2 - سموئيل 5
5
1تنهن کان پوءِ اسرائيل جا سڀ فرقا حبرون ۾ دائود وٽ اچي چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون. 2گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين. 3پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ بادشاهہ وٽ حبرون ۾ آيا؛ ۽ بادشاهہ دائود هنن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو: ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.
4جڏهن دائود بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ٽيهن سالن جو هو، ۽ هن چاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. 5حبرون ۾ هن يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي، ۽ يروشلم ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ تي هن ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. 6پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن سميت يروشلم ڏي ويو، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي رهاڪن يعني يبوسين سان وڙهي: انهن دائود کي چيو تہ تون هتي اچي ڪين سگهندين، بلڪ انڌا ۽ منڊا توکي هڪلي ڪڍي ڇڏيندا: هنن ڀانئيو تہ دائود اُتي اچي نہ سگهندو. 7انهيءَ هوندي بہ دائود صيون جو قلعو ورتو؛ ۽ اهو ئي دائود جو شهر آهي. 8۽ دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ جيڪو يبوسين کي ماريندو، سو ڀلي تہ چڙهي پاڻيءَ جي نهر تائين وڃي، ۽ انڌن ۽ منڊن کي ماري جي دائود جي روح کي ڌڪارين ٿا. تنهنڪري چوندا آهن تہ انڌا، ۽ منڊا موجود آهن، هو گهر ۾ اچي ڪين سگهندو. 9۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ کي دائود جو شهر سڏيائون، ۽ دائود ملو کان وٺي اندر تائين چوڌاري گهر جوڙايا. 10۽ دائود زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جو خدا ساڻس هو.
11۽ صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ سرو جا وڻ، ۽ واڍا، ۽ رازا بہ موڪليائين: ۽ انهن دائود جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو. 12۽ دائود کي پڪ ٿي تہ خداوند مون کي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ۽ منهنجي بادشاهيءَ کي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر اعليٰ ڪيو اٿس.
13جڏهن دائود حبرون مان آيو، تنهن کان پوءِ هن يروشلم مان پنهنجي لاءِ وڌيڪ سريتون ۽ زالون هٿ ڪيون: ۽ دائود کي پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون. 14جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا؛ سموعہ، ۽ سوباب، ۽ ناتن، ۽ سليمان، 15۽ ابحار، ۽ اليسوع، نفجہ، ۽ يفيع؛ 16۽ اليسمع، ۽ اليدع، ۽ اليفالط.
17۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ چڙهي ويا، ۽ دائود اهو ٻڌي قلعي ۾ لهي ويو. 18هاڻي فلستي اچي رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙي پيا. 19۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس. 20۽ دائود بعل پراضيم ۾ آيو، ۽ اتي دائود انهن کي شڪست ڏني، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند منهنجن دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي جيئن پاڻي ڀڄندو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو. 21۽ انهن پنهنجا بُت اتي ڇڏيا، جي دائود ۽ سندس ماڻهو کڻي ويا.
22۽ فلستي وري بہ چڙهي آيا، ۽ رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙجي ويا. 23۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ. 24۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توتن جي وڻن جي مٿان هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن تون چُرجانءِ: ڇالاءِ جو انهيءَ وقت خداوند تنهنجي اڳيان فلستين کي مارڻ لاءِ نڪري هلندو. 25۽ دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنس؛ ۽ جبع کان وٺي جزر ۾ پهچڻ تائين فلستين کي ماريندو رهيو.
Currently Selected:
2 - سموئيل 5: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.