آستر 7
7
1پوءِ بادشاهہ ۽ هامان راڻيءَ آستر سان گڏ ماني کائڻ جي لاءِ آيا. 2۽ ٻئي ڏينهن بہ شراب پيئڻ مهل بادشاهہ وري آستر کي چيو تہ راڻي آستر، تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ ٻڌاءِ تہ بادشاهت جي اڌ تائين اُهو پورو ڪيو وڃي. 3تڏهن راڻيءَ آستر ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بادشاهہ جي مون تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي تنهنجي اهڙي مرضي هجي، تہ منهنجي جان منهنجي عرض ڪرڻ تي، ۽ منهنجي قوم منهنجي سوال ظاهر ڪرڻ تي مون کي ڏني وڃي: 4ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها. 5تڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻي آستر کي چيو تہ اُهو ڪير آهي، ۽ ڪٿي آهي، جو جرئت ڪري پنهنجي دل ۾ ائين ڪرڻ گهري ٿو؟ 6۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو. 7۽ بادشاهہ شراب جي مجلس مان ڪاوڙ ۾ اُٿيو ۽ محلات جي باغ ۾ ويو، ۽ هامان اُٿي راڻيءَ آستر کي پنهنجي جيئدان ملڻ لاءِ عرض ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ بادشاهہ کيس نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو آهي. 8پوءِ بادشاهہ محلات واري باغ مان موٽي شراب جي مجلس واري هنڌ آيو: ۽ جنهن پلنگ تي آستر هئي، انهيءَ تي هامان ڪِريو پيو هو. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو گهر ۾، منهنجي روبرو راڻيءَ سان زور زبردستي ڪرڻ ٿو گهُري ڇا؟ بادشاهہ جي واتان انهن لفظن نڪرڻ تي هنن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو. 9تڏهن بادشاهہ جي اڳيان بيٺل ناظرن مان هڪڙي خربوناہ چيو تہ ڏس، تہ پنجاهہ هٿ ڊگهي سوري، جا هامان مردڪئيءَ جي لاءِ جوڙائي آهي، جنهن مردڪئي بادشاهہ جي لاءِ چڱائيءَ جي ڳالهہ ڪئي، سا هامان جي گهر ۾ بيٺي آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ انهيءَ تي هن کي وڃي لٽڪايو. 10تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.
Currently Selected:
آستر 7: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.