۽ هٿيار هن جي طرفان کڙا ٿيندا، ۽ هو پاڪ مڪان جي بي ادبي ڪندا، يعني قلعي جي، ۽ مدامي سوختني قرباني کڻي ويندا، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ اُتي رکندا. ۽ جيڪي عهد اقرار جي برخلاف شرارت ڪندا، تن کي هو خوشامدون ڪري ڦيرائي ڇڏيندو: پر جيڪي ماڻهو پنهنجو خدا سڃاڻن ٿا سي زور وارا ٿيندا، ۽ وڏا ڪم ڪندا.