون ۽ ٿيلهيون 23هٿ ۾ کڻڻ جون آرسيون، ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو، سربند ۽ برقعا. 24۽ هيئن ٿيندو تہ خوشبودار مصالحن جي عيوض گندگي ٿيندي؛ ۽ ڪمر بند جي عيوض رسو ٿيندو؛ ۽ سينگاريل وارن جي عيوض گنجائي؛ ۽ سينہ بند جي عيوض کٿو ٿيندا: سونهن جي عيوض ڏنڀ. 25تنهنجا ماڻهو ترار سان ڪرندا، ۽ تنهنجا پهلوان جنگ ۾ ڪرندا. 26۽ بازارن ۾ رئندا ۽ پِٽيندا؛ ۽ هوءَ سُڃي سکڻي ٿي زمين تي ويهندي.

Currently Selected:

يسعياہ 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in