۽ جڏهن هو مارہ ۾ آيا، تڏهن مارہ جو پاڻي پي نہ سگهيا ڇو تہ اهو ڪوڙو هو؛ انهيءَ ڪري هن جو نالو مارہ پيو هو. تڏهن ماڻهو موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چيائون تہ اسين ڇا پيئنداسين؟ تنهن تي هن خداوند کي پڪاريو؛ ۽ خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، سو جڏهن هن پاڻيءَ ۾ وڌو، تڏهن پاڻي مٺو ٿي پيو. اتي خداوند انهن جي لاءِ هڪڙو قانون ۽ قاعدو جوڙيو، ۽ اتي هن کين آزمايو