يسعياہ 12
12
1۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي. 2ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي. 3تنهن ڪري خوشيءَ سان اوهين نجات جي کوهن مان پاڻي ڪڍندا. 4۽ انهي ڏينهن اوهين چوندا تہ خداوند جا شڪر بجا آڻيو، هن جو نالو وٺي سڏيو، قومن جي وچ ۾ هن جا ڪم ظاهر ڪريو، ۽ اهو ذڪر ڪريو تہ هن جو نالو بزرگ آهي. 5خداوند جي تعريف ڳايو؛ ڇالاءِ جو هن تمام عمدا ڪم ڪيا آهن: ڀلي تہ اها ڳالهہ ساري زمين تي مشهور ٿئي. 6اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.
Currently Selected:
يسعياہ 12: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.