YouVersion Logo
Search Icon

داني ايل 9

9
1دارا بن اخسويرس، جو ميدين جي نسل مان هو، ۽ جو ڪسدين جي بادشاهت تي بادشاهہ ڪيو ويو هو، تنهن جي پهرين ورهيہ ۾؛ 2انهي جي بادشاهت جي پهرين سال ۾ مون داني ايل، ڪتابن مان انهن سالن جو شمار معلوم ڪيو، جن بابت خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ وٽ آيو، تہ يروشلم جي ويراني پوري ٿيندي؛ ۽ اُهي ستر سال هئا. 3۽ مون پنهنجو منهن خداوند ڏانهن ڪيو، انهي لاءِ تہ دعا گهرڻ ۽ عرض ڪرڻ سان، روزن رکڻ ۽ کٿي ڍڪڻ ۽ خاڪ وجهڻ سان سوال ڪريان. 4۽ مون خداوند پنهنجي خدا اڳيان دعا ڪئي، ۽ ڏوهہ قبول ڪيم، ۽ چيم تہ اي خداوند، وڏا ۽ هيبت وارا خدا، جو انهن سان عهد اقرار قائم رکين ٿو، ۽ انهن تي ڪرم ڪرين ٿو، جي توکي پيار ٿا ڪن، ۽ تنهنجن حڪمن جي سنڀال ٿا ڪن؛ 5اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ اونڌي هلت هليا آهيون، ۽ شرارت جا ڪم ڪيا اٿئون، ۽ باغي ٿيا آهيون، يعني تنهنجن حڪمن ۽ تنهنجين عدالتن کان منهن موڙيو اٿئون: 6۽ نہ اسان تنهنجن ٻانهن نبين جي ڳالهہ مڃي آهي، جن تنهنجي نالي سان اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن، ۽ زمين جي سڀني ماڻهن سان ڪلام ڪيو. 7اي خداوند، سچائي تنهنجي آهي، پر اسانجي، يعني يهوداہ جي ماڻهن، ۽ يروشلم جي رهاڪن، ۽ ساري اسرائيل لاءِ، جي ويجها توڙي پري انهن سڀني ملڪن ۾ آهن، جن ۾ تو هنن کي گناهہ ڪرڻ جي ڪري هڪالي ڇڏيو، منهن جي ڦڪائي آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين ڏسون ٿا. 8اي خداوند، شرمندگي اسان جي ۽ اسانجن بادشاهن، ۽ اسان جي اميرن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن لاءِ آهي، ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. 9خداوند اسان جي خدا وٽ، جيتوڻيڪ اسين هن کان باغي ٿيا آهيون، رحمت ۽ معافي آهي؛ 10اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو آهي نہ ئي سندس قانونن تي هليا آهيون، جي سندس ٻانهن نبين اسان جي اڳيان رکيا. 11هائو، اسرائيل تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي، ۽ ڦري ٻئي پاسي ويا آهن، انهي لاءِ تہ تنهنجي حڪم عدولي ڪن؛ تنهنڪري اسان تي اُهو قسم، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ اُها لعنت نازل ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو اسان هن جو گناهہ ڪيو آهي. 12۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي. 13جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون. 14تنهنڪري خداوند ڄاڻي ٻجهي اها خرابي اسان تي آندي آهي: ڇالاءِ جو خداوند اسان جو خدا جيڪي ڪم ڪري ٿو، تن سڀني ۾ هو سچو آهي؛ ۽ اسان هن جو حڪم نہ مڃيو آهي. 15۽ هاڻي، اي خداوند اسان جا خدا، تو پنهنجي قوم کي زوراور هٿ سان مصر جي زمين مان ڪڍي آندو آهي، ۽ پنهنجي ناموس ڪڍي اٿيئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛ اسين گنهگار آهيون، اسان شرارت جا ڪم ڪيا آهن. 16اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ پنهنجي سچائيءَ موجب، پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان ٽار، جو تنهنجو پاڪ جبل آهي: ڇالاءِ جو اسانجن گناهن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين ڪري، يروشلم ۽ تنهنجي قوم، پنهنجن سڀني آس پاس وارن لاءِ طعني جو سبب ٿي آهي. 17تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ ان جا عرض ٻڌ، ۽ خداوند جي واسطي، تنهنجو پاڪ مڪان جو ويران ٿي ويو آهي، تنهن تي پنهنجو چهرو چمڪاءِ. 18اي منهنجا خدا، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ؛ پنهنجون اکيون پَٽي اسان جون ويرانيون، ۽ جيڪو شهر تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي، سو ڏس: ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پنهنجا عرض پنهنجين راستبازين ڪري نٿا پيش ڪريون، پر تنهنجي وڏي رحمت ڪري؛ 19اي خداوند، ٻڌ؛ اي خداوند، معافي ڏي؛ اي خداوند، ٻڌي عمل ڪر؛ دير نہ ڪر؛ اي منهنجا خدا، پنهنجي واسطي ائين ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم، تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.
20۽ اڃا مون پئي ڳالهايو ۽ دعا گهري، ۽ پنهنجو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ قبول پئي ڪيو، ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ جبل واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان پنهنجو عرض پئي گذاريو؛ 21هائو، اڃا مون دعا پئي گهري تہ اُهو شخص جبرائيل، جنهن کي شروعات ۾ مون رويا ۾ ڏٺو هو، سو تکو اُڏامندو، اٽڪل شام جي نذراني ڏيڻ وقت، آيو ۽ اچي مون کي هٿ لاتائين. 22۽ هن مون کي سيکاريو، ۽ مون سان ڳالهايائين، ۽ چيائين، تہ اي داني ايل، آءٌ هاڻي انهي لاءِ آيو آهيان تہ توکي سمجهہ ڀريو ۽ قابل ڪريان. 23تنهنجي دعا گهرڻ جي شروع تي ئي حڪم جاري ٿيو، ۽ اُهو آءٌ توکي ٻڌائڻ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو تون گهڻو پيارو آهين: تنهنڪري انهي ڳالهہ تي ويچار ڪري اها رويا سمجهہ. 24ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو. 25تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون. 26۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن. 27۽ هو هڪڙي هفتي لاءِ هڪڙو مضبوط عهد اقرار ڪندو؛ ۽ اڌ هفتي لاءِ هو قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو؛ ۽ ڪراهت جهڙين شين جي کنڀ تي هڪڙو اهڙو ايندو جو ويران ڪري ڇڏيندو؛ ۽ جيڪي ٺهرايو ويو آهي، تنهن جي پوري ٿيڻ تائين اُنهي ويران ڪندڙ تي غضب نازل ٿيندو رهندو.

Currently Selected:

داني ايل 9: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in