2 - سموئيل 10
10
1۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون جي بادشاهہ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ حنون سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. 2۽ دائود چيو تہ آءٌ ناحس جي پٽ حنون کي اهڙي مهرباني ڏيکاريندس جهڙي هن جي پيءُ مون کي ڏيکاري هئي. انهيءَ طرح دائود هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ پنهنجي نوڪرن جي هٿان معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ آيا. 3پر بني عمون جي سردارن پنهنجي ڌڻي حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي، ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ توڏي ماڻهو موڪليا اٿس؟ دائود پنهنجا نوڪر توڏي انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن ڇا تہ شهر جي تلاشي وٺي، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪري، ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري؟ 4تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن اڌ ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪري ڇڏيائين. 5جڏهن اها ڳالهہ دائود کي وڃي ٻڌايائون تڏهن هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن، پوءِ موٽي اچجو. 6۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا. 7۽ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن يوآب کي، ۽ بهادرن جي ساري لشڪر کي ڏياري موڪليائين. 8۽ بني عمون ٻاهر نڪري آيا، ۽ دروازي جي لنگهہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا: ۽ ضوباہ ۽ رحوب جا ارامي، ۽ طوب ۽ معڪہ جا ماڻهو ميدان تي اڪيلا هئا. 9هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان توڙي پٺيان هو جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا آهن تڏهن هن اسرائيل جي سڀني مکيہ ماڻهن مان ڪي چونڊي ڪڍيا، ۽ اهي ارامين سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين: 10باقي ٻيا سڀ ماڻهو هن پنهنجي ڀاءُ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ رکيا، ۽ انهن کي بني عمون سان سامهون ٿيڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين. 11۽ چيائين تہ جي ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا، تہ تون مون کي مدد ڏجانءِ: پر جي بني عمون توکان ڏاڍا ٿيا، تہ آءٌ اچي توکي مدد ڏيندس. 12چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري. 13تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ رڙهي ويجها ٿيا: ۽ هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا. 14۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ ابيشيءَ جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب بني عمون وٽان موٽي يروشلم ۾ آيو. 15۽ جڏهن ارامين ڏٺو تہ اسرائيل جي هٿان شڪست کاڌي اٿئون، تڏهن هو سڀ گڏ ٿيا. 16۽ هدد عزر ماڻهو موڪلي، جيڪي ارامي فرات نديءَ جي هن ڀر هئا تن کي گهرائي ورتو: ۽ اهي حلام ۾ آيا، ۽ سوبڪ، جو هدد عزر جو سپهہ سالار هو، سو سندن مهندار ٿيو. 17۽ ماڻهن دائود کي اها خبر رسائي؛ ۽ انهيءَ سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ هو يردن لنگهي حلام ۾ آيو. ۽ ارامي دائود جي سامهون صفون ٻڌي ساڻس وڙهيا. 18نيٺ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا، ۽ چاليهہ هزار گهوڙي سوار قتل ڪيا، ۽ سندس سپهہ سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو اتي ئي مري ويو. 19۽ جيڪي ٻيا بادشاهہ هدد عزر جا نوڪر هئا تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن تڏهن اسرائيل سان صلح ڪيائون، ۽ انهن جي ٻانهپ قبول ڪيائون. انهيءَ طرح ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.
Currently Selected:
2 - سموئيل 10: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.