عزرا 2
2
1هاڻي انهيءَ پرڳڻي جا ماڻهو، جي قيد ٿي ويلن مان موٽي ويا، ۽ جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر بابل ۾ وٺي ويو هو، ۽ جي سڀ موٽي يروشلم ۾ يهوداہ ۾ پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا؛ 2جي زربابل، يشوع، نحمياہ، سرايا، رعلاياہ، مردڪي، بلشان، مسفار، بگوي، رحوم، ۽ بعنہ سان آيا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد: 3بني پرعوس، ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر. 4بني سفطياہ، ٽي سؤ ٻاهتر. 5بني ارخ، ست سؤ پنجهتر. 6بني پخت موآب، جي يشوع ۽ يوآب جي اولاد مان هئا، ٻہ هزار اٺ سؤ ٻارنهن. 7بني عيلام، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ. 8بني زتو، نوَ سؤ پنجيتاليهہ. 9بني زڪي، ست سؤ سٺ. 10بني باني، ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ. 11بني ببي، ڇهہ سؤ ٽيويهہ. 12بني عزجاد، هڪ هزار ٻہ سؤ ٻاويهہ. 13بني ادونقام، ڇهہ سؤ ڇاهٺ. 14بني بگوي، ٻہ هزار ڇاونجاهہ. 15بني عدين، چار سؤ چوونجاهہ. 16بني اطير، حزقياہ وارا، اٺانوي. 17بني بضي، ٽي سؤ ٽيويهہ. 18بني يورہ، هڪ سؤ ٻارهن. 19بني حاشوم، ٻہ سؤ ٽيويهہ. 20بني جبار، پنجانوي. 21بني بيت الحم، هڪ سؤ ٽيويهہ. 22نطوفہ جا ماڻهو، ڇاونجاهہ. 23عنتوت جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاويهہ. 24بني عزماوت، ٻائيتاليهہ. 25قريت عريم، ڪفرہ ۽ بيروت جا ماڻهو ست سؤ ٽيتاليهہ. 26رامہ ۽ جبع جا ماڻهو ڇهہ سؤ ايڪيهہ. 27مڪماس جا ماڻهو هڪ سؤ ٻاويهہ. 28بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، ٻہ سؤ ٽيويهہ. 29بني نبو، ٻاونجاهہ. 30بني مجبيس، هڪ سؤ ڇاونجاهہ. 31ٻئي عيلام جو اولاد، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ. 32بني حارم، ٽي سؤ ويهہ. 33لود، حاديد ۽ اونو جو اولاد، ست سؤ پنجويهہ. 34بني يريحو، ٽي سؤ پنجيتاليهہ. 35بني سناآہ، ٽي هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ. 36ڪاهن: بني يدعياہ، يشوع جي گهراڻي وارا، نوَ سؤ ٽيهتر. 37بني اِمير، هڪ هزار ٻاونجاهہ. 38بني فشحور، هڪ هزار ٻہ سؤ ستيتاليهہ. 39بني حارم، هڪ هزار سترهن. 40لاوي: بني يشوع ۽ قدي ايل، بني هوداوياہ وارا، چوهتر. 41ڳائڻ وارا: بني آسف، هڪ سؤ اٺاويهہ. 42دربانن جو اولاد: بني سلوم، بني اطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا، بني سوبي، ڪل هڪ سؤ اوڻيتاليهہ. 43نتينيم: بني ضيحا، بني حسوفا، بني طبعوت؛ 44بني قروس، بني سيعها، بني فدون؛ 45بني لبانہ، بني حجابہ، بني عقوب؛ 46بني حجاب، بني شملي، بني حنان؛ 47بني جديل، بني جحر، بني رآياہ؛ 48بني رصين، بني نقودا، بني جزام. 49بني عزا، بني فاسيخہ، بني بسي؛ 50بني اسناہ، بني معونيم، بني نفي سيم؛ 51بني بقبوق، بني حقوفا، بني حرحور؛ 52بني بضلوت، بني محيدا، بني حرشا؛ 53بني برقوس، بني سيسرا، بني تامحہ؛ 54بني نضياح، بني خطيفا. 55سليمان جي نوڪرن جو اولاد: بني سوطي، بني حسوفرت، بني فرودا؛ 56بني يعلہ، بني درقون، بني جديل؛ 57بني سفطياہ، بني خطيل، بني فوڪرت ضبائم، بني امي. 58سڀ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ٽي سؤ ٻيانوي هو. 59۽ هي اُهي هئا جي تل ملحہ، تل حرسا، ڪروب، ادان ۽ امير مان چڙهي آيا: پر اُهي پنهنجن ابن جا گهراڻا، ۽ پنهنجو نسل، تہ هو اسرائيل مان هئا، سو ثابت ڪري نہ سگهيا: 60بني دلاياہ، بني طوبياہ، بني نقودا، ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ. 61۽ ڪاهنن جي اولاد مان: بني حباياہ، بني هقوص، بني برزلي، جنهن برزلي جلعاديءَ جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي، ۽ انهي جي پٺيان نالو مليو هوس. 62انهن پنهنجي سند اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اها نہ لڌائون: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان رد ڪيا ويا. 63۽ حاڪم انهن کي چيو تہ اوهين متان تمام پاڪ شين مان کائو، جيستائين ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان اتي کڙو نہ ٿئي. 64سڄي جماعت گڏجي ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ ٿي، 65تنهن کانسواءِ، انهن جا ٻانها ۽ ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ ماڻهو هئا: ۽ انهن وٽ ٻہ سؤ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون. 66انهن جا گهوڙا، ست سؤ ڇٽيهہ هئا؛ انهن جا خچر، ٻہ سؤ پنجيتاليهہ؛ 67انهن جا اُٺ، چار سؤ پنجٽيهہ؛ انهن جا گڏهہ، ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ. 68۽ اباڻن گهراڻن جي رئيسن مان جڏهن ڪي يروشلم ۾ خداوند جي گهر آيا، تڏهن انهن پنهنجي خوشيءَ سان خدا جي گهر لاءِ نذرانا ڏنا؛ انهيءَ لاءِ تہ اُهو پنهنجي جاءِ تي کڙو ڪيو وڃي: 69انهن پنهنجي وسعت آهر، ڪم واري خزاني ۾، سون جا ايڪهٺ هزار درهم، ۽ چانديءَ جا اڍائي هزار سير، ۽ هڪ سؤ ڪاهنن جا وڳا ڏنا. 70انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ڪي ٻيا ماڻهو، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ دربان، ۽ نتينيم، پنهنجن شهرن ۾ ۽ سڀ اسرائيلي پنهنجن شهرن ۾ اچي رهيا.
Currently Selected:
عزرا 2: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.