2 - سموئيل 22
22
1جنهن ڏينهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن جي هٿان ۽ سائول جي هٿان ڇڏايو، انهي ڏينهن هن هيءُ گيت خداوند جي اڳيان ڳايو: 2۽ هن چيو تہ خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو ڪوٽ، ۽ منهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ 3خداوند منهنجو ٽڪر آهي، جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي؛ منهنجي سپر آهي، ۽ منهنجي ڇوٽڪاري جو سڱ، منهنجو مٿانهون ٺلهہ، ۽ منهنجي پناهہ آهي؛ اي منهنجا ڇوٽڪارو ڏيندڙ، تون مون کي ظلم کان بچائين ٿو. 4آءٌ خداوند کي سڏيندس، جو تعريف جي لائق آهي: انهيءَ ڪري آءٌ پنهنجن دشمنن کان ڇٽي پوندس.
5ڇالاءِ جو موت جي لهرن مون کي وڪوڙيو، بيدينيءَ جي سيلاب مون کي ڊيڄاريو. 6پاتال جا رسا منهنجي چوڌاري پيل هئا: موت جا دام مون تي آيا.
7پنهنجي مصيبت ۾ مون خداوند کي سڏيو: هائو مون پنهنجي خداوند کي پڪاريو: ۽ هن پنهنجي هيڪل مان منهنجو آواز ٻڌو، ۽ منهنجي دانهن هن جي ڪنن تائين پهتي. 8تڏهن زمين لڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، آسمان جو بنياد سندس ڪاوڙ جي ڪري ڌڏڻ ۽ لڏڻ لڳو.
9سندس ڪاوڙ مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان نڪتل باهہ کائي چٽ ڪري ويئي: انهيءَ مان اڱر ٻَرڻ لڳا.
10هن آسمان کي بہ جهڪايو ۽ هيٺ لهي آيو، ۽ سندس پيرن هيٺ گهاٽي اونداهي هئي. 11هو هڪڙي ڪروبيءَ تي چڙهي اُڏامي ويو: هائو، هو واءُ جي کنڀن تي ڏٺو ويو. 12هن اونداهيءَ مان پنهنجي چوڌاري تنبو جوڙيا، ۽ پاڻيءَ مان آسمان جا گهاٽا ڪڪر جوڙيائين.
13سندس اڳيان تجلي ڪِري ڪوئلا ٻَري پيا.
14خداوند آسمان مان گجگوڙ ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ٻڌايو.
15۽ هن تير موڪليا ۽ اهي پکيڙي ڇڏيائين؛ وڄ موڪلي هن انهن کي بي آرام ڪيو. 16تنهن کان پوءِ خداوند جي ڌمڪيءَ سان، سندس ڪاوڙ مان ڪڍيل ڦوڪ ڪري سمنڊ جون کاريون ظاهر ٿيون، ۽ دنيا جا بنياد کُلي پيا.
17هن مٿان موڪلي مون کي کڻي ورتو؛ هن مون کي وڏن پاڻين مان ڪڍي ورتو؛ 18هن منهنجي زور واري دشمن کان مون کي ڇڏايو، ۽ جن مون کي ڌڪاريو ٿي: ڇالاءِ جو هو مون کان گهڻو زور وارا هئا.
19هو منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون تي آيا؛ پر خداوند منهنجي ٽيڪ هو.
20هن مون کي هڪڙي ڪشادي هنڌ ۾ آندو: هن مون کي ڇڏايو ڇالاءِ جو هو مون مان راضي هو.
21خداوند مون کي منهنجي سچائيءَ موجب انعام ڏنو: هن منهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ موجب مون کي بدلو ڏنو.
22ڇالاءِ جو مون خداوند جي رستن جي سنڀال ڪئي آهي: ۽ شرارت ڪري خدا کان پري نہ ٿيو آهيان.
23ڇالاءِ جو هن جا سڀ فيصلا منهنجي اڳيان هئا: ۽ هن جي قاعدن کان آءٌ اصل پري نہ ٿيس. 24آءٌ ڏانهنس ڪامل بہ رهيس، ۽ پاڻ کي پنهنجي گناهن کان روڪيم.
25تنهنڪري خداوند منهنجي سچائيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو آهي؛ ۽ سندس اڳيان ڪيل پاڪيزگيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو اٿس.
26رحم وارن سان تون پاڻ کي رحم وارو ڏيکاريندين، ۽ ڪامل انسان سان تون پاڻ کي ڪامل ڏيکاريندين؛
27پاڪ ماڻهن سان تون پاڻ کي پاڪ ڏيکاريندين؛ ۽ ڏنگن ماڻهن سان تون پاڻ کي ڏنگو ڏيکاريندين.
28غمزدن ماڻهن کي تون بچائيندين: پر تنهنجون اکيون مغرورن تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن کي لاهي هيٺ ڪرين.
29ڇالاءِ جو اي خداوند، تون منهنجو ڏيئو آهين: ۽ خداوند منهنجي اونداهي بدلائي سوجهرو ڪندو.
30ڇالاءِ جو تنهنجي مدد سان آءٌ هڪڙي لشڪر تي ڪاهي ٿو وڃان: پنهنجي خدا جي مدد سان آءٌ ڀت ٽپي ٿو وڃان.
31باقي خدا جو رستو ڪامل آهي: خداوند جو ڪلام آزمايل آهي؛ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن سڀني جي لاءِ هو هڪڙي سپر آهي.
32ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ڪير ٽڪر آهي؟
33خدا منهنجو مضبوط قلعو آهي: ۽ هو ڪامل ماڻهوءَ کي پنهنجي رستي تي سونهون ٿي هلائي ٿو.
34منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي پنهنجين مٿانهين جاين تي ٿو رکي.
35هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ٿو سيکاري؛ اهڙيءَ طرح جو منهنجون ٻانهون پتل جي ڪمان بہ موڙي ٿيون سگهن.
36تو مون کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي سپر بہ ڏني آهي: ۽ تنهنجي مهربانيءَ مون کي وڏو ڪيو آهي.
37تو منهنجا قدم مون هيٺان ڪشادا ڪيا آهن، ۽ منهنجا پير ترڪيا نہ آهن.
38آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پيو آهيان، ۽ انهن کي ناس ڪيو اٿم؛ ۽ جيسين هو چٽ نہ ٿي ويا تيسين آءٌ نہ موٽيس.
39مون انهن کي نابود ڪري ڇڏيو، ۽ اهڙو وڍي ماريو جو هو اُٿي نٿا سگهن: هائو هو منهنجن پيرن هيٺ ڪري پيا آهن.
40ڇالاءِ جو تو مون کي جنگ جي لاءِ زور سان ڪمر ٻڌائي آهي: جيڪي سنبري مون تي ڪاهي آيا تن کي تو جيتي منهنجي هيٺان ڪيو.
41تو منهنجن دشمنن کي منهنجي اڳيان پٺي ڏيئي ڀڄارايو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي وڍي ڇڏيان.
42هنن گهڻوئي، نهاريو پر بچائڻ وارو ڪونہ ٿين؛ بلڪ خداوند ڏي بہ نهاريائون پر هن انهن کي ورندي ڪانہ ڏني.
43تڏهن مون هنن کي ڪُٽي ڪُٽي زمين جي مٽيءَ جهڙو سنهو ڪري ڇڏيو مون هنن کي گهٽين جي گپ وانگر لتاڙيو، ۽ هنن کي هيڏي هوڏي پکيڙي ڇڏيم.
44تو مون کي منهنجي قوم جي جهيڙن جهڳڙن کان بہ بچايو؛ تو مون کي قوم جو مهندار ٿيڻ لاءِ سنڀاليو آهي: جنهن قوم کي آءٌ سڃاڻندو ئي نہ هوس سا منهنجي خدمت چاڪري ڪندي.
45ڌاريا ماڻهو منهنجي تابعداري ڪندا: منهنجو ٻڌندا ۽ هڪدم منهنجا فرمانبردار ٿيندا.
46ڌاريا ماڻهو ساڻا ٿي ويندا، ۽ پنهنجن قلعن مان ڏڪندا نڪري ايندا.
47خداوند جيئرو آهي؛ ۽ منهنجو ٽڪر شل برڪت وارو هجي؛ ۽ خدا، منهنجي ڇوٽڪاري جو ٽڪر شل سرفراز ٿئي:
48اهو خدا، جو منهنجي پاران وير وٺي ٿو، ۽ قومن کي منهنجي هيٺان ڪري ٿو، 49۽ جو مون کي پنهنجن دشمنن مان ڪڍي وٺي ٿو: هائو، جيڪي منهنجي مٿان ڪاهي اچن ٿا تن جي مٿان تون مون کي چاڙهين ٿو: تون مون کي ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇڏائين ٿو.
50تنهنڪري اي خداوند، قومن ۾ آءٌ تنهنجا شڪرانا بجا آڻيندس، ۽ تنهنجي نالي جي آءٌ تعريف ڳائيندس.
51هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي: ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي هميشہ محبت جهڙي مهرباني ڏيکاري ٿو، يعني دائود کي ۽ سندس اولاد کي.
Currently Selected:
2 - سموئيل 22: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.