YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 13

13
1بابل بابت ڪلام جو يسعياہ بن آموص کي رويا ۾ حاصل ٿيو.
2اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن. 3مون پنهنجن مخصوص ڪيلن ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي، هائو، مون پنهنجي ڪاوڙ جي لاءِ پنهنجن بهادرن کي سڏيو آهي، يعني پنهنجي فخر سان خوشي ڪندڙن ماڻهن کي. 4جبلن ۾ هڪڙي جماعت جو آواز آهي جو هڪڙي وڏي قوم جي گوڙ جهڙو آهي! گڏ ٿيلن قومن جي بادشاهتن جي جنگ جو آواز! لشڪرن جو خداوند جنگ جي لاءِ لشڪر گڏ ڪري ٿو. 5هو هڪڙي پرانهين ملڪ مان، آسمان جي تمام ٻاهرين ڀاڱي مان اچن ٿا، يعني خداوند ۽ اُن جي ڪاوڙ جا هٿيار، انهيءَ لاءِ تہ ساري زمين ناس ڪن. 6اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو. 7تنهن ڪري سڀ هٿ ضعيف ٿيندا، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي دل پگهري ويندي؛ 8۽ هو ڊڄي ويندا؛ عذاب ۽ درد هنن کي وڪوڙي ويندا، سورن واري زال وانگي هنن کي سور ٿيندا: هو هڪ ٻئي جي حال تي حيران ٿيندا؛ هنن جا منهن باهہ جي شعلي جهڙا ٿيندا. 9ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جو ڪاوڙ ۽ خوفناڪ غضب جي ڪري ظلم جهڙو ٿيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ زمين کي ويران ڪري، ۽ انهيءَ منجهان گنهگار ناس ڪري ڪڍي ڇڏي. 10ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو. 11۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس. 12آءٌ ماڻهوءَ کي عمدي سون کان بلڪ انسان کي اوفير جي خالص سون کان بہ وڌيڪ ڪامياب ڪندس. 13تنهن ڪري آءٌ آسمانن کي ڏڪائيندس، ۽ لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري، ۽ سندس خوفناڪ غضب جي ڏينهن ۾، زمين پنهنجي جاءِ تان لوڏي ڪڍندس. 14۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا. 15جيڪو بہ لڀندو تنهن کي ونڌيندا؛ ۽ جيڪو بہ گرفتار ٿيندو سو ترار سان ماريو ويندو. 16انهن جا کير پياڪ ٻار بہ سندن روبرو اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ انهن جا گهر لٽيا ويندا، ۽ انهن جي زالن سان زور زبردستي ٿيندي. 17ڏسو، آءٌ مادين کي هنن جي برخلاف اُٿاريندس، جي چانديءَ جي پرواهہ نہ رکندا ۽ سون مان هنن کي ڪابہ خوشي نہ ٿيندي. 18۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي. 19۽ بابل، جو بادشاهن جو فخر، ۽ ڪلدين جي وڏائي جي رونق آهي، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو سدوم ۽ عموراہ جو ٿيو هو، جڏهن خدا انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو. 20اهو وري نہ وسندو، نڪي انهيءَ ۾ پيڙهي بہ پيڙهي ڪو رهندو: نڪي ڪو عرب اتي تنبو کوڙيندو؛ نڪي ڌنار پنهنجا ڌڻ اتي ويهاريندا. 21پر جهنگلي جانور اتي سمهندا، ۽ انهن جا گهر هلاک ڪندڙ جانورن سان ڀرجي ويندا: ۽ اتي اٺ پکي رهندا ۽ غول نچندا. 22۽ انهن جي قلعن ۾ بگهڙ رڙيون ڪندا، ۽ انهن جي فرحت جهڙن محلاتن ۾ گدڙ اونائيندا: ۽ اُن جو وقت ويجهو آيو آهي ۽ ان جا ڏينهن گهڻا نہ ٿيندا.

Currently Selected:

يسعياہ 13: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in