YouVersion Logo
Search Icon

آستر 6

6
1انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا. 2انهيءَ ۾ لکيل هو تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتانا ۽ ترش، جي در جي نگهباني ڪندا هئا، ۽ جن بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪرڻ ٿي گهري، تن جي مردڪئي خبر ڏني هئي. 3۽ بادشاهہ چيو تہ اهڙي ڪم جي عيوض مردڪئي کي ڪهڙي عزت ۽ ڪهڙو درجو ڏنو ويو آهي؟ تڏهن جيڪي بادشاهہ جا ملازم سندس خدمت ڪندا هئا، تن چيو تہ اُنهيءَ جي لاءِ ڪي بہ ڪين ڪيو ويو آهي. 4۽ بادشاهہ چيو تہ ايوان ۾ ڪير آهي؟ هاڻي بادشاهہ جي گهر جي ٻاهرين پاسي ايوان ۾ هامان آيو هو، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ کي چوي تہ جيڪا سوري مردڪئي جي لاءِ ٺهرائي هئائين، تنهن تي انهيءَ کي چاڙهي. 5۽ بادشاهہ جي نوڪرن کيس چيو تہ ڏس، ايوان ۾ هامان بيٺو آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ ڀلي هو اچي. 6تڏهن هامان اندر آيو. ۽ بادشاهہ چوڻ لڳس تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهري، تنهن جي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻي هامان پنهنجي دل ۾ چيو تہ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهرندو هوندو؟ 7۽ هامان بادشاهہ کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهري، 8تنهن جي لاءِ شاهي پوشاڪ، جا بادشاهہ ڍڪيندو آهي، ۽ جنهن گهوڙي تي بادشاهہ چڙهندو آهي، ۽ جنهن جي مٿي تي بادشاهي ڇٽ رکڻ ۾ ايندو آهي، سو آڻجي: 9۽ اُها پوشاڪ ۽ اُهو گهوڙو بادشاهہ جي ڪنهن تمام وڏي امير جي هٿن ۾ ڏجي تہ اُهو اُنهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي، جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، ۽ انهيءَ کي گهوڙي تي چاڙهي، شهر جي رستي تان گهمارائي، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرائي، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو. 10تڏهن بادشاهہ هامان کي چيو تہ جلدي ڪر ۽ جيئن تو چيو آهي، تيئن اها پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي يهوديءَ کي ڏي، جو بادشاهہ جي در تي ويٺو آهي: جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ذرو بہ گهٽ نہ ڪجانءِ. 11تڏهن هامان پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي کي پهرايو، ۽ سوار ڪري شهر جي رستي تان گهمارايائينس، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرايائين، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهُري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو. 12۽ مردڪئي وري بہ بادشاهہ جي در تي آيو. پر هامان تڪڙو ٿي ڏک ۾ مٿو ڍڪي گهر هليو ويو. 13۽ هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجن دوستن کي جيڪي بہ ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. تڏهن سندس ڏاهن ماڻهن ۽ سندس زال زرش کيس چيو، تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون ڪِرڻ لڳو آهين، سو جي يهودين جي نسل جو آهي تہ تون هن تي غالب نہ ايندين، پر ضرور هن جي اڳيان ڪِرندين. 14اڃا اُنهن هن سان پئي ڳالهايو تہ بادشاهہ جا ناظر آيا ۽ جيڪا مهماني آستر تيار ڪئي هئي، تنهن تي هامان کي وٺي وڃڻ لاءِ تڪڙ ڪرڻ لڳا.

Currently Selected:

آستر 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in