خروج 15
15
1تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي. 2خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس. 3خداوند جنگي پهلوان آهي، انهيءَ جو نالو خداوند آهي. 4هن فرعون جون گاڏيون ۽ سندس لشڪر سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ سندس چونڊيل سردار ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻڏي ويا آهن. 5اونهي پاڻيءَ هنن کي ڍڪي ڇڏيو، هو پهڻ وانگي سمنڊ جي تري ۾ هليا ويا آهن. 6اي خداوند، تنهنجو ساڄو هٿ طاقت ۾ مشهور آهي. اي خداوند تنهنجي ساڄي هٿ دشمن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي. 7جيڪي تنهنجي برخلاف اُٿن ٿا، تن کي تون پنهنجيءَ عظمت جي بزرگيءَ سان ڪيرائي ٿو ڇڏين؛ تون پنهنجو غضب موڪلين ٿو، ۽ اهو انهن کي بوسي جي ٻورن وانگي ساڙي چٽ ڪري ٿو ڇڏي. 8تنهنجن ناسن جي هوا سان پاڻي ڍڳ ٿي پيا، ۽ لهرون ٽڪرين وانگي اُڀيون ٿي بيٺيون؛ اونهو پاڻي سمنڊ جي وچ ۾ ڄمي بيهي رهيو. 9دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. 10تو پنهنجو واءُ لڳايو ۽ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو، هو زور واري پاڻيءَ ۾ شيهي وانگر ٻڏي ويا. 11اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟ 12تو پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيريو تہ زمين هنن کي ڳڙڪائي ويئي. 13جن ماڻهن کي تو ڇڏايو، تن جي تو پنهنجيءَ رحمت سان رهبري ڪئي: تو انهن کي پنهنجيءَ طاقت سان پنهنجي پاڪ مڪان تائين پهچايو آهي. 14قومن ٻڌو آهي ۽ ڏڪن ٿيون؛ فلستين کي خوف جي عذابن ورايو آهي. 15انهيءَ وقت ادوم جا سردار حيران ٿيا: موآب جي پهلوانن کي ڏڪڻي وٺي ويئي: ۽ ڪنعان جا سڀ رهاڪو پاڻي پاڻي ٿي ويا آهن. 16خوف ۽ ڊپ انهن تي پيو آهي؛ تنهنجي هٿ جي بزرگيءَ ڪري هو پهڻ وانگي سڪوت ۾ آهن، جيسين ڪ اي خداوند تنهنجي اُمت لنگهي وڃي، جنهن کي تو خريد ڪيو آهي. 17تون انهن کي وٺي ويندين، ۽ پنهنجيءَ ميراث واري جبل تي کين وڻ وانگي لڳائيندين، يعني اها جاءِ، جيڪا اي خداوند، تو پنهنجي رهڻ جي لاءِ تيار ڪئي آهي؛ اها پاڪ ترين جاءِ، جيڪا اي خداوند، تنهنجن هٿن قائم ڪئي آهي. 18خداوند هميشہ تائين بادشاهي ڪندو.
19سو فرعون جا گهوڙا، سندس گاڏين ۽ گهوڙي سوارن سميت، سمنڊ ۾ گهڙي ويا، ۽ خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو؛ پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪري ويا. 20۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون. 21۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو:
اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.
22پوءِ موسيٰ اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو، ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا؛ هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا، پر پاڻي ڪونہ ڏٺائون. 23۽ جڏهن هو مارہ ۾ آيا، تڏهن مارہ جو پاڻي پي نہ سگهيا ڇو تہ اهو ڪوڙو هو؛ انهيءَ ڪري هن جو نالو مارہ پيو هو. 24تڏهن ماڻهو موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چيائون تہ اسين ڇا پيئنداسين؟ 25تنهن تي هن خداوند کي پڪاريو؛ ۽ خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، سو جڏهن هن پاڻيءَ ۾ وڌو، تڏهن پاڻي مٺو ٿي پيو. اتي خداوند انهن جي لاءِ هڪڙو قانون ۽ قاعدو جوڙيو، ۽ اتي هن کين آزمايو: 26۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.
27پوءِ هو ايليم ۾ آيا، جتي پاڻيءَ جا ٻارهن چشما ۽ کجين جا ستر وڻ هئا؛ ۽ اتي هنن پاڻيءَ جي ڀرسان منزل ڪئي.
Currently Selected:
خروج 15: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.