YouVersion Logo
Search Icon

عزرا 8

8
1هاڻي هنن جي اباڻي گهراڻن جا رئيس هي آهن، جيڪي ارتخششتا بادشاهہ جي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏجي بابل مان نڪري هليا، تن جو نسب نامو هي آهي. 2فينحاس جي پٽن مان؛ جيرسوم: اتمر جي پٽن مان، داني ايل: دائود جي پٽن مان، حطوش. 3سڪنياہ جي پٽن مان؛ پرعوس جي پٽن مان، زڪرياہ: ۽ انهيءَ سان گڏ مردن جي نسب نامي موجب، ڏيڍ سؤ ماڻهو شمار ڪيا ويا. 4پخت موآب جي پٽن مان، اليهو عيني بن زراخياہ؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ سؤ مرد. 5سڪنياہ جي پٽن مان، يحزي ايل جو پٽ، ۽ انهيءَ سان ٽي سؤ مرد. 6۽ عدين جي پٽن مان، عبد بن يونتن؛ ۽ انهيءَ سان پنجاهہ مرد. 7۽ عيلام جي پٽن مان، يسعياہ بن عتلياہ؛ ۽ انهيءَ سان ستر مرد. 8۽ سفطياہ جي پٽن مان، زبدياہ بن ميڪاايل؛ ۽ انهيءَ سان اسي مرد. 9يوآب جي پٽن مان، عبدياہ بن يحي ايل؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ سؤ ارڙهن مرد. 10۽ سلوميت جي پٽن مان يوسفياہ جو پٽ؛ ۽ انهيءَ سان هڪ سؤ سٺ مرد. 11۽ ببي جي پٽن مان، زڪرياہ بن ببي؛ ۽ انهيءَ سان اٺاويهہ مرد. 12۽ عزجاد جي پٽن مان، يوحنان بن هقاطان؛ ۽ انهيءَ سان هڪ سؤ ڏهہ مرد. 13۽ ادونقام جي پٽن مان، جي سڀ کان پويان هئا؛ تن جا نالا هي آهن، اليفلط، يعي ايل، ۽ سمعياہ؛ ۽ انهن سان سٺ مرد. 14۽ بگوي جي پٽن مان عوطي ۽ زبود؛ ۽ انهن سان ستر مرد.
15۽ مون انهن کي انهيءَ نديءَ وٽ آڻي گڏ ڪيو، جا اهوا ڏانهن وهيو ٿي وڃي؛ ۽ اتي اسان ٽي ڏينهن منزل ڪئي: ۽ مون ماڻهن ۽ ڪاهنن تي نظر ڪئي، ۽ انهن ۾ لاويءَ جي پٽن مان مون کي ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو. 16تڏهن مون اليعزر ۽ اريئيل ۽ سمعياہ، ۽ الناتن، ۽ يريب، ۽ الناتن، ۽ ناتن، ۽ زڪرياہ، ۽ مسلام کي گهرايو، جي رئيس هئا؛ ۽ يريب ۽ الناتن کي بہ، جي استاد هئا. 17۽ مون انهن کي عيدو سردار ڏانهن، ڪسيفيا نالي مڪان ۾ ڏياري موڪليو؛ ۽ جيڪي عيدو، ۽ سندس ڀائرن نتينيم کي، انهيءَ ڪسيفيا مڪان ۾ چوڻو هو، سو ٻڌايومان، ۽ چيومان تہ اسان جي خدا جي گهر لاءِ خدمتگار اسان وٽ وٺي اچن. 18۽ اسان تي جو خدا جو چڱو هٿ هو، تنهنڪري محلي بن لاوي بن اسرائيل جي پٽن مان هڪڙو سمجهو ماڻهو هو اسان وٽ وٺي آيا؛ ۽ سربياہ، سندس پٽن ۽ ڀائرن سميت، ڪل ارڙهن ڄڻا؛ 19۽ حسبياہ، ۽ انهيءَ سان گڏ يسعياہ، جو مراري جي پٽن مان هو، سندس ڀائر ۽ سندس پٽ، ڪل ويهہ ڄڻا؛ 20۽ نتينيم، جن کي دائود ۽ اميرن، لاوين جي خدمت لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو، تن مان ٻہ سؤ ويهہ نتينيم: سڀني جا نالا صاف طرح ڏنا ويا. 21تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون. 22ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري. 23تنهنڪري اسان روزو رکيو، ۽ پنهنجي خدا کي عرض ڪيوسين؛ ۽ هن اسان جو عرض قبول ڪيو. 24تنهن کانپوءِ مون ڪاهنن جي سردارن مان ٻارهن ڄڻا ڌار ڪيا، يعني سربياہ، حسبياہ، ۽ انهن سان گڏ سندن ڀائرن مان ٻيا ڏهہ ڄڻا، 25۽ انهن کي چاندي ۽ سون ۽ باسڻ توري ڏنم، يعني جيڪو نذرانو بادشاهہ، ۽ سندس مشيرن، ۽ سندس اميرن، ۽ جيڪي اسرائيلي اتي حاضر هئا، تن اسان جي خدا جي گهر لاءِ ڏنو هو: 26مون ساڍا ڇهہ سؤ قنطار چاندي، ۽ هڪ سؤ قنطارن جا چانديءَ جا باسڻ؛ ۽ هڪ سؤ قنطار سون جا توري ڏنا؛ 27۽ ويهہ سونا پيالا، هڪ هزار درهمن جا؛ ۽ ٻہ باسڻ عمدا چمڪندڙ پتل جا، جي سون جهڙا قيمتي هئا. 28۽ مون انهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي لاءِ پاڪ آهيو، ۽ باسڻ بہ پاڪ آهن؛ ۽ روپو ۽ سون، خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ جو نذرانو آهي. 29اوهين انهن جي سنڀال ڪريو، ۽ خبردار رهو، جيستائين ڪ اهي يروشلم ۾ خداوند جي گهر جي ڪوٺين ۾، ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين جي اڳيان، توري انهن جي حوالي ڪريو. 30تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين اها چاندي، ۽ سون، ۽ اهي باسڻ توري ورتا تہ اهي کڻي يروشلم ۾ خدا جي گهر ۾ آڻين.
31تنهن کانپوءِ اسين پهرين مهيني جي ٻارهين تاريخ يروشلم ۾ وڃڻ لاءِ، اهوا نديءَ کان روانا ٿياسين؛ ۽ اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، ۽ انهيءَ اسان کي دشمنن جي هٿان، ۽ رستي تي ڌاڙيلن جي هٿان بچائي ورتو. 32۽ اسين يروشلم ۾ پهتاسين، ۽ ٽي ڏينهن اتي رهياسين. 33۽ چوٿين ڏينهن اسان روپو، ۽ سون، ۽ باسڻ، اسان جي خدا جي گهر ۾ توري، مريموت بن اورياہ ڪاهن جي هٿ ۾ ڏنا؛ ۽ هن سان گڏ اليعزر بن فينحاس هو؛ ۽ انهن سان گڏ يوزباد بن يشوع، ۽ نوعيدياہ بن بنوي، لاوي هئا: 34سڀ شيون شمار ۽ تور موجب ڏنيون ويون: ۽ انهن جي ڪل تور بروقت لکي ويئي. 35جيڪي قيدي، شهر نيڪاليءَ کان موٽي آيا هئا، تن اسرائيل جي خدا لاءِ هي سوختني قربانيون چاڙهيون، ٻارنهن ڍڳا سڄي اسرائيل لاءِ، ڇهانوي گهٽا، ستهتر گهيٽا، ۽ ٻارنهن ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هئا. 36۽ هنن بادشاهہ جا پروانا، بادشاهہ جي نائبن، ۽ نديءَ جي هن ڀر وارن والين کي پهچائي ڏنا: ۽ انهن قوم جي، ۽ خدا جي گهر جي مدد ڪئي.

Currently Selected:

عزرا 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in