YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 17

17
1دمشق بابت ڪلام.
ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو. 2عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو. 3افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو.
4۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يعقوب جي وڏائي گهٽ ڪئي ويندي، ۽ سندس چرٻي ۽ بدن ڏٻرا ٿي ويندا. 5۽ اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو لاهيارو، بيٺل ان گڏ ڪري، ۽ پنهنجي هٿ سان سنگ سنگ ڪري لڻي؛ هائو، اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو ماڻهو رفائيم جي واديءَ ۾ سنگ چونڊي گڏ ڪري. 6انهيءَ هوندي بہ خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڪي داڻا انهن ۾ رهجي ويندا، جيئن ڪي زيتون جي وڻ ۾ رهندا آهن جڏهن ان کي ڌوڻبو آهي، ٻہ يا ٽي داڻا تمام مٿانهين ٽاريءَ جي چوٽيءَ تي، ۽ چار يا پنج ڦردار وڻ جي تمام ٻاهرين ٽارين ۾. 7انهي ڏينهن انسان پنهنجي خالق ڏي نظر ڪندو، ۽ ان جون اکيون اسرائيل جي پاڪ خدا ڏانهن نهارينديون. 8۽ هو قربانگاهن ڏي نہ نهاريندو جي سندس هٿن جو ڪم آهن، نڪي هو انهيءَ شيءِ کي مان ڏيندو جا هن جي آڱرين جوڙي هوندي، پوءِ اهي آشريم هجن يا سج جون مورتون. 9انهي ڏينهن هن جا مضبوط شهر، جهنگ ۾، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي ويران ڪيلن جاين جهڙا ٿيندا، جي بني اسرائيل جي اڳيان ويران ٿيا، ۽ اهي ويران رهندا. 10ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو: 11وڻن رکڻ واري ڏينهن تون انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏين ٿو، ۽ صبح جو تون انهيءَ ۾ ٻور ٿو ڏسين؛ پر فصل جو ڏينهن ڏک ۽ سخت مصيبت جو ڍڳ ٿيندو.
12هاءِ، گهڻين قومن جو گوڙ، جي سمنڊ جي گجڻ وانگي گجن ٿيون؛ ۽ گهڻين قومن جو جوش، جو زور واري پاڻيءَ جي وهڪري جهڙو آهي! 13قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي. 14شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.

Currently Selected:

يسعياہ 17: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in