يسعياہ 15
15
1موآب بابت ڪلام.
هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو. 2بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي. 3هو پنهنجن گهٽين ۾ پنهنجي چيلهہ سان کٿو ٻڌن ٿا: هنن جي گهرن جي کڏن تي ۽ هنن جي ڪشادن ميدانن تي سڀڪو دانهون ڪري ٿو ۽ زار زار روئي ٿو. 4۽ حسبون ۽ اليعالہ فرياد ڪن ٿا؛ انهن جو آواز يهض تائين پيو ٻڌجي: تنهن ڪري موآب جا هٿيار ٻڌل ماڻهو وڏيون رڙيون ٿا ڪن؛ هن جي جان هن ۾ ڏڪي ٿي. 5منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا. 6ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي ويران ٿي ويا آهن، ۽ گاهہ سڪي ويو آهي، ۽ تازو گاهہ ڪومائجي ويو آهي، ۽ ڪابہ سائي شيءِ ڪانهي. 7تنهن ڪري جيڪو جهجهو مال هنن وٽ آهي، ۽ جيڪي هنن گڏ ڪري رکيو آهي سو هو بيد واريءَ نهر ڏي کڻي ويندا. 8ڇالاءِ جو موآب جي سرحدن جي چوڌاري رڙ پئجي ويئي آهي؛ انهيءَ جي واويلا اجلائم ۽ بيرايليم تائين پهچي وئي آهي. 9ڇالاءِ جو ديمون جون نديون رت سان ڀريل آهن: پر آءٌ اڃا بہ ڪي زيادہ ديمون تي آڻيندس؛ جيڪو موآب مان ڀڄي نڪري ٿو تنهن تي، ۽ ملڪ جي باقي بچيلن تي، آءٌ هڪڙو شينهن آڻيندس.
Currently Selected:
يسعياہ 15: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.