YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 16

16
1سلع، جو بيابان جي پاسي آهي، تنهن کان وٺي صيون جي ڌيءَ جي جبل تائين اوهين انهيءَ زمين جي حاڪم لاءِ گهيٽا موڪليو. 2ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو. 3صلاح ڏيو، انصاف ڪريو؛ ٻن پهرن وقت پنهنجو پاڇو رات جهڙو ڪريو: هڪالي ڪڍيلن کي لڪايو، گهمندڙن کي ظاهر نہ ڪريو. 4ڀلي تہ منهنجا جلاوطن تو سان رهن؛ تون موآب جي لٽيندڙن کان اَجهو ٿيءُ: ڇالاءِ جو ڦرمار ڪرڻ وارو ناس ڪيو ويندو، ڦرلٽ بند ٿي ويندي ۽ ظالم ملڪ مان چٽ ٿي نڪري ويندا. 5۽ هڪڙو تخت رحم جي ڪري قائم ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ تي دائود جي تنبوءَ مان هڪڙو سچائيءَ سان عدالت لاءِ ويهي انصاف ڪندو ۽ راستبازيءَ تي قائم رهندو.
6اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن. 7تنهن ڪري موآب، موآب جي لاءِ واويلا ڪندو، هرڪو ماڻهو واويلا ڪندو: قيرحراست جي ڪشمش جي ٽڪين لاءِ اوهين بلڪل بدحال ٿي ماتم ڪندا. 8ڇالاءِ جو حسبون جون ٻنيون ۽ سبماہ جي ڊاک ڪومائجي ٿي؛ قومن جي سردارن انهي جون عمديون عمديون ٽاريون ڀڃي ڇڏيون آهن؛ اهي يعزير تائين بہ اچي پهتا آهن، اهي بيابان ۾ گهميا ڦريا؛ ان جون شاخون هيڏي هوڏي پکڙي ويون، اهي سمنڊ پار بہ لنگهي ويا. 9تنهن ڪري آءٌ سبماہ جي ڊاک لاءِ يعزير جي ماتم وانگي رئندس؛ اي حسبون ۽ اليعالہ آءٌ توکي پنهنجن لڙڪن سان پاڻي ڏيندس: ڇالاءِ جو تنهنجن آرڙهہ جي ميون تي جنگ جو نعرو اچي پيو آهي. 10۽ ڦر ڪندڙ ٻنيءَ مان خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ ڊاک جي منهہ ۾ نڪو راڳ ڳائبو، نڪو خوشيءَ جو آواز ٿيندو: ۽ ڪو چيچڙن مان لتاڙڻ سان شراب نہ ڪڍندو؛ مون ڊاک جي فصل جي خوشي بند ڪرائي ڇڏي آهي. 11تنهن ڪري منهنجا آنڊا موآب جي لاءِ بربط وانگي آواز ڪندا، ۽ منهنجا اندريان عضوا قيرحارس لاءِ. 12۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن موآب پاڻ کي حاضر ڪندو ۽ جڏهن هو مٿانهين جاءِ تي پاڻ کي ٿڪائيندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ دعا گهرڻ لاءِ ايندو تہ هو فتحياب نہ ٿيندو.
13اهو آهي ڪلام جو گذرئي زماني ۾ خداوند موآب جي بابت فرمايو. 14پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.

Currently Selected:

يسعياہ 16: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in