يسعياہ 14
14
1ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا. 2۽ ماڻهو انهن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آڻيندا: ۽ اسرائيل جو گهراڻو خداوند جي زمين ۾ انهن جو مالڪ ٿي انهن کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري رکندو: ۽ جن جا هو قيدي هئا تن کي هو قيد ڪندا؛ ۽ انهن تي حڪم هلائيندا جي مٿن ظلم ڪندا هئا.
3۽ اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند توکي تنهنجي ڏک، ۽ تنهنجي تڪليف، ۽ جنهن سخت پورهئي ۾ تون پيو هئين تنهن کان آرام ڏيندو، 4انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ تي تون اهو مثال لاڳو ڪرين، ۽ چوين تہ ظالم ڪيئن نہ بس ڪئي آهي! سونو شهر ڪيئن نہ بند ٿي ويو آهي! 5خداوند شريرن جي لٺ ۽ حاڪمن جي عصا ڀڃي ڇڏي آهي 6جي ڪاوڙ ۾ غريبن کي پيا ڌڪ هڻندا هئا، جي غصي ۾ قومن تي حڪومت ڪندا هئا، ۽ اهڙا ظلم ڪندا هئا جو ڪوبہ روڪي نہ سگهندو هون. 7ساري زمين آرام ۽ راحت ۾ آهي: اهي گيت ڳائڻ لڳن ٿا. 8هائو، صنوبر جا وڻ ۽ لبنان جا ديودار توتي خوشي ظاهر ڪن ٿا، ۽ چون ٿا تہ جڏهن کان تون ڪري پيو آهين تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍڻ ڪونہ آيو آهي. 9هيٺان دوزخ تنهنجي لاءِ چُريو آهي، انهي لاءِ تہ جڏهن تون اچين تڏهن توکي اچي گڏجي: اهو تنهنجي لاءِ مئلن کي، يعني زمين جي سڀني سردارن کي اُٿاري ٿو؛ انهيءَ ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تختن تان اُٿاريو آهي. 10اهي سڀ توکي ورندي ڏئي چوندا تہ تون اسان وانگر ضعيف ٿي پيو آهين ڇا؟ تون بہ اسان جهڙو ٿيو آهين ڇا؟ 11تنهنجو تجمل ۽ تنهنجي سازن جي وڄڻ جو آواز آڻي دوزخ ۾ وڌو اٿن: ڪينئون تنهنجي هيٺان پکڙي پيو آهي ۽ ڪينئن توکي ڍڪي ڇڏيو آهي. 12اي ڏينهن جا تارا، اي صبح جا فرزند، تون ڪيئن آسمان مان ڪري پيو آهين! 13۽ تو پنهنجي دل ۾ چيو تہ آءٌ چڙهي آسمان ۾ ويندس، آءٌ پنهنجو تخت خدا جي تارن کان بہ مٿي رکندس؛ ۽ آءٌ جماعت واري جبل تي، اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ وڃي ويهندس: 14آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهندس؛ آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس. 15مگر تون هيٺ دوزخ ۾، پاتال جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين. 16جيڪي توکي ڏسندا سي توتي غور سان نظر ڪندا، ۽ توتي ويچار ڪندا، ۽ چوندا تہ هي اهو ماڻهو آهي ڇا جنهن زمين کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيو؛ 17جنهن دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو، ۽ ان جي شهرن کي اونڌو ڪري ڦٽو ڪيو؛ جنهن قيدين کي ڇڏي نہ ڏنو تہ پنهنجي گهر وڃن؟ 18قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو. 19پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي. 20تون دفن ٿي قبر ۾ هنن سان نہ وڃي گڏبين، ڇالاءِ جو تو پنهنجو ملڪ ناس ڪيو آهي، تو پنهنجي قوم ڪهي ڇڏي آهي؛ بدڪارن جي نسل جو ڪڏهن بہ نالو ورتو نہ ويندو. 21هنن جي ابن ڏاڏن جي گناهن ڪري، هن جي اولاد جي لاءِ اوهين ڪوس تيار ڪريو؛ تہ نہ هو اُٿن، ۽ نہ زمين هٿ ڪن، ۽ نہ دنيا جي سطح شهرن سان ڀري ڇڏين. 22۽ لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ هنن جي برخلاف اُٿندس ۽ بابل مان سندن نالو نشان، ۽ جيڪي باقي بچيو آهي سو، ۽ پٽ ۽ پوٽا وڍي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي. 23آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي. 24لشڪرن جي خداوند قسم کنيو آهي ۽ فرمائي ٿو، تہ جيئن مون خيال ڪيو آهي تيئن ضرور ٿيندو؛ ۽ جيئن ارادو ڪيو اٿم تيئن ئي ڳالهہ اچي بيهندي: 25آءٌ پنهنجي ملڪ ۾ اسورين کي شڪست ڏيندس، ۽ پنهنجن جبلن تي انهيءَ کي پيرن هيٺ لتاڙيندس: تڏهن انهيءَ جي پاڃاري هنن تان لهندي، ۽ هن جو بار هنن جي ڪنڌ تان لهندو.
26اهو ارادو آهي جو ساري جهان تي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هٿ آهي جو سڀني قومن تي ڊگهيريو ويو آهي. 27ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند اهو ارادو ڪيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي باطل ڪندو؟ ۽ اُنهيءَ جو هٿ ڊگهو ٿيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي موٽائيندو؟
28جنهن سال ۾ بادشاهہ آخز وفات ڪئي انهيءَ ۾ هيءُ ڪلام نازل ٿيو.
29اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو. 30تڏهن غريبن جا پهريان ڄاول ٻار کائيندو، ۽ محتاج سلامتيءَ سان سمهي آرام ڪندا: ۽ آءٌ تنهنجي نسل کي ڏڪار سان ماريندس، ۽ جيڪي تنهنجا باقي بچيل هوندا سي قتل ڪيا ويندا. 31اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو. 32تڏهن قوم جي قاصدن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ تہ خداوند صيون جو بنياد وڌو آهي، ۽ انهيءَ ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.
Currently Selected:
يسعياہ 14: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.