خروج 5
5
1تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن. 2تڏهن فرعون چيو تہ خداوند ڪير آهي، جنهن جو حڪم مڃي آءٌ اسرائيل کي ڇڏي ڏيان؟ آءٌ خداوند کي نٿو سڃاڻان، نڪي اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس. 3تڏهن هنن چيو تہ عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي؛ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ، تہ ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي، خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون، متان هو وبا يا ترار سان اسان تي اچي پوي. 4تڏهن مصر جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ اي موسيٰ ۽ هارون، اوهين ماڻهن کي سندن ڪمن کان ڇو ٿا روڪيو؟ وڃي اوهين بہ پورهئي کي لڳو. 5۽ فرعون چيو تہ ڏسو، هن ملڪ ۾ اهي ماڻهو گهڻا وڌي ويا آهن، ۽ اوهين انهن کي سندن پورهئي کان آرام ڏيارڻ ٿا گهرو. 6۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن فرعون، انهن ماڻهن جي مقدمن ۽ عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ، 7جيئن هيستائين اوهين هنن ماڻهن کي سرون جوڙڻ لاءِ بهہ ڏيندا هئا، تيئن هاڻي کين بهہ نہ ڏيو؛ ڀلي تہ هو پنهنجي لاءِ پاڻيهي وڃي بهہ گڏ ڪن. 8۽ جيڪي سرون هنن هيستائين جوڙيون آهن، تن جي انداز موجب حساب ڪري، مٿن پورهيو مقرر ڪريو، انهي مان ڪي بہ گهٽ نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو سست آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ اسان کي ڇڏيو تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون. 9اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن، ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن خيال نہ ڊوڙائين. 10تڏهن انهن ماڻهن جا مقدم ۽ سندن عملدار اتان روانا ٿيا ۽ انهن ماڻهن کي اچي چيائون، تہ فرعون فرمائي ٿو تہ اڳتي آءٌ اوهان کي بهہ ڪونہ ڏيندس. 11جتان اهو اوهان کي ملي اُتان وڃي کڻي اچو؛ پر اوهان جو پورهيو بلڪل گهٽ ڪونہ ٿيندو. 12سو اهي ماڻهو مصر جي ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويا ۽ بهہ جي بدران ٻٿ گڏ ڪرڻ لڳا. 13۽ مقدمن کين تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين پنهنجو روزمرہ جو ڪم، اهڙو پورو ڪريو، جهڙو بهہ هوندي ڪندا هئا. 14۽ جن عملدارن کي فرعون جي مقدمن بني اسرائيل جي مٿان مقرر ڪيو هو، تن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ڇو اوهان سرن جوڙڻ جو ڪم، ڪالهہ ۽ اڄ ايترو نہ ڪيو آهي، جيترو اڳي ڪندا هئا؟ 15تڏهن بني اسرائيل جا عملدار فرعون وٽ آيا، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا تہ تون پنهنجن ٻانهن سان اهڙي هلت ڇو ٿو ڪرين؟ 16تنهنجن ٻانهن کي بهہ ڪونہ ٿو ملي ۽ هو اسان کي چون ٿا تہ پوريون سرون جوڙيو: ۽ ڏس، هو تنهنجن ٻانهن کي مارين ٿا، پر ڏوهہ خود تنهنجن ماڻهن جو آهي. 17تنهن تي هن چيو تہ اوهين سست آهيو، تنهنڪري چئو ٿا تہ اسان کي ڇڏيو تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهيون. 18سو هاڻي ڪم ڪريو، اوهان کي بهہ ڪونہ ملندو، پر سرن جو ساڳيو ئي ٺهرايل انداز اوهان کي ڏيڻو پوندو. 19هاڻي جڏهن بني اسرائيل جي عملدارن کي چيو ويو تہ اوهين پنهنجي روزمرہ جي ڪم موجب سرن جي ٺهرايل انداز مان ڪجهہ بہ نہ گهٽايو، تڏهن کين معلوم ٿيو تہ اسان جو برو حال ٿيو آهي. 20پوءِ هو فرعون وٽان ٿي موسيٰ ۽ هارون کي وڃي گڏيا، جي سندن لاءِ رستي تي بيٺا هئا. 21۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين. 22تڏهن موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ چيائين تہ اي خداوند، تو ڇو هن اُمت کي مصيبت ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو مون کي موڪليو اٿيئي؟ 23ڇالاءِ تہ جڏهن کان آءٌ تنهنجي نالي ڳالهائڻ لاءِ فرعون وٽ آيو آهيان، تڏهن کان هو هن اُمت کي وڌيڪ ٿو ستائي، ۽ تو پنهنجيءَ اُمت کي ڪنهن بہ طرح ڇڏايو ڪينهي.
Currently Selected:
خروج 5: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.