YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 4

4
1۽ جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ٻڌو تہ ابنير حبرون ۾ مري ويو آهي، تڏهن هن جا هٿ هيڻا ٿي پيا، ۽ سڀ اسرائيلي پريشانيءَ ۾ پيا. 2۽ سائول جي پٽ اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جي لشڪرن جا سردار هئا: هڪڙي جو نالو بعنہ هو ۽ ٻئي جو نالو ريڪاب هو، ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جو بنيمين مان هو: (ڇالاءِ جو بيروت بہ بنيمين جي شمار ۾ ٿو اچي: 3۽ بيروتي جتيم ڏي ڀڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي ئي رهندا اچن:)
4هاڻي سائول جي پٽ يونتن کي هڪڙو پٽ هو، جو منڊو هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي خبر يزرعيل مان آئي، تڏهن اهو پنجن ورهين جو هو، ۽ سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي: ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هوءَ تڪڙي ٿي ڀڳي تيئن هو ڪري پيو، ۽ منڊو ٿي پيو، ۽ انهيءَ جو نالو مفيبوست هو.
5هاڻي رمون بيروتيءَ جا پٽ ريڪاب ۽ بعنہ روانا ٿيا، ۽ ڏينهن تتي مهل جڏهن اشبوست ٻن پهرن جو آرام ۾ هو تڏهن سندس گهر آيا. 6۽ اتي هو گهر جي وچ تائين هليا آيا، ڄڻ تہ ڪڻڪ وٺڻ آيا هئا: ۽ هن کي پيٽ ۾ ڌڪ هنيائون: پوءِ ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ ٻئي ڀڄي ويا. 7هاڻي جڏهن اُهي گهر ۾ آيا، ۽ هو پنهنجي سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ هنڌ تي سمهيو پيو هو، تڏهن هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائون، ۽ هن جي سسي لاهي اها کڻي عرباہ وارو رستو ڏيئي هليا ويا، ۽ سڄي رات پنڌ ڪيائون. 8۽ هنن اشبوست جي سسي دائود وٽ حبرون ۾ آندي، ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڏس اجها اشبوست جي سسي، جو تنهنجي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توکي مارڻ ٿي گهريو؛ ۽ اڄ خداوند منهنجي ڌڻي بادشاهہ جو وير سائول ۽ هن جي اولاد کان ورتو آهي. 9۽ دائود رمون بيروتيءَ جي پٽن ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن منهنجي روح کي سڀني مصيبتن کان بچايو آهي، 10تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ سائول مري ويو آهي، ۽ هن ڀانئيو ٿي تہ مون وٽ ڪا خوشخبري آندي اٿس، تڏهن مون هن کي پڪڙي صقلاج ۾ قتل ڪري ڇڏيو، ۽ سندس پيغام جو اهو ئي مون هن کي بدلو ڏنو. 11تہ جڏهن ڪن شرير ماڻهن هڪڙي نيڪ ماڻهوءَ کي، خود سندس گهر ۾ پنهنجي هنڌ تي ماريو آهي، تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان جي هٿان وٺان ۽ اوهان کي زمين تان کڻي ڇڏيان؟ 12۽ دائود پنهنجي جوان ماڻهن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن کي قتل ڪيو، ۽ هنن جا هٿ پير وڍيائون، ۽ هنن کي حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ ابنير جي قبر ۾ پوري ڇڏي.

Currently Selected:

2 - سموئيل 4: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in