YouVersion Logo
Search Icon

عزرا 1

1
1هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند، فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ منادي ڪرائي، ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين جنهن ۾ چيائين، تہ 2فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. 3انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي تہ چڙهي يروشلم ۾ وڃي، جو يهوداہ ۾ آهي؛ ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو گهر جوڙي، (جو اُهوئي خدا آهي) جو يروشلم ۾ آهي. 4۽ جيڪو باقي رهيل ڪٿي بہ رهندو هجي، تنهن کي اتي جا ماڻهو چاندي، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن سان مدد ڪن، ۽ انهيءَ کانسواءِ يروشلم ۾ جو خداوند جو گهر آهي، تنهن لاءِ دل جي خوشيءَ جو نذرانو ڏين. 5تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ ڪاهن، ۽ لاوي، مطلب تہ اُهي سڀ جن جي دل ۾ خدا وڌو هو تہ وڃي خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙين، سي اُٿيا. 6۽ ٻيا جيڪي انهن جي آس پاس هئا، تن چانديءَ جي باسڻن، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن ۽ قيمتي شين سان هنن کي مدد ڏيئي مضبوط ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ دل جي خوشيءَ جا نذرانا بہ ڏنائون. 7خورس بادشاهہ بہ خداوند جي گهر جا اُهي باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي آندا هئا؛ ۽ پنهنجن معبودن جي گهر ۾ رکيا هئائين، سي ڪڍي آندا؛ 8اهي فارس جي بادشاهہ خورس متردات خزانچيءَ جي هٿان ڪڍائي آندا، ۽ يهوداہ جي سردار شيس بضر کي ڳڻي ڏياريائين: 9۽ انهن جو شمار هي آهي: ٽيهہ سون جا ٿالهہ، هڪ هزار چانديءَ جا ٿالهہ، ۽ اوڻٽيهہ ڪاتيون؛ 10ٽيهہ سون جا پيالا، چار سؤ ڏهہ ٻئي قسم جا چانديءَ جا پيالا، ۽ هڪ هزار ٻيا باسڻ. 11سون ۽ چانديءَ جا سڀ باسڻ پنج هزار ۽ چار سؤ هئا. اهي سڀ شيس بضر انهيءَ وقت آندا، جڏهن قيدي بابل مان يروشلم ۾ موٽائي آندا ويا.

Currently Selected:

عزرا 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in