YouVersion Logo
Search Icon

داني ايل 10

10
1فارس جي بادشاهہ خورس جي ٽئين سال ۾، داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر رکيو ويو هو، تنهن تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي؛ ۽ اُها ڳالهہ سچي هئي، يعني هڪڙي وڏي جنگ، ۽ هن اُها ڳالهہ سمجهي، ۽ انهي رويا جي پروڙ پيس. 2انهن ڏينهن ۾ مون داني ايل پورا ٽي هفتا ماتم پئي ڪيو. 3مون دل گهريو طعام نہ ٿي کاڌو، ۽ گوشت يا شراب منهنجي وات ۾ نہ پيو، ۽ نہ ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين ڪ ٽي هفتا پورا ٿيا. 4۽ پهرين مهيني جي چوويهين تاريخ، جڏهن آءٌ وڏي نديءَ، يعني دجلہ جي ڪناري تي هوس، 5تڏهن مون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪڙو ماڻهو ڪتاني ڪپڙي جي پوشاڪ ۾ ڏٺم، جنهن جي چيلهہ کي اوفاز جي خالص سون جهڙو ڪمربند ٻڌل هو: 6هن جو بدن بہ فيروزي جهڙو هو، ۽ هن جو منهن بجليءَ جهڙو هو، ۽ هن جون اکيون مشعلن جهڙيون هيون، ۽ هن جون ٻانهون ۽ هن جا پير رنگ ۾ چمڪندڙ پتل جهڙا هئا، ۽ هن جي ڳالهائڻ جو آواز گهڻن ماڻهن جي آواز جهڙو هو. 7۽ رڳو مون داني ايل اُهو رويا ڏٺو: ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو مون سان هئا، تن اُهو رويا نہ ڏٺو؛ پر هنن کي ڏاڍي ڏڪڻي وٺي ويئي، ۽ هو ڀڄي وڃي لڪا. 8انهي طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس، ۽ اُهو وڏو رويا ڏٺم، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو منهنجي شڪل شباهت خراب ٿي ويئي ۽ آءٌ نستو ٿي پيس. 9انهي هوندي بہ مون هن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو: ۽ جڏهن مون هن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو، تڏهن گهاٽي ننڊ ۾ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ منهنجو منهن زمين ڏانهن هو. 10۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو: 11۽ هن مون کي چيو تہ اي داني ايل، گهڻو پيارا شخص، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان ٿو سي سمجهي وٺ، ۽ اُٿي سنئون ٿي بيهہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان: ۽ جڏهن هن مون کي ائين چيو، تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس. 12تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان. 13پر فارس جي ملڪ جي بادشاهہ مون کي ايڪيهين ڏينهن تائين ترسايو؛ پر ڏس، وڏن اميرن مان هڪڙو، ميڪائيل، منهنجي مدد لاءِ آيو: ۽ آءٌ اُتي فارس جي بادشاهہ وٽ رهجي ويس. 14هاڻي آءٌ توکي سمجهائڻ آيو آهيان تہ پوين ڏينهن ۾ تنهنجي قوم تي ڇا ٿي گذرندو: ڇالاءِ جو اهو رويا اڃا گهڻن ڏينهن تائين هلندو. 15۽ جڏهن هن مون سان انهي طرح ڳالهايو، تڏهن مون پنهنجو منهن زمين ڏانهن ڪيو، ۽ گونگو ٿي بيهي رهيس. 16۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي. 17ڇالاءِ جو ڪهڙي طرح منهنجي مالڪ جو ٻانهو منهنجي مالڪ سان ڳالهائي سگهندو؟ ڇالاءِ جو مون ۾ تہ بلڪل طاقت ڪانہ رهي آهي، ۽ نہ مون ۾ باقي ڪو ساهہ آهي. 18تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين. 19۽ هن چيو تہ اي گهڻو پيارا ماڻهو، ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، طاقت وارو ٿي، هائو، طاقت وارو ٿي، ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن مون ۾ طاقت پيدا ٿي، ۽ چوڻ لڳس تہ ڀلي منهنجو مالڪ ڳالهائي، ڇالاءِ جو تو مون کي طاقت بخشي آهي. 20تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو. 21پر آءٌ توکي اُهو ٻڌائيندس، جيڪي حق جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ اوهان جي سردار ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو هنن جي برخلاف منهنجو مددگار ٿئي.

Currently Selected:

داني ايل 10: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in