YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 8

8
1تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ دائود مکيہ شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان ڪڍي ورتي. 2۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا. 3دائود ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر، بن رحوب کي بہ شڪست ڏني، جڏهن هو فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ويو. 4۽ دائود انهيءَ کان هڪ هزار ست سؤ گهوڙي سوار، ۽ ويهہ هزار پيادا ورتا: ۽ دائود سڀني گاڏين جي گهوڙن جون کچون وڍي ڇڏيون، مگر هڪ سؤ گاڏين جي لاءِ انهن مان گهوڙا رکي ڇڏيائين. 5۽ جڏهن دمشق جا ارامي، ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر کي مدد ڏيڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماريا. 6پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي. 7۽ هدد عزر جي نوڪرن وٽ جيڪي سون جون سپرون هيون سي دائود هٿ ڪري يروشلم ۾ آنديون. 8۽ هدد عزر جي شهرن بطاہ، ۽ بيروتي مان بادشاهہ دائود تمام گهڻو پتل هٿ ڪيو. 9۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هدد عزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي؛ 10تڏهن توغي پنهنجي پٽ يورام کي بادشاهہ دائود ڏي موڪليو تہ کيس سلام دعا ڪري، ڇالاءِ جو هو هدد عزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين: ڇالاءِ جو هدد عزر توغيءَ سان جنگيون ڪيون هيون. ۽ يورام پاڻ سان چانديءَ جا باسڻ، ۽ سون جا باسڻ، ۽ پتل جا باسڻ آندا: 11اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خدا لاءِ وقف ڪيا، جيئن هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪري وقف ڪيا هئا: 12ارام مان، ۽ موآب مان، ۽ بني عمون مان ۽ فلستين مان، ۽ عماليق مان، ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر بن رحوب جي لٽ جي مال مان. 13۽ جڏهن دائود لوڻ جي واديءَ ۾ ارامين جي ارڙهن هزار ماڻهن کي شڪست ڏيئي موٽيو، تڏهن هن نالو ڪڍيو. 14۽ هن عدوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا، بلڪ سڄي ادوم ۾؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.
15۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو. 16۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو: 17۽ صدوق بن اخيطوب، ۽ اخيملڪ بن ابي ياتر ڪاهن هئا؛ ۽ شراياہ محرر هو؛ 18۽ بناياہ بن يهويدع، ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ ڪاهن هئا.

Currently Selected:

2 - سموئيل 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in