1
يسعياہ 25:19
Sindhi Bible NT
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خدا هن کي برڪت وارو ڪندو، ۽ چوندو تہ مصر منهنجي اُمت آهي، ۽ اسور منهنجن هٿن جو ڪم آهي، ۽ اسرائيل منهنجي ميراث آهي.
Compare
Explore يسعياہ 19:25
2
يسعياہ 20:19
۽ اهو مصر جي زمين ۾ لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙو نشان، ۽ شاهديءَ جي لاءِ ٿيندو: ڇالاءِ جو ظالمن جي ظلم ڪري هو خداوند وٽ فرياد ڪندا، ۽ هو سندن لاءِ هڪڙو نجات ڏيندڙ ۽ بچائيندڙ موڪليندو.
Explore يسعياہ 19:20
3
يسعياہ 1:19
مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.
Explore يسعياہ 19:1
4
يسعياہ 19:19
انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين جي وچ ۾ هڪڙي قربانگاهہ، ۽ ان جي سرحد تي هڪڙو ٿنڀ خداوند جي لاءِ ٿيندو.
Explore يسعياہ 19:19
Home
Bible
Plans
Videos