YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 21

21
1۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو. 2تڏهن بادشاهہ جبعونين کي سڏي چيو؛ (هاڻي اهي جبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا پر باقي بچيل امورين مان هئا؛ ۽ بني اسرائيل هنن سان قسم کنيو هو: ۽ سائول بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ جي جوش ۾ هنن کي قتل ڪرڻ ٿي گهريو:) 3۽ دائود جبعونين کي چيو تہ آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ۽ ڪهڙي طرح انهيءَ گناهہ جو عيوض ڏيان تہ اوهين خداوند جي ميراث لاءِ دعا گهرو؟ 4۽ جبعونين هن کي چيو تہ اهو اسان ۽ دائود يا سندس گهراڻي جي وچ ۾، ڪو سون يا روپي جو تڪرار نہ آهي؛ نڪي اسان کي اسرائيل مان ڪنهن کي مارڻو آهي. تڏهن هن چيو تہ جيئن اوهين چوندا تيئن آءٌ ڪندس. 5۽ هنن بادشاهہ کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ اسان کي چٽ ڪيو ۽ اسان جي برخلاف اها رٿ ڪيائين تہ اسين اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ رهڻ کان نيست نابود ٿي وڃون، 6تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس. 7پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾. 8پر بادشاهہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ جا ٻہ پٽ، جي سائول مان ڄاوا هئس، يعني ارموني ۽ مفيبوست، ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل جا پنج پٽ، جي هن عدري ايل بن برزلي محولاتيءَ مان ڄڻيا هئا، تن کي ورتو: 9۽ انهن کي جبعونين جي حوالي ڪيائين، ۽ هنن انهن کي خداوند جي اڳيان جبل تي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ۽ اهي ست ئي گڏ مئا: ۽ اهي فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾، جَوَن جي فصل لهڻ جي شروعات ۾، پهرين ڏينهن ۾ قتل ڪيا ويا. 10۽ اياہ جي ڌيءَ رصفہ کٿو کڻي پنهنجي لاءِ ٽڪر تي پکيڙيو، ۽ اهو فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي ايستائين اتي پيل هو جيستائين انهن تي آسمان مان پاڻي نہ پيو، ۽ هن ڏينهن جو هوا جي پکين کي، ۽ رات جو جهنگ جي جانورن کي انهن تي ويهڻ نہ ڏنو. 11۽ دائود کي وڃي ٻڌايائون تہ اياہ جي ڌيءَ رصفہ، سائول جي سريت هيئن ڪيو آهي. 12۽ دائود وڃي يبيس جلعاد جي ماڻهن کان سائول جا ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جي انهن بيت شان جي گهٽيءَ مان چورايا هئا؛ جنهن ڏينهن فلستين سائول کي جلبوعہ ۾ قتل ڪيو، انهيءَ ڏينهن فلستين انهن کي اُتي ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو: 13۽ اتان هن سائول جا ۽ سندس سڀ يونتن جا هڏا آندا؛ ۽ جيڪي ڦاسيءَ ڏنا ويا هئا تن جا هڏا انهن گڏ ڪيا. 14۽ انهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا، ضلع ۾ بنيمين جي ملڪ ۾، ۽ سندس پيءُ قيس جي قبر ۾ دفن ڪيا: ۽ جيڪو بادشاهہ حڪم ڪيو سو هنن بجا آندو. ۽ انهيءَ کان پوءِ ملڪ جي لاءِ خدا دعا ٻڌي.
15۽ فلستين وري بہ اسرائيل سان جنگ شروع ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجن نوڪرن سميت لهي وڃي فلستين سان وڙهيو: ۽ دائود عاجز ٿي پيو. 16۽ اشبي بنوب، جو راڪاس جي پٽن مان هو، ۽ جنهن جي نيزي جي تور پتل جا ٽي سؤ شيڪل هئي، ۽ هڪڙي نئين ترار سندس چيلهہ سان ٻڌل هئي، تنهن دائود کي مارڻ جو ارادو ڪيو. 17پر ابيشي بن ضروياہ هن جي مدد ڪئي، ۽ انهيءَ فلستيءَ کي شڪست ڏيئي ڪُٺائين، تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ اڳتي تون اسان سان جنگ تي نہ هلندين متان اسرائيل جو ڏيئو اُجهائي ڇڏين.
18۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جوب ۾ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي: تڏهن سبڪي حوساتيءَ سف کي قتل ڪيو، جو راڪاس جي پٽن مان هو. 19۽ جوب ۾ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي؛ الحنان بن يعري ارجيم بيت الحميءَ جاتي جوليت کي قتل ڪيو، جنهن جو نيزو ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو. 20۽ وري جات ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو هو، جنهن کي هرهڪ هٿ ۾ ڇهہ آڱريون، ۽ هرهڪ پير ۾ ڇهہ آڱريون، ڪل چوويهہ آڱريون هيون؛ ۽ اهو بہ راڪاس جو اولاد هو. 21۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي وڙهڻ لاءِ هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو. 22اهي چار ئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا، ۽ اهي دائود جي هٿان، ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا.

Currently Selected:

2 - سموئيل 21: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in