2 - سموئيل 11
11
1۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾ جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن دائود پنهنجن نوڪرن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي، يوآب سان گڏ ڏياري موڪليو، ۽ انهن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائون. پر دائود يروشلم ۾ ترسي پيو.
2۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي. 3۽ دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ زال جو حال احوال پڇايو. ۽ هڪڙي ماڻهوءَ چيو تہ اها العام جي ڌيءَ، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال بت سبع ناهي ڇا؟ 4تڏهن دائود قاصد موڪلي انهي کي گهرايو؛ ۽ هوءَ وٽس آئي، ۽ هو ساڻس ستو؛ (ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجي ناپاڪيءَ کان پاڪ هئي؛) ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي گهر هلي ويئي. 5۽ اها زال پيٽ سان ٿي؛ تڏهن هن دائود کي چوائي موڪليو تہ آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان. 6۽ دائود يوآب ڏي چوائي موڪليو تہ اورياہ حتيءَ کي مون وٽ ڏياري موڪل. ۽ يوآب اورياہ کي دائود ڏي ڏياري موڪليو. 7۽ جڏهن اورياہ دائود وٽ آيو تڏهن هن پڇيس تہ يوآب ڪيئن آهي، ۽ ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي، ۽ جنگ ڪيئن پئي هلي. 8پوءِ دائود اورياہ کي چيو تہ پنهنجي گهر وڃي پير ڌوءُ. ۽ اورياہ بادشاهہ جي گهران نڪتو، ۽ پٺيانس بادشاهہ وٽان ماني جو خونچو موڪليو ويو. 9پر اورياہ پنهنجي ڌڻيءَ جي سڀني نوڪرن سميت بادشاهہ جي گهر جي در وٽ سمهي پيو، ۽ پنهنجي گهر نہ ويو. 10۽ جڏهن دائود کي ٻڌايائون تہ اورياہ پنهنجي گهر نہ ويو آهي، تڏهن دائود اورياہ کي چيو تہ تون مسافري ڪري نہ آيو آهين ڇا؟ ڇو پنهنجي گهر نہ وئين؟ 11تڏهن اورياہ دائود کي چيو تہ صندوق، ۽ اسرائيل، ۽ يهوداہ، تنبن ۾ ٿا رهن؛ ۽ منهنجو ڌڻي يوآب ۽ منهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر کليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا آهن؛ تڏهن آءٌ پنهنجي گهر وڃي کاوان ۽ پيئان، ۽ پنهنجيءَ زال سان سمهان ڇا؟ تنهنجي سر جو، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس. 12۽ دائود اورياہ کي چيو تہ اڄ بہ تون هتي ٽڪ ۽ سڀاڻي توکي وڃڻ ڏيندس. تنهنڪري اورياہ اهو ڏينهن، ۽ ٻيو ڏينهن بہ يروشليم ۾ رهي پيو. 13۽ جڏهن دائود سڏيس تڏهن هن سندس اڳيان کاڌو ۽ پيتو، ۽ هن شراب پياري مست ڪيس: ۽ شام جو هو نڪري پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن سان گڏ پنهنجي هنڌ تي ستو، پر پنهنجي گهر نہ ويو. 14۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو دائود يوآب ڏي هڪڙو خط لکيو، ۽ اورياہ جي هٿان ڏياري موڪليائينس. 15۽ انهيءَ خط ۾ لکيائينس تہ اوهين اورياہ کي جتي لڙائي سخت هلندي هجي، اتي سڀني جي اڳيان بيهارجو، ۽ اوهين کانئس پري هٽي بيهجو تہ ڀلي هو ڦٽجي مري. 16۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يوآب شهر تي پهرو ٿي رکيو، تڏهن هن اورياہ کي انهيءَ هنڌ رکيو جتي خبر هيس تہ بهادر مرد بيٺل آهن. 17۽ شهر جا ماڻهو نڪري يوآب سان وڙهيا: ۽ انهن ماڻهن مان، يعني دائود جي نوڪرن مان، ڪي مارجي ويا؛ ۽ اورياہ حتي بہ مارجي ويو. 18تڏهن يوآب جنگ جو سمورو احوال دائود ڏي چوائي موڪليو؛ 19۽ قاصد کي تاڪيد ڪري چيائين تہ جڏهن جنگ جون سڀ ڳالهيون بادشاهہ کي ٻڌائي بس ڪرين، 20تڏهن هيئن ڪجانءِ، تہ جيڪڏهن بادشاهہ ڪاوڙجي ۽ توکي چوي تہ وڙهڻ جي لاءِ شهر کي اهڙو ويجهو ڇو ويا؟ اوهان کي ايترو سماءُ نہ پيو ڇا تہ هو ديوار جي مٿان اوهان کي تير هڻندا؟ 21يربست جي پٽ ابيملڪ کي ڪنهن ماريو؟ هن تي هڪڙيءَ زال ڀت تان جنڊ جو مٿيون پڙ ڪين اُڇلائي وڌو هو ڇا جنهنڪري هو تيبض ۾ مري ويو؟ ڇو اوهين ڀت کي اهڙا ويجها ويا؟ تڏهن تون چئجانءِ تہ تنهنجو نوڪر اورياہ حتي بہ مارجي ويو آهي. 22پوءِ قاصد روانو ٿيو ۽ جيڪو پيغام يوآب ڏنو هوس سو دائود کي اچي ٻڌايائين. 23۽ قاصد دائود کي چيو تہ هو ماڻهو اسان تي غالب پئجي ويا، ۽ ان ڪري اسان تائين ميدان ۾ آيا، ۽ اسين هنن تي ڪاهہ ڪري شهر جي دروازي تائين وياسين. 24۽ تير اندازن ڀت جي مٿان تنهنجن نوڪرن تي تير هنيا؛ ۽ بادشاهہ جا ڪي نوڪر مري ويا، ۽ تنهنجو نوڪر اورياہ حتي بہ مري ويو. 25تڏهن دائود قاصد کي چيو تہ تون يوآب کي هيئن چئجانءِ تہ انهيءَ ڳالهہ ڪري تون متان دلگير ٿين، ڇالاءِ جو ترار جهڙو هڪڙي کي کائي کپائي ٿي تهڙو ٻئي کي: شهر تي زيادہ زور سان جنگ ڪر، ۽ انهيءَ کي جيتي وٺ: ۽ تون کيس دلجاءِ ڏجانءِ. 26۽ جڏهن اورياہ جي زال ٻڌو تہ سندس مڙس اورياہ مري ويو آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لڳي. 27۽ جڏهن انهيءَ جي سوءَ پوري ٿي، تڏهن دائود هن کي گهرائي پنهنجي گهر آندو، ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ انهيءَ منجهان هڪڙو پٽ ڄائس. پر اهو جيڪو ڪم دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.
Currently Selected:
2 - سموئيل 11: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.