انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا. انهيءَ ۾ لکيل هو تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتانا ۽ ترش، جي در جي نگهباني ڪندا هئا، ۽ جن بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪرڻ ٿي گهري، تن جي مردڪئي خبر ڏني هئي.