YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 12

12
1۽ خداوند ناتن کي دائود ڏي موڪليو. ۽ اهو هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو هئا؛ هڪڙو شاهوڪار ۽ ٻيو غريب. 2شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ گهڻا ڌڻ ۽ مال جا گلا هئا: 3پر غريب ماڻهو وٽ ڪي ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍڙي رڍ جي، جا هن خريد ڪري پالي هئي: ۽ اها ساڻس، ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي؛ اها هن جي ماني مان کائيندي هئي، ۽ هن جي پيالي مان پاڻي پيئندي هئي، ۽ هن جي هنج ۾ سمهندي هئي، ۽ هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي. 4۽ هڪڙو مسافر انهيءَ شاهوڪار ماڻهو وٽ آيو، ۽ انهيءَ پنهنجي ڌڻ ۽ پنهنجي گلي مان انهيءَ آيل مسافر جي کائڻ لاءِ ڪنهن کي بہ هٿ نہ لاتو، پر هن غريب ماڻهوءَ جي رڍ کڻي وڃي انهيءَ مهمان لاءِ پچائي. 5تڏهن دائود انهيءَ ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو؛ ۽ هن ناتن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي سو مرڻ جي لائق آهي؛ 6۽ انهي کي انهيءَ رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇالاءِ جو هن کي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو ۽ اهڙو ڪم ڪيائين.
7تڏهن ناتن دائود کي چيو، تہ اهو ماڻهو تون آهين. خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي اسرائيل جي مٿان مسح ڪيل بادشاهہ ڪيو، ۽ توکي سائول جي هٿان ڇڏايم؛ 8۽ توکي پنهنجي ڌڻيءَ جو گهر، ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جون زالون تنهنجي جهوليءَ ۾ ڏنم، ۽ توکي اسرائيل جو، ۽ يهوداہ جو گهراڻو ڏنم؛ ۽ جي اهو ٿورو ٿي پوي ها تہ توکي گهڻيئي شيون ٻيون بہ ڏيان ها. 9تڏهن ڇالاءِ تو خداوند جي ڪلام جي حقارت ڪئي آهي، ۽ جيڪي خدا جي نظر ۾ بڇڙو آهي سو ڪيو اٿئي؟ تو اورياہ حتيءَ کي ترار سان ماريو آهي، ۽ هن جي زال کي پنهنجي زال ڪيو اٿئي، ۽ هن کي بني عمون جي ترار سان قتل ڪرايو اٿئي. 10تنهنڪري هاڻي تنهنجي گهراڻي مان ترار اصل نہ ٽرندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجي حقارت ڪئي آهي، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال کي تو پنهنجي زال بڻايو آهي. 11خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ئي گهر مان تو تي خرابي اُٿاريندس، ۽ تنهنجين اکين آڏو تنهنجون زالون وٺي تنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندس، ۽ اُهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو. 12ڇالاءِ جو تو اهو ڪم ڳجهيءَ طرح ڪيو؛ پر هيءُ ڪم آءٌ اسرائيل جي اڳيان، ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڪندس. 13تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين. 14تڏهن بہ انهيءَ ڪم ڪري تو خداوند جي دشمنن کي ڪفر بڪڻ جو وڏو وجهہ ڏنو آهي، ۽ جيڪو ٻار توکي ڄائو آهي سو بہ ضرور مرندو. 15پوءِ ناتن پنهنجي گهر هليو ويو.
۽ جيڪو ٻار اورياہ جي زال دائود کي ڄڻي ڏنو هو تنهن کي خداوند ڌڪ هنيو، ۽ هو بيمار ٿي پيو. 16تنهنڪري دائود انهيءَ ٻار جي لاءِ خدا کي عرض ڪيو؛ ۽ دائود روزو رکيو، ۽ اندر وڃي سڄي رات زمين تي سمهي رهيو. 17سندس گهر جا بزرگ اُٿيا، ۽ سندس پاسي ۾ بيهي کيس زمين تان اُٿارڻ لڳا: پر هو نہ اُٿيو، ۽ نہ هنن سان گڏجي ماني کاڌائين. 18۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو تہ اهو ٻار مري ويو. ۽ دائود جا نوڪر کيس ٻار جي مرڻ جي خبر ٻڌائڻ کان ڊنا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ڏس، جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو تڏهن جي اسين ساڻس ڳالهائيندا هئاسين، تہ هو اسان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو هو: سو جي هاڻي اسين چونداسين تہ تنهنجو ٻار مري ويو آهي تہ ڪهڙو نہ رنج ٿيندس. 19پر جڏهن دائود ڏٺو تہ سندس نوڪر پيا پاڻ ۾ سُس پُس ڪن، تڏهن سهي ڪيائين تہ ٻار مري ويو آهي: ۽ دائود پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ ٻار مري ويو آهي ڇا؟ ۽ هنن چيو تہ هائو هو مري ويو آهي. 20تڏهن دائود زمين تان اُٿيو، ۽ غسل ڪيائين، ۽ پاڻ کي تيل مکيائين ۽ ڪپڙا بدلايائين؛ پوءِ هو خداوند جي گهر ۾ آيو، ۽ سجدو ڏنائين: پوءِ هو پنهنجي گهر آيو، ۽ سندس گهرڻ تي ماني اڳيان رکي ڏنائونس، ۽ اها هن کاڌي. 21تڏهن سندس نوڪرن چيس تہ تو هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؛ جڏهن ٻار جيئرو هو، تڏهن تو ٻار جي لاءِ روزو رکيو ۽ رُنو، پر جڏهن ٻار مئو تڏهن تو اُٿي ماني کاڌي. 22۽ هن چيو تہ جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو، تڏهن مون روزو رکيو ۽ رُنو: ڇالاءِ جو مون چيو تہ ڪنهن کي خبر، تہ خداوند مون تي مهربان ٿئي ۽ شايد ٻار جيئرو رهي؟ 23پر هاڻي جڏهن هو مري ويو تڏهن آءٌ ڇو روزو رکان؟ آءٌ ڪو هن کي موٽائي آڻي سگهندس ڇا؟ آءٌ هن وٽ وڃي سگهندس، پر هو مون وٽ موٽي اچي نہ سگهندو. 24۽ دائود پنهنجي زال بت سبع کي دلاسو ڏنو، ۽ وٽس وڃي ساڻس ستو: ۽ هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن سليمان رکيو. ۽ خداوند انهيءَ سان محبت رکي؛ 25۽ هن ناتن نبيءَ هٿان چوائي موڪليو، ۽ خداوند واسطي هن جو نالو يديدياہ رکيائين.
26هاڻي يوآب بني عمون جي ربہ سان جنگ ڪري شاهي شهر ورتو. 27۽ يوآب دائود ڏي قاصد موڪلي چيو تہ مون ربہ سان جنگ ڪئي آهي، هائو، مون پاڻين جو قلعو ورتو آهي. 28تنهنڪري هاڻي باقي رهيل ماڻهو گڏ ڪري انهيءَ شهر جي سامهون منزل ڪري انهيءَ کي وٺ: تہ متان آءٌ اهو وٺان، ۽ اهو منهنجي نالي جي پٺيان سڏجي. 29۽ دائود سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ ربہ ڏي ويو، ۽ انهيءَ سان جنگ ڪري انهيءَ کي ورتائين. 30۽ هن انهي جي بادشاهہ جي مٿي تان ڇٽ لاهي ورتو؛ ۽ اهو وزن ۾ هڪڙو قنطار ٿيو، ۽ ان ۾ قيمتي جواهر لڳل هئا؛ ۽ اهو دائود جي مٿي تي رکيو ويو. ۽ هن شهر جي لٽ مان تمام گهڻو مال آندو. 31۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.

Currently Selected:

2 - سموئيل 12: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in