YouVersion Logo
Search Icon

خروج 6

6
1تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.
2پوءِ خدا موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ آءٌ خداوند آهيان. 3جڏهن مون ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادر مطلق ڪري ڄاڻندا هئا، پر هنن کي خبر ڪانہ هئي تہ منهنجو نالو خداوند آهي. 4۽ مون انهن سان پنهنجو عهد بہ ڪيو آهي، تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو مسافرن وانگي رهندا هئا، سو کين ڏيندس. 5انهيءَ کان سواءِ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجي غلاميءَ ۾ رکيو آهي، ۽ مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي. 6تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس. 7آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو. 8آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان. 9پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي ڏک ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي.
10پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 11تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي چئُہ تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڏي. 12تنهن تي موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪري چيو تہ ڏس، جڏهن بني اسرائيل منهنجي ڳالهہ نہ مڃي، تہ فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن مڃيندو؟ آءٌ تہ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪندو آهيان. 13تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون سان ڳالهايو ۽ کين بني اسرائيل لاءِ، ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ پيغام ڏنائين، ۽ چيائين، تہ بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچو.
14هنن جي اباڻن خاندانن جا سردار هي آهن: اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ، فلو، حسرون ۽ ڪرمي، اهي روبن جا گهراڻا هئا. 15۽ شمعون جا پٽ؛ يموئيل، يمين، اهد، يڪين، صحر ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال جو پٽ هو، اهي شمعون جا گهراڻا هئا. 16لاويءَ جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن؛ جيرسون، قهات ۽ مراري؛ لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي. 17جيرسون جا پٽ؛ لبني ۽ شمعي، سندن گهراڻن موجب هئا. 18قهات جا پٽ؛ عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزئيل هئا؛ قهات جي عمر هڪ سؤ ٽيٽيهہ ورهيہ هئي. 19مراريءَ جا پٽ؛ محلي ۽ موشي هئا. لاويءَ جا گهراڻا سندن پيڙهين موجب اهي آهن. 20عمرام پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ يوڪبد سان شادي ڪئي، ۽ انهي مان هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا، ۽ عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي. 21اضحار جا پٽ؛ قورح، نفجہ ۽ زڪري هئا. 22عزئيل جا پٽ؛ ميسائيل، الصفن ۽ ستري هئا. 23هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا. 24قورح جا پٽ؛ آسير، القاناہ ۽ ابياسف هئا؛ اهي قورح جا گهراڻا آهن. 25هارون جي پٽ اليعزر فوطيئل جي ڌيئرن مان هڪڙي سان شادي ڪئي، انهيءَ مان فنيحاس پيدا ٿيو. لاويءَ وارن جي ابن ڏاڏن جي خاندانن مان هي سردار سندن گهراڻن موجب هئا. 26هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ بني اسرائيل کي سندن لشڪر موجب، مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو. 27هي اهي ئي آهن، جن مصر جي بادشاهہ فرعون کي چيو تہ اسين بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي وينداسون: هي اهوئي موسيٰ ۽ هارون آهن.
28۽ جنهن ڏينهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ موسيٰ ۽ هارون سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن هيئن ٿيو، 29جو خداوند موسيٰ کي چيو تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو، سو سڀ تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي ٻڌائج. 30تڏهن موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪيو تہ ڏس، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان، سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃندو؟

Currently Selected:

خروج 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in