YouVersion Logo
Search Icon

داني ايل 11

11
1۽ دارا ميديءَ جي پهرين سال ۾ آءٌ هن کي قائم ڪرڻ ۽ زور وٺائڻ لاءِ اُٿي بيٺس.
2۽ هاڻي آءٌ توکي حقيقت ٻڌائيندس، ڏس، اڃا ٽي بادشاهہ فارس ۾ برپا ٿيڻا آهن؛ ۽ چوٿون ٻين سڀني کان وڌيڪ دولتمند ٿيندو: ۽ جڏهن هو پنهنجي دولت جي وسيلي زور وارو ٿيندو، تڏهن هو سڀني کي چوري، يونان جي بادشاهت جي برخلاف کڙو ڪندو. 3۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ برپا ٿيندو، جو وڏي حشمت سان حڪومت ڪندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلندو. 4۽ جڏهن هو برپا ٿيندو، تڏهن هن جي بادشاهي ڀڄي پوندي، ۽ آسمان جي چئني هوائن ڏانهن ورهائجي ويندي؛ پر اُها نہ سندس اولاد کي ملندي، ۽ نڪي اُنهي حشمت موافق ٿيندي، جنهن سان هن حڪومت ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي پاڙن کان پَٽجي ويندي، ۽ ٻين جي ٿيندي. 5۽ ڏکڻ جو بادشاهہ زور وارو ٿيندو، ۽ ان جو هڪڙو امير بہ؛ ۽ اُهو کانئس بہ وڌيڪ زور وارو ٿيندو، ۽ وڏي اختيار وارو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڏي بادشاهت ٿيندي. 6۽ سالن جي پڇاڙيءَ ۾ هو سڀ پاڻ ۾ گڏجي پوندا؛ ۽ ڏکڻ واري بادشاهہ جي ڌيءَ ٻڌي ڪرڻ لاءِ، اُتر واري بادشاهہ وٽ ايندي: پر هوءَ پنهنجي ٻانهن جو زور قابو نہ رکندي؛ نڪي هوءَ بيهي سگهندي، ۽ نہ سندس ٻانهن؛ پر هوءَ حوالي ڪئي ويندي، ۽ جن کيس آندو ۽ جنهن کيس ڄڻيو هو، ۽ جنهن انهي وقت هن کي زور وٺايو هو، سي بہ حوالي ڪيا ويندا. 7پر انهي جي پاڙن مان نڪتل هڪڙي گونچ منجهان هڪڙو نڪري انهي جي جاءِ تي بيهندو، جو لشڪر تائين ايندو، ۽ اُتر واري بادشاهہ جي قلعي ۾ گهڙندو، ۽ انهن سان وڙهندو ۽ غالب پوندو: 8۽ هو انهن جي معبودن کي، سندن پلٽيل مورتن، ۽ سندس سهڻن چاندي ۽ سون جي ٿانوَن سميت قيد ڪري مصر ۾ وٺي ويندو، ۽ هو ڪن سالن تائين مصر جي بادشاهہ کان پاسو ڪندو. 9۽ ڏکڻ جي بادشاهہ جي ملڪ ۾ ايندو، پوءِ موٽي پنهنجي ملڪ ۾ ويندو. 10۽ هن جا پٽ جنگ ڪندا، ۽ وڏا لشڪر گڏ ڪندا، جي ڪاهي ايندا، ۽ اُٿلي پوندا ۽ لنگهي ويندا: ۽ موٽي اچي جنگ ڪندا، ۽ هن جي قلعي تائين ايندا. 11۽ ڏکڻ جو بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ نڪري اچي انهيءَ سان وڙهندو، يعني اُتر واري بادشاهہ سان: ۽ هو هڪڙو وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو، ۽ اُهو ڪٽڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو. 12۽ جڏهن اُهو ڪٽڪ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي ويندي، ۽ هو لکن کي ڪيرائيندو، پر غالب نہ پوندو. 13۽ اُتر جو بادشاهہ موٽي ايندو، ۽ اڳي کان بہ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪندو؛ ۽ زمانن، يعني سالن جي پڇاڙيءَ ۾، هو هڪڙي وڏي لشڪر ۽ گهڻي مال متاع سان ايندو. 14۽ انهن ڏينهن ۾ گهڻا ئي ڏکڻ جي بادشاهہ کي سامهون ٿيندا: ۽ تنهنجي قوم مان ڪن ظالمن جو اولاد انهي رويا جي قائم ڪرڻ لاءِ اُٿندو: پر اُهي مارجي ويندا. 15پوءِ اُتر جو بادشاهہ ايندو ۽ هڪڙو بند ٻَڌائيندو، ۽ هڪڙو مضبوط قلعي وارو شهر وٺندو: ۽ ڏکڻ جون ٻانهون، توڙي هن جا چونڊيل ماڻهو، پير جهلي نہ سگهندا، نڪا پير جهلڻ جي ڪا طاقت هوندي. 16پر جيڪو هن تي ڪاهي ايندو، سو پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو، ۽ ڪوبہ انهي جي سامهون بيهي نہ سگهندو: ۽ هو انهيءَ وڏائيءَ واري زمين ۾ بيهندو، ۽ هن جي هٿ ۾ خرابي هوندي. 17۽ هو پنهنجي سڄي بادشاهت جي زور سان، سچارن سميت اچڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندو؛ ۽ پنهنجي خواهش پوري ڪندو: ۽ هو انهي کي زالن جي ڌيءَ ڏيندو تہ انهي کي خراب ڪري؛ پر هوءَ نہ بيهندي، ۽ نہ هن جي ٿيندي. 18پوءِ هو ڦري ٻيٽن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ گهڻائي وٺندو: پر هڪڙو امير هن جي خواري بند ڪرائيندو؛ هائو، پاڻ اُٽلندو هو اُها خواري اُٿلائي هن تي وجهندو. 19تنهن کان پوءِ هو پنهنجو منهن خود پنهنجي ملڪ جي قلعن ڏانهن ڪندو: پر هو آٿڙجي ڪِرندو، ۽ وري نہ لڀندو. 20تڏهن هن جي جاءِ تي هڪڙو شخص اُٿندو جو هڪڙي ڍل وصول ڪندڙ کي انهي بادشاهت جي تجمل مان لنگهي وڃڻ لاءِ حڪم ڏيندو: پر ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو مري چٽ ٿي ويندو: ۽ نہ ڪاوڙ ۾، نہ جنگ ۾. 21۽ انهي جي جاءِ تي هڪڙو خسيس ماڻهو کڙو ٿيندو، جنهن کي هن بادشاهيءَ واري عزت نہ ڏني هئي: پر هو صلح سلامتيءَ جي وقت ايندو، ۽ خوشامديون ڪري بادشاهي وٺندو. 22۽ اُهي سيلاب وانگر سندس اڳيان ٻُهاريا ويندا، ۽ ڀڃي ڇڏيا ويندا؛ هائو، اُهو عهد اقرار وارو امير بہ. 23۽ هن سان ٻڌي ڪري رهڻ کان پوءِ هو دغابازيءَ جي هلت ڪندو: ڇالاءِ جو هو چڙهي ايندو، ۽ ٿورن ئي ماڻهن سان زور وارو ٿي ويندو. 24صلح ۽ سلامتيءَ جي وقت هو پرڳڻي جي تمام آباد جاين تي ايندو؛ ۽ هو اُهي ڪم ڪندو، جي هن جي ابن ڏاڏن يا پڙڏاڏن بہ نہ ڪيا هوندا؛ هو انهن ۾ لٽ ۽ ڦر جو مال ۽ ٻيو مال متاع ورهائيندو: هائو، ڪجهہ عرصي تائين هو مضبوط قلعن وٺڻ لاءِ پنهنجون رٿون رٿيندو. 25۽ هو هڪڙي وڏي لشڪر سان ڏاڍي سگهہ ۽ همت جهلي، ڏکڻ جي بادشاهہ سان وڙهندو؛ ۽ ڏکڻ جو بادشاهہ بہ تمام وڏي زور واري لشڪر سان جنگ ڪندو: پر هو بيهي نہ سگهندو، ڇالاءِ جو هو ان جي برخلاف منصوبا ڪندا. 26هائو، جيڪي سندس ماني ٿا کائين، سي ئي کيس ناس ڪندا، ۽ ان جو لشڪر گهڻائيءَ کان اُٿلي پوندو؛ ۽ گهڻا مارجي ڪِري پوندا. 27باقي هي ٻئي بادشاهہ، سو انهن جي دل خرابي ڪرڻ گهرندي، ۽ هڪڙي ئي ميز تي ڪوڙ ڳالهائيندا: پر انهن مان ڪو فائدو نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو پڇاڙي اڃا بہ پوءِ ٺهرايل وقت تي ٿيندي. 28تنهن کانپوءِ گهڻي مال متاع سان هو موٽي پنهنجي ملڪ ۾ ويندو؛ ۽ هن جي دل پاڪ عهد اقرار جي برخلاف ٿيندي؛ ۽ هو پنهنجي مرضيءَ تي هلت ڪندو، ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ موٽندو. 29مقرر ڪيل وقت تي هو موٽندو ۽ ڏکڻ ۾ ايندو؛ پر جيئن اڳئين وقت ۾ ٿيو هو تيئن پوئين وقت ۾ ٿيندو. 30ڇالاءِ جو ڪتيم جا جهاز مٿس ڪاهي ايندا؛ تنهنڪري هو غمگين ٿي موٽندو، ۽ پاڪ عهد اقرار تي ڪاوڙ ايندس، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان ڪم ڪندو: بلڪ هو موٽندو، ۽ جيڪي اُهو پاڪ عهد اقرار ڇڏي ڏيندا، تن سان سازش ڪندو. 31۽ هٿيار هن جي طرفان کڙا ٿيندا، ۽ هو پاڪ مڪان جي بي ادبي ڪندا، يعني قلعي جي، ۽ مدامي سوختني قرباني کڻي ويندا، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ اُتي رکندا. 32۽ جيڪي عهد اقرار جي برخلاف شرارت ڪندا، تن کي هو خوشامدون ڪري ڦيرائي ڇڏيندو: پر جيڪي ماڻهو پنهنجو خدا سڃاڻن ٿا سي زور وارا ٿيندا، ۽ وڏا ڪم ڪندا. 33۽ ماڻهن ۾ جيڪي ڏاها هوندا سي گهڻن کي تعليم ڏيندا: انهي هوندي بہ هو گهڻن ڏينهن تائين ترار ۽ باهہ، قيد ۽ ڦرلٽ سان ڪِرندا. 34هاڻي جڏهن هو ڪِرندا، تڏهن ٿوري ئي مدد سان پاڻ جهلي ويندا: پر گهڻا خوشامدون ڪري ساڻن اچي گڏبا. 35جي ڏاها آهن تن منجهان ڪي ڪِرندا، انهي لاءِ تہ کين سڌارين، ۽ پاڪ ڪن، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين صاف ٿين: ڇالاءِ جو اهو اڃا ٺهرايل وقت لاءِ آهي. 36۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو. 37نڪي هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو، نڪي زالن جي خواهش، يا ڪنهن معبود جو خيال ڪندو: ڇالاءِ جو هو پاڻ کي سڀني کان وڏو سمجهندو. 38پر انهن جي جاءِ تي هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو: ۽ جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا نہ سڃاڻندا هئا، تنهن کي هو سون ۽ چانديءَ سان، قيمتي پٿرن ۽ سهڻين شين سان عزت ڏيندو، 39۽ هڪڙي ڌارئي معبود جي مدد سان، تمام مضبوط قلعن سان وڙهندو؛ ۽ جيڪو کيس قبول ڪندو، تنهن جي عزت هو وڌائيندو: ۽ هو کين گهڻن جي مٿان حڪومت ڪرائيندو، ۽ ڪجهہ قيمت تي زمين ورهائي ڏيندو. 40۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو. 41۽ هو انهي تجمل واري زمين ۾ بہ گهڙندو، ۽ گهڻن ملڪن کي بہ فتح ڪندو: پر اهي سندس هٿان ڇڏايا ويندا، يعني، ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون جا مکيہ ماڻهو. 42هو ملڪن تي پنهنجو هٿ بہ ڊگهيريندو: ۽ مصر جي زمين بہ ڇُٽي نہ ويندي. 43۽ هن کي سون ۽ چانديءَ جي خزانن تي اختيار رهندو، ۽ مصر جي سڀني قيمتي شين تي بہ: ۽ لوبي ۽ حبشي سندس قدمن ۾ حاضر رهندا. 44پر اُڀرندي ۽ اُتر مان اُٿيل افواهون هن کي پريشان ڪنديون: ۽ هو ڏاڍي ڪاوڙ مان گهڻن کي ناس ۽ بلڪل نابود ڪرڻ لاءِ ويندو. 45۽ هو سمنڊ ۽ جلال واري پاڪ جبل جي وچ ۾ پنهنجي محلات جا تنبو کوڙيندو؛ انهي هوندي بہ نيٺ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو، ۽ ڪوبہ مدد نہ ڪندس.

Currently Selected:

داني ايل 11: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in