2 - سموئيل 23
23
1هاڻي هي دائود جون پويون ڳالهيون آهن.
دائود پٽ يسيءَ جو چوي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو مٿي چاڙهيو ويو هو سو چوي ٿو، جو يعقوب جي خدا جو مسح ڪيل آهي، ۽ اسرائيل جا مٺا زبور ڳائيندڙ آهي.
2خداوند جي روح منهنجي معرفت ڳالهايو، ۽ سندس ڪلام منهنجي زبان تي هو. 3اسرائيل جي خدا فرمايو، اسرائيل جي ٽڪر مون سان ڳالهايو: جيڪو ماڻهن تي سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، جو خدا جي ڊپ سان بادشاهي ڪري ٿو، 4اهو صبح جي روشنائيءَ وانگر ٿيندو، جيئن سج اُڀري ٿو: ۽ مينهن کان پوءِ صاف روشنائي ڪري ٿو، جا ڪڪرن کان سواءِ صاف صبح جو ٿئي ٿي: ۽ جڏهن سنهڙو گاهہ زمين مان نڪري ٿو. 5تحقيق منهنجو گهراڻو خداوند وٽ اهڙو نہ آهي؛ انهيءَ هوندي بہ هن هميشہ لاءِ مون سان عهد اقرار ڪيو آهي، جو سڀني ڳالهين ۾ ترتيب وارو ۽ محڪم آهي: ڇالاءِ جو اهو منهنجو پورو ڇوٽڪارو، ۽ منهنجي سموري خواهش آهي، ۽ جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي نٿو وڌائي.
6پر سڀ بي دين ماڻهو ڪنڊن وانگر اُڇلايا ويندا، ڇالاءِ جو اهي هٿن سان کڻي نہ سگهبا.
7پر جيڪو ماڻهو انهن کي هٿ لائيندو، تنهن کي ضرور لوهہ يا نيزي جي لٺ گهرجي؛ ۽ اهي پنهنجي جاءِ تي باهہ سان بلڪل ساڙيا ويندا.
8جيڪي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جا نالا هي آهن: يوشيب‑بشيبت، تحڪموني جو لشڪري سردارن ۾ وڏو هو؛ اهو ساڳيو ادينو ايزني هو، جنهن هڪڙي ڀيري اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪيا هئا. 9انهيءَ کان پوءِ اليعزر بن دودي هو، جو هڪڙي اخوحي جو پٽ هو، جو دائود جي ٽن پهلوانن مان هڪڙو هو، جڏهن اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا هئا تڏهن هو جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي سامهون پيو. 10هو اُٿيو ۽ فلستين کي اهڙو ماريائين جو سندس هٿ ٿڪجي پيو ۽ ترار سندس هٿ سان چنبڙي پئي: ۽ خداوند انهيءَ ڏينهن وڏي فتح ڏني، ۽ ماڻهو انهيءَ جي پٺيان رڳو لٽ ڪرڻ لاءِ موٽيا. 11۽ انهيءَ کان پوءِ سمہ بن اجي حراري هو، ۽ فلستي گڏ ٿي اچي انهيءَ هنڌ لشڪر ٿي بيٺا جنهن هنڌ ماڻهن جي پوک بيٺل هئي؛ ۽ ماڻهو فلستين کان ڀڄي ويا. 12پر هو انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ بيهي رهيو، ۽ انهيءَ کي بچائڻ لڳو، ۽ فلستين کي ڪُٺائين: ۽ خداوند هڪڙي وڏي فتح ڏني. 13۽ ٽيهن سردارن مان ٽي هيٺ لهي فصل لڻڻ جي موسم ۾ عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا؛ ۽ فلستين جو لشڪر رفائيم جي واديءَ ۾ منزل ڪري لٿو پيو هو. 14۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جو پهري وارو لشڪر تڏهن بيت الحم ۾ هو. 15۽ دائود گهڻيءَ سڪ مان چيو تہ بيت الحم جو کوهہ، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، تنهن مان ڪو مون کي پاڻي پياري تہ واهہ! 16۽ اهي ٽي پهلوان فلستين جي لشڪر مان زور سان لنگهي دروازي جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي دائود وٽ کڻي آيا: پر اهو هن پيئڻ نہ گهريو، پر خداوند جي اڳيان هاري ڇڏيائين. 17۽ هن چيو تہ اي خداوند، شل ائين نہ ٿئي تہ آءٌ هيئن ڪريان: هي ماڻهو پنهنجي ساهہ تان آهو کڻي ويا تن جو رت پيئان ڇا؟ تنهنڪري هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي پهلوانن هي ڪم ڪيا. 18۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو. 19انهن ٽن مان هو زيادہ عزت وارو نہ هو ڇا؟ تنهنڪري اهو انهن ۾ وڏو ٿيو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن سان مٽ نہ پيو. 20۽ بناياہ بن يهويدع، قبضيل جي هڪڙي بهادر شخص جو پٽ، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جي ٻن پٽن کي ڪُٺو: هن برف جي موسم ۾ هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو: 21۽ هن مصر جي هڪڙي قداور ماڻهو کي قتل ڪيو: ۽ انهيءَ مصريءَ کي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو هو؛ پر هو مٿس لٺ کڻي ڪاهي ويو، ۽ مصريءَ جي هٿن مان ڀالو کسي ورتائين. 22اهي ڪم انهي بناياہ بن يهويدع ڪيا، ۽ انهن ٽن پهلوانن مان نالو ڪڍيائين. 23هو ٽيهن کان وڌيڪ عزت وارو هو، مگر پهرين ٽن جي مٽ نہ هو. ۽ دائود انهيءَ کي پنهنجن پهري وارن جي مٿان رکيو.
24۽ يوآب جو ڀاءُ عساهيل انهن ٽيهن مان هڪڙو هو؛ الحنان، بيت الحم واري دودو جو پٽ؛ 25سمہ حرودي، ۽ القہ حرودي؛ 26خلص فلطي، عيرا بن عقيس تقوعي، 27ابي عزر عنتوتي، مبوني حوساتي؛ 28ضلمون اخوحي، مهري نطوفاتي؛ 29جلب بن بعنہ نطوفاتي، اتي بن ريبي، بنيمين جي جبعہ وارو؛ 30بناياہ فرعاتوني، هدي، جعس جي نهرن وارو؛ 31ابي علبون عرباتي، عزماوت برحومي؛ 32الحيبہ سعلبوني، يسين جا پٽ، يونتن؛ 33سمہ حراري، اخي آم بن سرار هراري؛ 34اليفلط بن احسبي، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، الي عام بن اخيتفل جلوني؛ 35حصرو ڪرملي، فعري اربي؛ 36اجال بن ناتن ضوباہ جو؛ باني جدي؛ 37صلق عموني، نحري بيروتي، جي يوآب بن ضروياہ جا زرهہ بردار هئا؛ 38عيرا اتري ۽ جريب اتري؛ 39اورياہ حتي؛ اهي سڀ ستٽيهہ ڄڻا هئا.
Currently Selected:
2 - سموئيل 23: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.