YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 19

19
1مصر بابت ڪلام.
ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي. 2۽ آءٌ مصرين کي هڪ ٻئي جي برخلاف اُٿاريندس: ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ، ۽ هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان وڙهندو؛ شهر شهر سان ۽ بادشاهت بادشاهت سان: 3۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا. 4۽ آءٌ مصرين کي هڪڙي ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ انهن تي حڪم هلائيندو؛ خداوند لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي. 5۽ سمنڊ مان پاڻي گهٽ ٿي ويندو، ۽ ندي سڪي خالي ٿي ويندي. 6۽ نديون خراب بانس ڪنديون؛ مصر جون نهرون لهي لهي سڪي وينديون: ڪانا ۽ سر سڙي ويندا. 7نيل نديءَ جي ڪناري جون پوکون ۽ ويئون سڀ سڪي سڙي نابود ٿي وينديون. 8مهاڻا بہ رئندا رڙندا، ۽ جيڪي نيل نديءَ ۾ ڪنڍي ۽ ڄار ٿا وجهن سي حيران پريشان ٿيندا. 9تنهن کانسواءِ جيڪي صاف ڪيل سڻيءَ جو ڪم ٿا ڪن ۽ جيڪي اڇو ڪپڙو اُڻن ٿا، سي شرمندا ٿيندا. 10۽ ان جا بنياد ڀڄي ڀري ويندا، ۽ مزور غمگين ۽ ملول ٿيندا. 11ضعن جا شهزادا بلڪل بي عقل آهن؛ فرعون جي تمام ڏاهن جي صلاح حماقت آهي: فرعون کي اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ آءٌ ڏاهن جو پٽ ۽ شاهاڻي نسل مان آهيان؟ 12هاڻي تنهنجا ڏاها ماڻهو ڪٿي آهن؟ ۽ ڀلي تہ اهي توکي ٻڌائين؛ ۽ ڀلي تہ اهي ڄاڻن تہ لشڪرن جي خداوند مصر جي نسبت ۾ ڪهڙي رٿ رٿي آهي. 13ضعن جا شهزادا بيوقوف ٿي پيا آهن، نوف جا شهزادا ٺڳجي ويا آهن؛ جيڪي مصر جا ڪنڊ وارا بنيادي پٿر آهن، تن ان کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. 14خداوند ان منجهہ ڏنگائي جو روح وجهي ڇڏيو آهي؛ ۽ انهن مصر کي سندس سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ڪو نشئي ماڻهو پنهنجي قئي ۾ آٿڙي. 15نڪي مصر جي لاءِ اهڙو ڪو ڪم رهندو، جو مٿو يا پڇ، يا خاص يا عام ڪري سگهي.
16انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا. 17۽ يهوداهہ جي زمين مصر جي لاءِ خوف جو سبب ٿيندي، جنهن وٽ انهيءَ جو ذڪر ڪيو ويندو سو ڊڄي ويندو، انهيءَ ارادي جي ڪري، جو لشڪرن جي خداوند ان جي برخلاف ڪيو آهي.
18انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين ۾ پنج شهر ٿيندا جي ڪنعان جي ٻولي ڳالهائيندا، ۽ لشڪرن جي خداوند جو قسم کڻندا؛ هڪڙي کي برباديءَ جو شهر سڏيندا.
19انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين جي وچ ۾ هڪڙي قربانگاهہ، ۽ ان جي سرحد تي هڪڙو ٿنڀ خداوند جي لاءِ ٿيندو. 20۽ اهو مصر جي زمين ۾ لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙو نشان، ۽ شاهديءَ جي لاءِ ٿيندو: ڇالاءِ جو ظالمن جي ظلم ڪري هو خداوند وٽ فرياد ڪندا، ۽ هو سندن لاءِ هڪڙو نجات ڏيندڙ ۽ بچائيندڙ موڪليندو. 21۽ خداوند مصر ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندو، ۽ اُنهي ڏينهن مصري خداوند کي سڃاڻندا؛ هائو هو قربانيءَ سان ۽ نذراني سان سجدو ڪندا، ۽ خداوند جي لاءِ مڃتائون مڃيندا، ۽ اهي پوريون ڪندا. 22۽ خداوند مصر کي ماريندو، ماريندو بہ ۽ ڇڏائيندو بہ؛ ۽ هو خداوند ڏي موٽندا، ۽ ان کي منٿون آزيون ڪندا، ۽ هو انهن کي شفا ڏيندو.
23انهي ڏينهن مصر مان هڪڙو شاهي رستو اسور ڏي جاري ٿيندو، ۽ اسوري مصر ۾ ايندا ۽ مصري اسورين سان گڏجي عبادت ڪندا. 24انهيءَ ڏينهن اسرائيل مصر ۾ اسور سان ٽيون ٿيندو، ۽ ملڪ جي لاءِ برڪت جو وسيلو ٿيندو: 25ڇالاءِ جو لشڪرن جو خدا هن کي برڪت وارو ڪندو، ۽ چوندو تہ مصر منهنجي اُمت آهي، ۽ اسور منهنجن هٿن جو ڪم آهي، ۽ اسرائيل منهنجي ميراث آهي.

Currently Selected:

يسعياہ 19: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in