يسعياہ 18
18
1هاءِ، ڦڙ ڦڙ ڪندڙ کنڀن جو ملڪ، جو ڪوش جي ندين جي هن ڀر آهي: 2جو سمنڊ جي رستي ايلچي ٿو موڪلي، يعني پاڻي تي هلندڙن ڪانن جي جهازن ۾، ۽ انهن کي چوي ٿو تہ اي تکا قاصد، اوهين زوراور ۽ خوبصورت قوم ڏي وڃو، انهيءَ قوم ڏي، جا شروع کان وٺي برابر خوفناڪ رهندي آئي آهي؛ جا قوم زبردست ۽ فتحياب آهي، جنهن جي زمين کي نديون ورهائين ٿيون! 3اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو. 4ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهندس، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تان جيئن اُس ۾ صاف گرمي، ۽ جيئن فصل جي گرميءَ ۾ ماڪ جو ڪڪر ڏسبو آهي، تيئن ڏسندس. 5ڇالاءِ جو فصل لهڻ کان اڳي، جڏهن ٻوُر ڇڻي ويو ۽ گل بدلجي ڊاک ٿيا، تڏهن هو ٽاريون ڏاٽن سان وڍيندو، ۽ پکڙندڙ ڏاڙهون وڍي ڇڏيندو. ۽ اهي سڀ ڏاريون ڪپي، 6جبلن جي شڪاري پکين ۽ زمين جي مرن لاءِ ڇڏيون وينديون: ۽ اهي شڪاري پکي اونهارو انهن تي گذاريندا ۽ زمين جا مرون سيارو انهن تي گذاريندو. 7انهيءَ وقت لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙي زبردست ۽ خوبصورت قوم وٽان، جا شروعات کان وٺي خوفناڪ آهي، يعني اهڙي قوم جا بدلو وٺي تباهہ ٿي ڪري، ۽ جنهن جي ملڪ کي نديون حصن ۾ ورهائن ٿيون، تنهن وٽان لشڪرن جي خداوند جي نالي واري هنڌ، يعني صيون جبل تي، هڪڙو تحفو آندو ويندو.
Currently Selected:
يسعياہ 18: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.