ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري. تنهنڪري اسان روزو رکيو، ۽ پنهنجي خدا کي عرض ڪيوسين؛ ۽ هن اسان جو عرض قبول ڪيو.