فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي تہ چڙهي يروشلم ۾ وڃي، جو يهوداہ ۾ آهي؛ ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو گهر جوڙي، (جو اُهوئي خدا آهي) جو يروشلم ۾ آهي.