2 - سموئيل 24
24
1۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر. 2۽ بادشاهہ، لشڪر جو سردار يوآب، جو ساڻس هو، تنهن کي چيو تہ هاڻي تون دان کان وٺي بيرسبع تائين اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ وڃ ۽ ماڻهن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ ڪل ماڻهو ڪيترا آهن. 3۽ يوآب بادشاهہ کي چيو تہ هاڻي خداوند تنهنجو خدا شل تنهنجي قوم وڌائي جيتري هينئر هجي تنهن کان شل سؤ ڀيرا زيادہ ٿئي، ۽ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ انهيءَ کي ڏسي: پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ اهو ڪم ڇو ٿو پسند ڪري؟ 4انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب ۽ لشڪر جي سردارن کان ڳوري ٿي. ۽ يوآب ۽ لشڪر جا سردار بادشاهہ جي حضور مان نڪري ويا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي قوم جو شمار ڪن. 5۽ هو يردن پار لنگهي، جيڪو شهر جد جي واديءَ جي وچ ۾ آهي تنهن جي سڄي پاسي عروعير ۾ يعزر تائين تنبو هڻي لهي پيا: 6پوءِ هو جلعاد ۾ ۽ تحتيم‑حدسيءَ جي زمين ۾ آيا؛ ۽ هو دان‑يعن کان ڦيرو ڪري صيدا ۾ آيا. 7۽ صور جي قلعي ۾ ۽ حوين ۽ ڪنعانين جي سڀني شهرن ۾ آيا: ۽ هو نڪري يهوداہ جي ڏکڻ ڏي بيرسبع وٽ آيا. 8سو جڏهن هو ساري ملڪ ۾ گهمي رهيا تڏهن نوَن مهينن ۽ ويهن ڏينهن کان پوءِ هو يروشلم ۾ آيا. 9۽ يوآب ماڻهن جي شمار جو ڪل جوڙ بادشاهہ کي ڏنو: ۽ اسرائيل ۾ اٺ لک بهادر ترار مار موجود هئا؛ ۽ يهوداہ جا ماڻهو پنج لک ٿيا.
10ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود پشيمان ٿيڻ لڳو. ۽ دائود خداوند کي چيو تہ جيڪي مون ڪيو آهي تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي. 11۽ جڏهن دائود صبح جو اُٿيو تڏهن خداوند جو ڪلام دائود جي غيب دان جاد نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ 12وڃي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ٽي شيون ٿو آڇيان؛ انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ توسان ائين ڪريان. 13تڏهن جاد دائود کي اچي چيو تہ ڇا ڏڪار جا ست ورهيہ تنهنجي زمين ۾ اچن؟ يا جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي پٺيان پون تڏهن تون انهن جي اڳيان ٽي مهينا ڀڄندو رهين؟ يا تنهنجي زمين ۾ ٽن ڏينهن جي وبا پوي؟ هاڻي دل ۾ ويچار ڪري ٻڌاءِ، تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي ڪهڙو جواب موٽائي ڏيان. 14۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي مناسب آهي تہ خداوند جي هٿ ۾ هلي پئون؛ ڇالاءِ جو هن جون وڏيون رحمتون آهن: آءٌ ماڻهو جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو. 15تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين اسرائيل تي وبا موڪلي: ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا. 16۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو. 17۽ جڏهن دائود ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ڏس، مون گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليو آهيان: پر هنن رڍن ڇا ڪيو آهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي، ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف ٿئي.
18۽ انهيءَ ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مٿي وڃ، ۽ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ. 19۽ دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند حڪم ڪيو هو تيئن مٿي ويو. 20۽ اروناہ اڳيان نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن سميت ڏانهنس ٿو اچي: ۽ اروناہ ٻاهر نڪري ويو ۽ بادشاهہ جي اڳيان منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين. 21۽ اروناہ چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڇالاءِ پنهنجي ٻانهي وٽ آيو آهي. تڏهن دائود چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ توکان اَن ڳاهڻ جو پڙ خريد ڪري خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان، تہ وبا خلق تان ٽري. 22۽ اروناہ دائود کي چيو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڀلي جيڪي وڻيس سو وٺي چاڙهي: ڏس، سوختني قربانيءَ جي لاءِ ڏاند ۽ ڳاهڻ جا اوزار ۽ ڪاٺين جي لاءِ ڏاندن جا سنج حاضر آهن: 23اي بادشاهہ، اهو سڀ اروناہ بادشاهہ کي ٿو ڏئي ۽ اروناہ بادشاهہ کي چيو تہ شل خداوند تنهنجو خدا توکي قبول ڪري. 24تڏهن بادشاهہ اروناہ کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو؛ بلڪ آءٌ ملهہ ڏيئي اهو توکان خريد ڪندس: آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اهڙيون سوختنيون قربانيون نہ چاڙهيندس جن لاءِ مون ڪجهہ ڪين خرچيو هجي. پوءِ دائود اهو ڳاهڻ وارو پڙ ۽ ڏاند، چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل ڏيئي ورتا. 25۽ اتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ سوختنيون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ طرح ملڪ جي لاءِ خداوند کان دعا گهري ويئي، ۽ وبا اسرائيل تان دفع ٿي.
Currently Selected:
2 - سموئيل 24: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.