2 - سموئيل 3
3
1هاڻي سائول جي گهراڻي ۽ دائود جي گهراڻي جي وچ ۾ گهڻي مدت تائين جنگ پئي هلي، ۽ دائود زور وارو ٿيندو ويو، پر سائول جو گهراڻو ضعيف ٿيندو ويو.
2۽ حبرون ۾ دائود کي پٽ ڄاوا: ۽ هن جو پهريون ڄاول پٽ امنون هو، جو اخي نوعم يزرعيلڻ مان هو: 3۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي: 4۽ چوٿون ادونياہ هو، جو حجيت جو پٽ هو؛ ۽ پنجون سفطياہ هو، جو ابيطال جو پٽ هو؛ 5۽ ڇهون اترعام هو، جو دائود جي زال عجلاہ مان هو: اهي دائود کي حبرون ۾ ڄاوا هئا.
6۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول جي گهراڻي جي وچ ۾ جنگ پئي هلي، تہ سائول جي گهراڻي ۾ ابنير زور ورتو. 7هاڻي سائول جي هڪڙي سريت هئي، جنهن جو نالو رصفاہ هو، جا اياہ جي ڌيءَ هئي: ۽ اشبوست ابنير کي چيو تہ تون ڇو منهنجي پيءُ جي سريت سان هم صحبت ٿيو آهين؟ 8تڏهن اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري ابنير ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو يهوداہ جو ڪتو آهيان ڇا؟ اڄوڪي ڏينهن آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گهراڻي کي، ۽ تنهنجن ڀائرن کي، ۽ سندس دوستن کي مهرباني ٿو ڏيکاريان، ۽ توکي جهلي دائود جي حوالي نہ ڪيو اٿم، ۽ تنهن هوندي بہ تون هن زال جي نسبت ۾ اڄ مون مان عيب ٿو ڪڍين؟ 9خدا شل ابنير سان ائين ڪري ۽ وڌيڪ بہ، جي آءٌ دائود سان اهڙو سلوڪ نہ ڪريان، جيئن خداوند دائود سان قسم کڻي انجام ڪيو آهي؛ 10۽ سائول جي گهراڻي مان بادشاهي ڪڍي دائود جو تخت اسرائيل تي، ۽ يهوداہ تي، دان کان وٺي بيرسبع تائين قائم نہ ڪريان. 11تڏهن هو ابنير جي جواب ۾ هڪڙو اکر بہ ڪُڇي نہ سگهيو، جو هن کان ڊنو.
12۽ ابنير پنهنجي طرفان دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ هيءُ ملڪ ڪنهن جو آهي؟ ۽ هي بہ چوايائين تہ مون سان عهد ڪر ۽ ڏس، منهنجو هٿ تو سان ٿيندو، ۽ آءٌ ساري اسرائيل کي تنهنجي پاسي ڪندس. 13۽ دائود چيو تہ چڱو، آءٌ توسان عهد ڪندس، پر هڪڙي ڳالهہ تو کان گهران ٿو، تہ جڏهن تون منهنجي ملاقات لاءِ اچين، تڏهن جيستائين سائول جي ڌيءَ ميڪل پاڻ سان وٺيو نہ ايندين، تيستائين منهنجو منهن نہ ڏسندين. 14۽ دائود سائول جي پٽ اشبوست ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جو انهيءَ سان فلستين جون سؤ کوليون ڏئي مان مڱيو هوس. 15۽ اشبوست انهي کي سندس مڙس وٽان، يعني ليس جي پٽ فلطي ايل وٽان گهرائي ورتو. 16۽ سندس مڙس ساڻس گڏ روئندو هليو، ۽ بحوريم تائين هن جي پٺيان لڳو ويو. تڏهن ابنير هن کي چيو تہ موٽي وڃ: سو هو موٽي ويو.
17۽ ابنير اسرائيل جي بزرگن سان حال ڪري چيو، تہ گذريل ڏينهن ۾ اوهين گهرندا هئا تہ دائود اوهان جو بادشاهہ ٿئي. 18تڏهن هاڻي ائين ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند دائود جي نسبت ۾ فرمايو آهي تہ پنهنجي ٻانهي دائود جي هٿان آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل کي فلستين ۽ سندس ٻين دشمنن جي هٿن کان بچائيندس. 19۽ ابنير بنيمين جي ڪنن ۾ بہ اها ڳالهہ وڌي: پوءِ ابنير حبرون ۾ وڃي دائود کي بہ ٻڌايو تہ ڪهڙي ڳالهہ اسرائيل ۽ ساري بنيمين جي نظر ۾ چڱي آهي. 20تڏهن ابنير دائود وٽ حبرون ۾ آيو، ۽ ساڻس ويهہ ماڻهو هئا، ۽ دائود ابنير، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن جي مهماني ڪئي. 21۽ ابنير دائود کي چيو تہ آءٌ موٽي ويندس ۽ سڀني اسرائيلين کي پنهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ آڻي گڏ ڪندس، تہ اهي توسان عهد اقرار ڪن، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ موجب انهن تي بادشاهي ڪج. ۽ دائود ابنير کي روانو ڪيو؛ ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو. 22۽ ڏسو، دائود جا نوڪر، ۽ يوآب ڦرمار ڪري موٽي آيا، ۽ پاڻ سان گهڻو ئي لٽ جو مال آندائون: پر ابنير حبرون ۾ دائود سان ڪين هو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ کي روانو ڪري ڇڏيو هو، ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو هو. 23جڏهن يوآب، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي آيا تڏهن هنن يوآب کي چيو تہ ابنير بن نير بادشاهہ وٽ آيو هو، ۽ هن انهي کي روانو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو آهي. 24تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائين تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ ڏس، ابنير تو وٽ آيو؛ ۽ ڇو ائين ٿيو جو تو هن کي روانو ڪري ڇڏيو، ۽ هو بنهہ هليو ويو آهي؟ 25۽ تون نير جي پٽ ابنير کي سڃاڻين ٿو، تہ توکي ٺڳڻ ۽ تنهنجي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي، ۽ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ آيو هو. 26۽ جڏهن يوآب دائود وٽان نڪتو تڏهن هن ابنير جي پٺيان قاصد موڪليا، ۽ اهي هن کي سيرہ جي کوهہ وٽان موٽائي وٺي آيا: پر دائود کي انهيءَ وچ جي خبر ڪانہ هئي. 27۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو. 28۽ پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چيائين تہ آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير بن نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي اڳيان بي ڏوها آهيون. 29ڀلي تہ اهو يوآب ۽ سندس اباڻي گهراڻي تي پوي؛ ڀلي تہ يوآب جي گهراڻي مان ڪونہ ڪو اهڙو ٿئي جنهن کي ڳوڙهي نڪري يا ڪوڙهيو هجي، يا جو لٺ تي هلي، يا جو ترار سان قتل ٿئي، يا جو مانيءَ لاءِ محتاج هجي. 30انهيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، ابنير کي ڪُٺو، ڇالاءِ جو هن انهن جي ڀاءُ عساهيل کي جبعون منجهہ جنگ ۾ ماريو هو.
31۽ دائود يوآب کي، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني کي چيو، تہ اوهين پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو، ۽ کٿا ڍڪيو، ۽ ابنير جي لاءِ ماتم ڪريو. ۽ بادشاهہ دائود جنازي جي پٺيان لڳي هليو. 32۽ هنن ابنير کي حبرون ۾ دفن ڪيو: ۽ بادشاهہ ابنير جي قبر تي وڏي آواز سان رُنو، ۽ سڀني ماڻهن رُنو. 33۽ بادشاهہ ابنير جي لاءِ ماتم ڪيو، ۽ چيائين تہ ابنير کي هڪڙي بي عقل وانگر مرڻ گهرجي ڇا؟ 34تنهنجا هٿ نہ ٻڌا ويا، نڪي تنهنجا پير زنجيرن ۾ هئا: جيئن ڪو ماڻهو گنهگارن جي اڳيان ڪري ٿو، تيئن تون بہ ڪرين. پوءِ سڀني ماڻهن وري بہ هن تي رُنو. 35۽ سڀيئي ماڻهو آيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن بيٺي دائود کي ماني کارائين؛ پر دائود قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ وڌيڪ. 36۽ سڀني ماڻهن انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان ڏنو، ۽ اها هنن کي وڻي: جو جيڪي بہ بادشاهہ ڪيو سو سڀني ماڻهن کي پسند آيو. 37انهيءَ طرح سڀني ماڻهن، ۽ سڀني اسرائيلين انهيءَ ڏينهن سمجهيو تہ ابنير بن نير جي مارجڻ ۾ بادشاهہ جو هٿ نہ هو. 38۽ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اڄوڪي ڏينهن هڪڙو سردار ۽ هڪڙو وڏو ماڻهو اسرائيل ۾ ڪري پيو آهي؟ 39۽ آءٌ اڄوڪي ڏينهن، جيتوڻيڪ مسح ڪيل بادشاهہ آهيان، تہ بہ ضعيف آهيان؛ هي ماڻهو، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن: خداوند شل شرير کي سندس شرارت موجب بدلو ڏئي.
Currently Selected:
2 - سموئيل 3: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.