YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 2

2
1انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي. 2تڏهن دائود پنهنجين ٻنهي زالن سان اوڏي ويو، يعني اخي نوعم يزرعيلڻ، ۽ ابيجيل، جا نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: 3۽ دائود، جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن مان هر ڪنهن کي سندن گهراڻي سميت وٺي ويو: ۽ هو حبرون جي شهرن ۾ رهڻ لڳا. 4۽ يهوداہ جا ماڻهو آيا، ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري يهوداہ جي گهراڻي تي بادشاهہ ڪيو.
۽ هنن دائود کي چيو تہ يبيس جلعاد جا ماڻهو اهي آهن جن سائول کي دفن ڪيو هو. 5۽ دائود يبيس جلعاد جي ماڻهن ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ کي، يعني سائول کي اها مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ انهيءَ کي دفن ڪيو اٿوَ. 6۽ هاڻي شل خداوند اوهان کي مهرباني ۽ سچ ڏيکاري: ۽ آءٌ اوهان کي انهيءَ مهربانيءَ جو عيوض ڏيندس، ڇالاءِ جو اوهان ائين ڪيو آهي. 7تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.
8هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛ 9۽ انهيءَ کي جلعاد، ۽ آشرين، ۽ يزرعيل، ۽ افرائيم، ۽ بنيمين، ۽ سڄي اسرائيل تي بادشاهہ ڪيائين 10(جڏهن سائول جو پٽ اشبوست اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو چاليهن ورهين جو هو، ۽ هن ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي). پر يهوداہ جي گهراڻي دائود جي پيروي ڪئي. 11۽ حبرون ۾ يهوداہ جي گهراڻي تي دائود جي بادشاهي ڪرڻ جو عرصو ست ورهيہ ۽ ڇهہ مهينا هو.
12۽ ابنير بن نير، ۽ اشبوست بن سائول جا نوڪر محنايم مان نڪري جبعون ڏي ويا. 13۽ ضروياہ جو پٽ يوآب، ۽ دائود جا نوڪر نڪري ويا، ۽ جبعون جي ڍنڍ وٽ وڃي هنن کي گڏيا، ۽ هو ٻئي اُتي ويهي رهيا، هڪڙو ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڍنڍ جي ٻئي پاسي. 14۽ ابنير يوآب کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جوان ماڻهو اُٿي اسان جي اڳيان راند ڪن. ۽ يوآب چيو تہ ڀلي اُٿن. 15تڏهن هو اُٿي شمار موجب اوڏي ويا؛ ٻارهن بنيمين، ۽ اشبوست بن سائول جي طرفان، ۽ ٻارهن دائود جي نوڪرن جي طرفان. 16۽ انهن مان هرهڪ پنهنجي سامهون ٿيندڙ کي سسيءَ کان وٺي پنهنجي ترار انهيءَ جي پاسي ۾ لنگهائي ڏني؛ ۽ انهيءَ طرح هو سڀ گڏ ڪري پيا: تنهنڪري انهيءَ هنڌ کي حلقت حصوريم (يعني تکي ڪپ جي ٻني) جو نالو ڏنو ويو، جو جبعون ۾ آهي. 17۽ انهيءَ ڏينهن جنگ ڏاڍي سخت لڳي؛ ۽ ابنير ۽ اسرائيل جي ماڻهن، دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي. 18۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ. 19۽ عساهيل ابنير جي پٺيان پيو؛ ۽ ويندي مهل هو ابنير جي پٺيان لڳڻ کان نہ سڄي هٿ پاسي ڦريو ۽ نہ کٻي هٿ پاسي. 20تڏهن ابنير پٺتي نهاري چوڻ لڳو تہ عساهيل، اهو تون آهين ڇا؟ هن ورندي ڏني تہ اهو آءٌ آهيان. 21تڏهن ابنير هن کي چيو تہ تون پنهنجي سڄي هٿ پاسي يا کٻي هٿ پاسي ڦري پؤ، ۽ جوان ماڻهن مان هڪڙي کي جهلي ان جي زرهہ هٿ ڪر. پر عساهيل هن جي پٺيان پوڻ کان ڪين مڙيو. 22۽ ابنير وري عساهيل کي چيو تہ منهنجي پٺيان نہ اچ، ٻئي پاسي وڃ: ڇو توکي ماري زمين تي ڪيرائي وجهان؟ پوءِ ڪيئن تنهنجي ڀاءُ يوآب جي اڳيان منهن مٿي کڻي سگهندس؟ 23۽ انهيءَ هوندي بہ هن ٻئي پاسي وڃڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجهانئس لنگهي پٺيان نڪري آيو، ۽ هو اتي ڪري پيو، ۽ انهيءَ هنڌ مري ويو: ۽ هيئن ٿيو تہ جنهن هنڌ عساهيل ڪري مري پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو پئي آيا سي ماٺ ڪري بيهندا ويا. 24پر يوآب ۽ ابي شئي، ابنير جي پٺيان پيا: ۽ جڏهن هو امہ جي ٽڪر وٽ آيا، جو جبعون جي بيابان جي رستي تي جياح جي اڳيان آهي، تڏهن سج لهي ويو. 25۽ بني بنيمين ابنير جي پٺيان گڏ ٿيا، ۽ هڪ ٽولي ٿي هڪڙيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بيهي رهيا. 26تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ترار هميشہ پئي کائيندي ڇا؟ تون ايترو نٿو ڄاڻين تہ پڇاڙيءَ ۾ ڪَڙائي پيدا ٿيندي؟ تڏهن ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جي پٺيان نہ پون؟ 27۽ يوآب چيو تہ خدا جيئري جو قسم آهي تہ جيڪڏهن تون ايترو نہ چوين ها، تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پوي ها، ۽ صبح تائين هليو هلي ها. 28تڏهن يوآب قرناءِ وڄائي ۽ سڀ ماڻهو بس ڪري بيهي رهيا، ۽ وڌيڪ اسرائيل جي پٺيان نہ پيا، ۽ نہ وري انهن سان وڙهيا. 29۽ ابنير ۽ سندس ماڻهو اها سڄي رات عرباہ مان پنڌ ڪندا ويا؛ ۽ اهي يردن لنگهي هن ڀر ٿيا، ۽ بترون کي لتاڙي محنايم ۾ آيا. 30۽ يوآب ابنير جي پٺ ڇڏي موٽيو: ۽ جڏهن هن سڀ ماڻهو آڻي گڏ ڪيا، تڏهن دائود جي نوڪرن مان اڻويهہ ماڻهو ۽ عساهيل ڏسڻ ۾ نہ آيا. 31پر دائود جي نوڪرن بنيمين ۽ ابنير جي ماڻهن مان ٽي سؤ سٺ ماڻهو ماريا. 32۽ هنن عساهيل کي کڻي سندس پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو، جا بيت الحم ۾ هئي. ۽ يوآب ۽ سندس ماڻهن اها سڄي رات پنڌ ڪيو، ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل حبرون ۾ پهتا.

Currently Selected:

2 - سموئيل 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in