عزرا 7
7
1هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ، 2بن سلوم، بن صدوق، بن اخيطوب، 3بن امرياہ، بن عزرياہ، بن مرايوت، 4بن زراخياہ، بن عزي، بن بقي، 5بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن: 6اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو. 7۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ستين ورهيہ ۾، بني اسرائيل، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ڳائڻن، ۽ دربانن، ۽ نتينيم مان ڪي ماڻهو چڙهي يروشلم ڏانهن ويا. 8۽ بادشاهہ جي ستين سال جي پنجين مهيني ۾، هو يروشلم ۾ آيو. 9ڇالاءِ جو پهرين مهيني جي پهرين تاريخ بابل مان هو نڪتو، ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ، سندس خدا جو جيڪو چڱو هٿ مٿس هو، تنهن موجب، هو يروشلم ۾ پهتو. 10ڇالاءِ جو عزرا پنهنجي دل ۾، خداوند جي شريعت جو طالب رهڻ لاءِ، ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ، ۽ اسرائيل ۾ قاعدن ۽ حڪمن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو هو.
11هاڻي عزرا ڪاهن ۽ استاد، يعني خداوند جي اسرائيل کي ڏنل حڪمن جي ڪلام، ۽ قاعدن جي اُستاد کي جيڪو خط ارتخششتا بادشاهہ ڏنو، تنهن جو نقل هي آهي. 12ارتخششتا شهنشاهہ وٽان عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جي استاد ڏانهن جو ڪامل آهي، وغيرہ: 13آءٌ حڪم ٿو ڪريان، تہ جيڪي بني اسرائيلي، ۽ سندن ڪاهن لاوي، جي منهنجي بادشاهت ۾ آهن، ۽ جن جي مرضي آهي تہ يروشلم ۾ وڃن، سي سڀ ڀلي تو سان گڏجي وڃن. 14هاڻي تو کي بادشاهہ ۽ سندس ست مشير روانو ٿا ڪن، تہ جيڪا تنهنجي خدا جي شريعت تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون يهوداہ ۽ يروشلم بابت پڇا ڪرين؛ 15۽ جيئن اسرائيل جي خدا جو گهر يروشلم ۾ آهي، تنهن جي لاءِ جيڪو سون ۽ روپو، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن خوشيءَ سان نذرانو ڪري پيش ڪيو آهي، سو کڻي وڃين، 16۽ ٻيو جيڪو بہ سون ۽ روپو بابل جي پرڳڻي ۾ توکي ملي، ۽ ماڻهن، ۽ ڪاهنن جي خوشيءَ جي قربانيءَ سميت، جا هنن يروشلم ۾ پنهنجي خدا جي گهر لاءِ خوشيءَ سان ڏني هجي، سو بہ کڻي وڃين؛ 17تنهنڪري تون گهڻي ڪوشش ڪري، اُنهن پئسن سان، ڍڳا، ۽ گهٽا ۽ گهيٽا، سندن کاڌي جي قربانين، ۽ پيئڻ جي قربانين سميت، خريد ڪج، ۽ اُهي يروشلم ۾ پنهنجي خدا جي گهر جي قربانگاهہ تي چاڙهج. 18۽ باقي جيڪو سون ۽ روپو بچي سو پنهنجي خدا جي مرضيءَ موجب، ۽ جيئن توکي ۽ تنهنجن ڀائرن کي مناسب نظر اچي تيئن ڪم آڻج. 19۽ جيڪي باسڻ تنهنجي خدا جي عبادت لاءِ توکي ڏنا ويا آهن، سي تون يروشلم جي خدا جي اڳيان پيش ڪج. 20۽ ٻيو بہ جيڪي وڌيڪ تنهنجي خدا جي گهر لاءِ گهربل هجي، ۽ جو توکي ڏيڻو هجي، سو بادشاهہ جي خزاني جي گهر مان ڪڍي ڏج. 21۽ آءٌ، يعني ارتخششتا بادشاهہ، جيڪي خزانچي نديءَ جي هن ڀر آهن، تن سڀني ڏانهن حڪم جاري ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جو استاد اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوي، سو اوهين گهڻي سعيي سان ڪجو. 22چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن، ۽ ڪڻڪ جي هڪ سؤ ماڻن، ۽ شراب جي هڪ سؤ مٽن، ۽ تيل جي هڪ سؤ دٻن تائين، ۽ لوڻ بي انداز ڏجو. 23جيڪي بہ آسمان جو خدا حڪم ڪري، سو سندس گهر جي لاءِ بلڪل پوريءَ طرح ڪرڻ ۾ اچي؛ ڇالاءِ جو بادشاهہ جي بادشاهت، ۽ سندس پٽن تي ڇو غضب نازل ٿئي؟ 24۽ اسين اوهان کي هي تاڪيد بہ ٿا ڪريون تہ ڪاهنن، لاوين، ڳائڻن، دربانن، نتينيم، يا خدا جي هن گهر جي خدمتگارن مان ڪنهن تي بہ ڍل، يا محصول، يا چونگي، رکڻ جائز نہ آهي. 25۽ اي عزرا، تنهنجي خدا جي حڪمت جا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪر، تہ اُهي نديءَ جي هن ڀر جيڪي ماڻهو آهن، تن جي عدالت ڪن، اُهي سڀ اهڙا هجن جي تنهنجي خدا جي شريعت ڄاڻندا هجن، ۽ جيڪو نہ ڄاڻندو هجي، تنهن کي اوهين سيکاريو. 26۽ جيڪو تنهنجي خدا جي شريعت موجب، ۽ بادشاهہ جي قاعدي موجب هلت نہ ڪري، تنهن تي ضرور سزا جاري ٿئي، پوءِ موت هجي، يا شهر نيڪالي هجي، يا مال متاع جي ضبطي هجي، يا قيد هجي.
27خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛ 28۽ جنهن، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن ۽ سڀني زور وارن اميرن جي اڳيان مون تي رحم ڪيو. ۽ منهنجي خدا جو هٿ جو مون تي هو، تنهن موجب مون کي طاقت ملي، ۽ مون اسرائيل مان مکيہ ماڻهو گڏ ڪيا، تہ مون سان گڏجي هلن.
Currently Selected:
عزرا 7: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.