YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 7

7
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو. 2تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي. 3۽ ناتن بادشاهہ کي چيو تہ وڃ، جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توساڻ آهي. 4۽ هيئن ٿيو تہ انهيءَ رات خداوند جو هيءُ ڪلام ناتن تي نازل ٿيو: 5تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو گهر ٺاهيندين ڇا؟ 6ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان، پر هڪڙي تنبوءَ ۽ خيمي ۾ گذر پئي ڪيو اٿم. 7جن جن جاين تي بني اسرائيل سان گڏ پئي هليو آهيان، اُتي اسرائيل جي جنهن ڪنهن فرقي کي مون پنهنجي قوم اسرائيل جي سنڀالڻ لاءِ حڪم پئي ڏنو، تنهن کي ڪڏهن ڪو مون چيو ڇا تہ اوهان ڇو منهنجي لاءِ ديودار جي ڪاٺيءَ جو گهر نہ جوڙيو آهي؟ 8تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين: 9۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن. 10۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجي جاءِ تي رهندا ايندا، ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو وري انهن کي اهڙي تڪليف نہ ڏيندا، جهڙي انهن ڏينهن ۾ ڏيندا هئا، 11جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ توکي تنهنجن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ خداوند توکي چوي ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو. 12جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجن آنڊن مان نڪرندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس. 13هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو، ۽ آءٌ هن جي بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس. 14آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس، ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ هن کي ماڻهن جي لڪڻ سان، ۽ ماڻهن جي چهبڪن سان سيکت ڏيندس؛ 15پر منهنجو رحم هن کي ڇڏي نہ ويندو، جيئن اهو مون سائول تان کڻي ورتو، جنهن کي مون تنهنجي اڳ کان ڪڍي پري ڪيو. 16۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو. 17انهن سڀني ڳالهين موجب، ۽ انهيءَ ساري رويا موجب، ناتن دائود سان ڳالهايو.
18تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟ 19تہ بہ اي خداوند خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، ۽ تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ اهو بہ، اي خداوند خدا، ماڻهن جي دستور موجب! 20۽ وڌيڪ ٻيو دائود توکي ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو، اي خداوند خدا تون پنهنجي ٻانهي کي سڃاڻين ٿو. 21ڇالاءِ جو هي سڀ وڏا ڪم جي تو ڪيا آهن سي پنهنجي ڪلام جي خاطر، ۽ پنهنجي دل جي مرضي موافق تو ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ٻانهي کي انهيءَ مان واقف ڪرين. 22تنهنڪري اي خداوند خدا، تون وڏو آهين: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ تو جهڙو ڪونهي، ۽ نہ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب توکان سواءِ ٻيو ڪو خدا آهي. 23۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم جهڙي، يعني اسرائيل جهڙي، ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، ۽ پنهنجو نالو ڪڍيائين؛ ۽ هن اوهان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا، ۽ تنهنجي ملڪ جي لاءِ ۽ تنهنجي قوم جي لاءِ خوفناڪ ڪم ڪيا؛ ۽ انهن کي پنهنجي لاءِ مصر منجهان اتي جي قومن، ۽ سندن معبودن کان ڇڏائي ڪڍي آندو؟ 24تو پنهنجي لاءِ پنهنجي قوم اسرائيل کي قائم ڪيو تہ اها هميشہ جي لاءِ تنهنجي قوم ٿئي؛ ۽ تون، اي خداوند انهن جو خدا ٿين. 25۽ هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڪر. 26ڀلي تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، ۽ ماڻهو چون تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم ٿيندو. 27ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ چيو تہ آءٌ، تنهنجي لاءِ گهر جوڙيندس: تنهنڪري تنهنجي ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ توکان هيءَ دعا گهري. 28۽ هاڻي، اي خداوند خدا، تون خدا آهين، ۽ تنهنجون ڳالهيون سچ آهن، ۽ تو اُنهيءَ چڱي ڪم جو پنهنجي ٻانهي سان واعدو ڪيو آهي: 29تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي کي برڪت ڏي تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين هلندو هلي: ڇالاءِ جو اي خداوند خدا، تو ائين فرمايو آهي: شل تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گهراڻو هميشہ لاءِ برڪت وارو ٿئي.

Currently Selected:

2 - سموئيل 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in