YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 9

9
1۽ دائود چيو تہ سائول جي گهراڻي مان ڪو اڃا رهيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي يونتن جي خاطر مهرباني ڏيکاريان؟ 2۽ سائول جي گهراڻي مان هڪڙو ٻانهو هو، جنهن جو نالو ضيبا هو، ۽ انهيءَ کي سڏي دائود وٽ آندائون؛ ۽ بادشاهہ انهيءَ کي چيو تہ تون ضيبا آهين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو اهو ئي آهي. 3۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي. 4۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ اهو ڪٿي آهي؟ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو لودبار ۾، عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهر آهي. 5تڏهن بادشاهہ دائود انهيءَ کي لودبار مان عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهران گهرائي ورتو. 6۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو. 7۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ. 8۽ هن تعظيم ڏئي چيو، تہ تنهنجو ٻانهو ڪير آهي جو تون مون جهڙي مئل ڪتي ڏانهن نهارين؟ 9تڏهن بادشاهہ سائول جي ٻانهي ضيبا کي سڏي چيو تہ جيڪا بہ سائول جي ۽ سندس گهراڻي جي ملڪيت هئي، سا مون تنهنجي ڌڻيءَ جي پٽ کي ڏيئي ڇڏي آهي. 10۽ تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجا نوڪر، هن جي پاران زمين آباد ڪجو؛ ۽ تون پيدائش آڻجانءِ تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ماني کائي: پر مفيبوست، تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ هميشہ منهنجي دسترخاني تي ماني کائيندو. هاڻي ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا. 11تڏهن ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي کي حڪم ڪندو، ان موجب تنهنجو ٻانهو ڪندو. باقي مفيبوست جي نسبت ۾ بادشاهہ چيو تہ، هو بادشاهہ جي پٽن وانگر منهنجي دسترخاني تي کائيندو. 12۽ مفيبوست کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو، ۽ جيڪي ماڻهو ضيبا جي گهر ۾ رهندا هئا سي مفيبوست جا نوڪر هئا. 13انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.

Currently Selected:

2 - سموئيل 9: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in