۽ اباڻن گهراڻن جي رئيسن مان جڏهن ڪي يروشلم ۾ خداوند جي گهر آيا، تڏهن انهن پنهنجي خوشيءَ سان خدا جي گهر لاءِ نذرانا ڏنا؛ انهيءَ لاءِ تہ اُهو پنهنجي جاءِ تي کڙو ڪيو وڃي: انهن پنهنجي وسعت آهر، ڪم واري خزاني ۾، سون جا ايڪهٺ هزار درهم، ۽ چانديءَ جا اڍائي هزار سير، ۽ هڪ سؤ ڪاهنن جا وڳا ڏنا.